سِپَ پبليڪيشن نوابشاھہ

سِپَ پبليڪيشن، نوابشاھہ: سپ پبليڪيشن نوابشاھہ جو بنياد بخشل باغي ۽ ستار سندر نالي شاعرن، آگسٽ 1995ع ۾ هڪ ماهوار رسالي طور وڌو هو، جنهن جا صرف ٻہ شمارا جاري ٿي سگهيا. ان کانپوءِ 2001ع کان ’سپ پبليڪيشن‘ ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعات ڪئي. هن وقت تائين هيٺيان ڪتاب ڇپايا ويا آهن:
(1) ستارن جا رستا (شاعري: رضا ڏاهري)، (2) سپنا ساڳي مند جا (نوابشاھہ جي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام: وسيم سومرو)، (3) سپنو سنڌو ديش جو (شاعري: بخشل باغي)، (4) رنگ پنھنجي پيار جا (شاعري: ستار سندر)، (5) مٽيءَ جي خوشبو (شاعري: بخشل باغي)، (6) ڪليسا جي دريءَ مان (شاعري: رحمت پيرزادو)، (7) درد جون آيتون (شاعري: سعيد ميمڻ)، (8) ڪينڊل لائيٽ (شاعري: رحمت پيرزادو)، (9) نيٺ تہ بادل برسندا (شاعري: بادل لرا)، (10) ڪايا منجهہ ڪڙن (جيل ڊائري: سيد علي محمد شاھہ لڪياري)، (11)ڪئمپس ڪجراريون (شاعري: بابر جاگيراڻي)، (12) پڊعيدن: تواريخ جي آئيني ۾ (تاريخ: زاهد سومرو)، (13) درد جي ساڳي ڪٿا (شاعري: بخشل باغي)، (14) چِٺيون چندن واس (خط: سيد علي محمد شاھہ لڪياري)، (15) اڄ نہ پسان سي (مضمون: سيد علي محمد شاھہ لڪياري)، (16) کاٻي اک جو خواب (ناول: منور سراج)، ( 17) مان توکان مور نہ مرڻو هان (مضمون: ستار سندر)، (18) ازل کان پاڻ آوارا (شاعري: ستار سندر) وغيرہ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو