سِنتي ۽ روما لوڪ

سِنتي ۽ روما لوڪ

سِنتي ۽ روما لوڪ

سِنتي ۽ روما لوڪ

سِنتي ۽ روما لوڪ

سِنتي ۽ روما لوڪ (Sinti and Roma): هن وقت دنيا جي مختلف خطن ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهن جا اهڙا گروهه موجود آهن، جن کي ’سنتي ۽ روما‘ سڏيو وڃي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سِنتي ۽ روما نالي واري ان قوم کي اڪثر هنڌن تي ’جپسي‘ (Gypsy) به سڏيو ويندو آهي، ڇو ته يورپ ۾ سندن گهري سانوري رنگ سبب شروع ۾ عام طور اهو سمجهيو ويو ته اهي مصر (Egypt) مان آيل آهن، پوءِ وارن دور ۾ ان لفظ جپسيءَ جي معنيٰ خانه بدوش ۽ رولو واري بنجي وئي، پر دراصل اهي هند سنڌ سان لاڳاپو رکندڙ لوڪ هئا (وڌيڪ ڏسو: ’جپسي‘، جلد ٽيون).
لسانيات جي ماهرن هنن رولو گروهن جي ٻوليءَ تي گهڻي تحقيق ڪئي آهي ۽ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته اهي جتي جتي به ويا ۽ رهيا آهن، اتان جي ٻولين جو اثر قبول ڪيو اٿن ۽ ڪيترائي لفظ اُڌارا به ورتا اٿن، پر لساني لحاظ کان سندن ٻولي بنيادي طرح برصغير جي آڳاٽين تاريخي ٻولين مان ڪا هڪ آڳاٽي ٻولي آهي، اهي ان کي ’برصغير جي خطي سنڌ‘ سان لاڳاپين ٿا ۽ سندن خيال آهي ته انهيءَ ٻوليءَ جي لسانياتي تجزيي سان هو انهيءَ گروهه جي ماڻهن جي اصل نسل کي به انهيءَ خطي سان جوڙي سگهن ٿا، ان جو سڀ کان وڏو اهڃاڻ سندن نالو ’سِنتي‘ (Sinti) آهي، جيڪو ’سنڌيءَ‘ جي بگڙيل صورت آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اهي ماڻهو پاڻ به پنهنجو اصل نسل سنڌ سان ڳنڍين ٿا.
ماهرن جو خيال آهي ته هن گروهه ڪن سياسي ۽ سماجي سببن جي ڪري 1000 عيسوي صديءَ ۾ سنڌ ڇڏي افغانستان، ايران، آرمينيا ۽ ترڪيءَ رستي يورپ جو سفر ڪيو. انهن مان ڪي انهن علائقن ۾ وسي ويا ته ٻيا اڳتي وڌندا رهيا. صدين تائين هي ماڻهو ٻين ملڪن ۾ عتاب هيٺ رهيا. جرمنيءَ ۾ انهن کي نفرت وچان ‘Zigeuner’ سڏيو ويو، جنهن جي معنيٰ آهي ’اڇوت‘. ڪيترن هنڌن تي هنن جو غلامن جي حيثيت ۾ وڪرو به ٿيندو هو. آخرڪار 1864ع ۾ رومانيا سندن آزاديءَ جو قانون پاس ڪيو.
اهي سِنتي ۽ روما لوڪ اڪثر هنرمند ۽ فنڪار هوندا آهن، جن ۾ لوهار، گهوڙن جا واپاري ۽ تماشا ڪندڙ هوندا آهن، جن ۾ موسيقار، ساز وڄائيندڙ، سرڪس ۾ جانورن جا ڪرتب ڏيکاريندڙ ۽ رقص ڪندڙ شامل آهن. حال ۾ تعليم حاصل ڪري ڪي سرڪاري ملازم ۽ هيٺئين وچولي طبقي جا شهري به بنجي ويا آهن ۽ ڪي سٺا ليکڪ پڻ پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي قوم تي ٿيندڙ ظلمن ۽ سندن انساني حقن جي لتاڙ جي موضوع تي انگريزي، جرمن، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ گهڻو لکيو آهي.
نسل پرست نازي، جرمنيءَ ۾ يهودين وانگر هنن سِنتي ۽ روما لوڪن کي ڌاريو ۽ نسلي طرح ڪمتر قرار ڏئي، کين ڪئمپن ۾ رکي سخت تڪليفون ڏنيون ويون ۽ اهي هزارن جي تعداد ۾ ماريا ويا ۽ انهن خلاف ڪيترا قانون پاس ڪيا ويا، جن ۾ 1935ع ۾ Nuremberg Law يهودين ۽ هنن لوڪن سان لاڳو ڪيو ويو. 1933ع کان 1939ع تائين سرڪار طرفان انهن جا ڪيترا ئي ٻار کسي، خاص سائنسي تجربن لاءِ مخصوص گهرن ۾ رکي، انهن جي پرورش ڪئي ويندي هئي ۽ جن کي جرمن ٻولي نه ايندي هئي ته انهن کي ڪمزور دماغ ۽ ذهني معذور سڏي، عام اسڪولن ۾ وڌو ويندو هو، اهڙي اسڪولن ۾ مٿن چٿرون ڪري چيڙائڻ عام هو. هٽلر جي جرمنيءَ کانسواءِ ٻين يورپي ملڪن ۾ به ساڻن سٺو سلوڪ ڪونه ڪيو ويندو هو. کين چور ۽ بدمعاش چئي شهرن کان ٻاهر ڌڪيو ويندو هو.
ٻئي طرف انهن کي ’روما‘ يا ’روماني‘ ڪوٺڻ بابت ماهرن جو خيال آهي ته انهن مان ڪيترا 12 صدي عيسويءَ ۾ سنڌو ماٿريءَ کان هلي رومانيا، بلغاريه، ميسيڊونيا ۽ پوءِ هنگريءَ ۽ سلوويڪيا ۾ وڃي آباد ٿيا. ان کانسواءِ اهي وڏي تعداد ۾ اسپين ۾ ۽ پوءِ آمريڪا ۾ وڃي وسيا. ماهرن ٻوليءَ کانسواءِ هنن لوڪن جي موسيقيءَ ۾ به سنڌي موسيقيءَ جا اهڃاڻ لڌا آهن. گهڻا سال اڳ سنڌ جي هڪ محقق عزيز بلوچ اهڙا اهڃاڻ پنهنجي ڪتاب Spanish Cante Jondo ۾ پڌرا ڪيا هئا. هنن سِنتي ۽ روما لوڪن جا ڪي گروهه هنن نالن سان به سڏجن ٿا: زرگر، ڊوم، جيوگ، ڪلدرش، ڪالي، سنتي، لواري، ارليجي، گراچي، رومنگو، گربتي، بُئايش، منش، ڊوماري، ڪوئلي، نواري، رُسرجا، ارساري، ڪوٽلياري. سندن ٻوليءَ جا لهجا آهن Sinti Manonche, Sinti Romani وغيره.
تازو 2012ع ۾ بارسلونا يونيورسٽيءَ ۾ جينيٽڪس جي ڪن ماهرن هنن لوڪن جي ڊي. اين. اي ۽ جينس وغيره تي Genomic Study ذريعي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ’سنتي ۽ روما لوڪن‘ جو جينياتي تعلق ننڍي کنڊ جي اتر اولهه واري خطي جي ماڻهن سان ثابت ٿئي ٿو، جيڪي ڪنهن قدرتي آفت يا انساني مصيبت سبب 1500 سال اڳي اتان لڏي آيا هئا.
هنن ماڻهن جي سڀ کان اهم پيشن ۾ موسيقي، هنرمندي ۽ علم نجوم موجب قسمت جو حال ٻُڌائڻ رهيا آهن. ثقافتي طور هو سندن نالا پنهنجي ٻوليءَ ۾ رکندا آهن ۽ گڏيل ڪٽنب ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. اڪثر هنن ۾ ڇوڪرين جي ننڍيءَ عمر ۾ شادي (ڇوڪريءَ جي شادي 12 سالن ۾ ۽ ڇوڪري جي 13 کان 19 سالن ۾) ڪرائي ويندي آهي ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن کان ان جو سڱ پئسن تي ورتو ويندو آهي ۽ هنن وٽ ڇوڪريءَ جي ڪنوارپ يا پاڪيزگيءَ کي ’مرم‘ چيو ويندو آهي، جنهن کي وڏي عزت سمجهيو ويندو آهي. ويم ڪيل عورت کي چاليهن ڏينهن تائين ناپاڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ انهيءَ عورت جا توڙي ماهواريءَ واري عورت جا ڪپڙا ۽ ٿانوَ ٿپا ڌار ڌوتا ويندا آهن. هي لوڪ پنهنجن مُردن کي دفن ڪندا آهن، پر ڪن ملڪن ۾ (برطانيا ۾) اهي مُردن کي ساڙيندا به آهن. رسم رواج کان انحراف يا بغاوت تي برادريءَ مان خارج ڪرڻ وڏي ۾ وڏي سزا هوندي آهي.
ويهين صديءَ ۾ هنن لوڪن ۾ وڏي تبديلي آئي. هنن مان ڪيترا رولو قبيلن بدران آباد شهري (settled) بنجي ويا، جنهن ملڪ ۾ رهيا، اُتان جي مذهب ۽ ريتن رسمن کي پنهنجو ڪيائون. ائين هندو، مسلمان ۽ عيسائي مذهبن جي پيروي منجهن ملي ٿي. تعليم حاصل ڪرڻ سبب منجهن وڏو فرق آيو آهي، تنهن هوندي به پنهنجي ٻوليءَ جا ڪي بنيادي لفظ، ريتون رسمون، هنر، فن، موسيقي وغيره به محفوظ رکيا اٿن. هنن کي نسلي (ethnic) حوالي سان سنڌي سڃاڻپ آڳاٽي سنڌ سان ڳنڍي ٿي، پر هاڻي گڊو نسل بنجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو