سِڻي
سِڻي
سِڻي
سِڻي: سِڻي هڪ نباتاتي ڌاڳو آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ ’پٽ سن‘، انگريزي ۾ ’Jute‘ ۽ لاطينيءَ ۾ Corchorus Capsularis چيو ويندو آهي. سڻيءَ جي ٻوٽي مان ريشو حاصل ٿئي ٿو، جنهن کي پَٽُ چئجي ٿو ۽ ٻوٽي کي ’پَٽ سڻي‘ به چيو وڃي ٿو. هن ۾ سيلولوز ۽ لگنن ٿيندا آهن، جنهنڪري سڻيءَ جي ڌاڳو، سُٽ کان مضبوط ٿيندو آهي. سڻي ٻوٽي جي کل ۽ ٿڙ مان ٺهي ٿي. سڻيءَ جا ٻوٽا وڍي، انهن جي ٿڙ کي پاڻيءَ ۾ وجهبو آهي، انهن ٻوٽن کي ڪٽي، سڻيءَ جا ڌاڳا جدا ڪبا آهن. هڪ ڌاڳو، هڪ کان چار ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هي ٻوٽو مٺي زمين (جنهن ۾ هر وقت پاڻي بيٺو هجي) ۾ اُڀري ٿو. هن لاءِ سانوڻ جي برسات ضروري آهي، جيڪا هر هفتي 5-8 سينٽي ميٽر هجڻ کپي. گرميءَ جو پد 40-20 سينٽي گريڊ هجڻ کپي. گهم جو هجڻ ضروري آهي، جا گهٽ ۾ گهٽ 80-70 سيڪڙو هجي. بنگلاديش ۽ ڏکڻ هندستان هن جي پيداوار جا وطن آهي. آئين اڪبريءَ (1590ع) ۾ ابو الفضل لکيو آهي ته ”هندستان جا غريب ماڻهو سڻيءَ مان ٺهندڙ ڪپڙا پائين ٿا. ان ڪري ڪيترن ڳوٺن ۾ سڻي اُڻڻ جا آڏاڻا نظر اچن ٿا.“ سڻيءَ مان رسا، ٻوريون، شاميانا ۽ ٿلها ڪپڙا ٺهن ٿا. 20 صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ بنگال جي سڻي، برطانيا موڪلي ويندي هئي، جتي سڻيءَ جا ڪارخانا قائم ڪيا ويا. اُتي سڻيءَ ۾ وهيل مڇيءَ جو تيل به لڳايو ويندو هو. 1950ع تائين بنگال (هاڻوڪو بنگلاديش) ۾ ڪافي ڪارخانا لڳي چُڪا هئا. سڻيءَ کي ’سونهري ڌاڳو‘ به چيو وڃي ٿو. پاڪستان جو مٽاسٽا جو ناڻو سڻيءَ مان ايندو هو، پر بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان ان کان محروم رهجي ويو. 1980ع ۾ سڻي جون قيمتون ڪري پيون، ان ڪري ڪيترا ڪارخانا بند ٿي ويا. بعد ۾ سڻيءَ جو متبادل نائيلون بنجي ويو. پاڪستان ۾ قائم ’آدمجي جوٽ مِل‘ بند ٿي وئي. وري سال 2004ع ۾ سڻيءَ جون قيمتون 500 سيڪڙو وڌي ويون ۽ بنگلاديش کي ان مان گهڻو فائدو رسيو. سڻيءَ جي خريدارن ۾ پاڪستان، برطانيا، اسپين، آئوري ڪوسٽ، جرمني ۽ برازيل اچي وڃن ٿا. 2008ع ۾ هندستان سڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو پيداواري ملڪ ثابت ٿيو، ان کان پوءِ بنگلاديش، چين، نيپال ۽ ٿائلينڊ اچن ٿا.
سڻيءَ جي پوک: سڻيءَ جو فصل هڪ سونهري تند وارو سرسبز فصل آهي، جنهن جي پوکڻ سان زمينون زرخيز ٿين ٿيون. هن فصل جي پوک کي جيت جڻيا ۽ بيماريون تمام گهٽ لڳن ۽ اوچتن قدرتي آفتن جو به هن فصل تي ڪو اثر نه پوندو آهي. سڻيءَ جو فصل ڪلراٺي ۽ وارياسي زمين يا هر قسم جي زمين تي پوکي سگهجي ٿو. لٽاسي زمين (ڪچي واريون زمينون، جيڪي هر سال لَٽَ جي تهن ڄمڻ ڪري ٺهن ٿيون) هن فصل لاءِ تمام موزون آهن. سڻيءَ جي پوک لاءِ نيون سڌريل جنسون پوکڻ گهرجن، جيڪي تمام تيز وڌندڙ آهن ۽ کين مرض به گهٽ لڳن ٿا. انهن سڌريل جنسن ۾ قابلِ ذڪر نالا هي آهن: ”TRO-1, TRC-1.“ هي جنسون 25 کان 30 مڻ ريشو في ايڪڙ پيداوار ڏين ٿيون. هنن جو ريشو نرم، چمڪدار ۽ مضبوط ٿئي ٿو. سڻيءَ جو فصل جيڪڏهن ٻوڏ وارين يا هيٺاهين ايراضين لاءِ پوکڻو هجي ته جنس ’TRC-1‘ پوکجي ۽ جي مٿاهين ايراضين يعني جتي وؤنئڻ، مڪئي ۽ ڪمند وغيره پوکجن ٿا، اتي وري ’TRO-1‘ پوکڻ گهرجي. سڻيءَ جي پوک لاءِ بهترين پوکيءَ جو وقت 15 اپريل کان 15 مئي آهي. ان مند ۾ سڻيءَ مان گهڻو ٻج ۽ ريشو حاصل ڪري سگهجي ٿو. سندس ريشو مضبوط ۽ چمڪدار ٿئي ٿو. سڻيءَ جي پوک لاءِ زمين جي تياري وؤنڻن جي فصل وانگر ٿيندي آهي. زمين کي سُڪيءَ جا هر ڏيئي ريج جو پاڻي ڏجي. جنهن وقت اهو وَٽَ ۾ اچي ته سڻيءَ جا هر ڏئي سنهور گهمائي زمين کي نرم ڪجي ته جيئن ناڙي ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.
سڻيءَ جي ٻج کي پوکڻ کان هڪ ڏينهن يا پهر کن اڳ پاڻيءَ ۾ پسائجي ته جيئن ڦٽڻ ۾ آساني ٿئي. پوک ناڙيءَ وسيلي ڪجي. قطارن جي وچ ۾ وٿي هڪ فوٽ يا 30 سينٽي ميٽر رکجي ۽ اونهائي 3 انچ يعني ساڍا ست سينٽي ميٽر رکڻ گهرجي. هن فصل جي پوک صبح جو سوير شروع ڪجي ۽ ڏينهن جو 10 بجي تائين ختم ڪجي، وري شام جو 4 بجي کان رات تائين ڪجي. ڏينهن تتي پوک نه ڪجي، نه ته ڦوٽهڙي تي خراب اثر پوندو ۽ ٻج گهٽ ڦٽندو. سڻيءَ جي پوک لاءِ آبپاشيءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته گهٽ پاڻي ملڻ ڪري ٻوٽا خشڪ ٿيڻ شروع ٿيندا، جنهنڪري انهن جي واڌ تي خراب اثر پوندو ۽ واڌ گهٽجي ويندي. هن فصل کي چاليهه ايڪڙ انچ پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا هن ريت آهي. چار چار انچ ريج جو پاڻي ۽ باقي ٽن ٽن انچن جا ٻارهن ريج جا پاڻيءَ ڏهن ڏينهن جي وٿيءَ سان ڏيڻ گهرجن، يا ته هر هفتي پاڻي ڏجي، جڏهن پاڻيءَ جي ضرورت جو دارومدار ڪجهه پوک جي حالتن سان پڻ لاڳو آهي. فصل ٿورو آڳاٽو هجي ته ان کي 12 دفعا پاڻي ڏجي ته جيئن پچي راس ٿئي، جي فصل پاڇاٽو هجي ته اَٺ دفعا پاڻي ڏجي ته سٺي پيداوار ٿئي. جيڪڏهن زمين ۾ کوهه وارو پاڻي مٿاڇري کان 5 يا 6 فوٽ هيٺ آهي ته 6 دفعا پاڻي ڏجي ۽ جيڪڏهن سڻيءَ جو فصل، برسيم جي فصل وانگر پوکيو ويو آهي ته هڪ ٻه دفعا پاڻي انهيءَ حالت ۾وڌيڪ ڏيڻو پوندو. برسات جي موسم ۾ وري پاڻي گهٽ ڏبو.
ريشي جي ڊيگهه ۽ گهڻي پيداوار جي ڪري سڻيءَ جي فصل کي ڀاڻ ڏيڻ جي ضرورت پوندي آهي. ڀاڻ جي پوري مقدار ڏيڻ لاءِ هن فصل کي 100 پائوند نائٽروجن، 50 پائونڊ فاسفورس ۽ 50 پائونڊ پوٽيشيم جي ضرورت هوندي آهي ۽ فصل جي ڇڊائي تمام ضروري آهي. جڏهن فصل 15 کان 20 سينٽي ميٽر يعني ڇهن کان اٺن انچن جو ٿئي ته ڇڊائي ڪجي. هر ٻوٽي جي وچ ۾ وٿي ساڍن ستن سينٽي ميٽرن کان ڏهه سينٽي ميٽر جي هجڻ کپي. ڇڊائي ڪرڻ بلڪل ضروري آهي، جيڪڏهن نه ڪبي ته ان صورت ۾ پيداوار بلڪل نه ملندي.پهرئين پاڻيءَ کان اڳ ڇڊائي ڪجي، پوءِ پاڻي ڏجي. سڻيءَ جي مناسب پيداوار ۽ معياري ريشي حاصل ڪرڻ لاءِ، سڻيءَ جي پچڻ وقت ان کي لڻڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ريشو تيار ٿي وڃي ۽ ان فصل ۾ ڀرپور گل هجن ۽ ڦريون ٺهڻ شروع ٿي ويون هجن ته ان وقت ٻوٽي کي ڪنهن تکي ڏاٽي يا ڪهاڙيءَ سان لڻي، 15 کان 20 ڪلو جا ڳنا ٺاهجن ۽ انهن جون چوٽيون ڪپي ڇڏجن. تنهن بعد انهن کي هڪ ٻه ڏينهن اُس ۾ سُڪائڻ کانپوءِ ڳارڻ لاءِ کڏن يا تلائن ڏانهن کڻي ڳارجي. ڳارڻ لاءِ انهن جي مٿان ڪا ڳري شيءِ رکجي ته جيئن پاڻيءَ ۾ ٻڏل رهن ۽ مٿاڇري تي نه رهن. انهيءَ حالت ۾ ڳنا پاڻيءَ ۾ ڏهن کان پندرنهن ڏينهن ۾ ڳري وڃن ٿا. سياري جي موسم ۾ 28 ڏينهن کان هڪ مهينو لڳي ٿو. جڏهن کل ڳري وڃي ته ريشي جا ڌاڳا تيار نظر ايندا آهن.