سٺي

سٺيا (قبيلو): سٺيا، سمن، ٻرڙن ۽ جتن جو هڪ پاڙو آهي، ذاتين جي محققن جو چوڻ آهي ته سٺيا، سٿين قوم مان آهن. سٿيا لفظ ڦري سٺيا ٿيو آهي. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ جي مصنف خير محمد ٻرڙي جي راءِ موجب سٺيا سماٽ آهن.
ڪن روايتن ۾ سٺيا اصل ۾ ڄام آريءَ جي اولاد مان ڄاڻايل آهن ۽ آري پوٽا سڏجن ٿا. هڪ ٻي روايت موجب سٺيو، ڀنڀرو، ڌماچ، کجيجو، ڪوريجو، ساڳڙ ۽ ناريجو پاڻ ۾ ڀائر هئا، جن مان سٺيو، ساڳڙ، ڀنڀرو ۽ آري سردار هئا.
پروفيسر محمد خان ٻرڙو، جنهن وٽ آل پاڪستان ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن جو ضلعي وار رڪارڊ آهي، هن ’سٺيا‘ قبيلي کي ٻُرڙن جو مکيه پاڙو ڄاڻايو آهي، جنهن جون خاص ڦريون: جعفراڻي، جهيڏا، ٻالهڙي، سومراڻي، محمداڻي ۽ واهيجا آهن.
ان کانسواءِ ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ سٺيا قبيلي جا ڪجهه پاڙا هن ريت ڄاڻايل آهن: ابناڻي، ارباب، برانچي، ٻٽائي، ٻڍاڻي، بلالي، ٻيلائي، ڀليناڻي، ڀوتار، ڀونگراڻي، تنباڻي، ٽوڙهياڻي، ٽئاڻي، پٽيلاڻي، پارائي، پنجواڻي، پودرائي، پيروئاڻي، پيرياڻي، جانواڻي، جعفراڻي، چاڪي، چگلاڻي، چوڌراڻي، دلواڻي، دوداڻي، دينواڻي، دٻائي، ڍانڍي، ريڍار، ساڪراڻي، ستاباڻي، صبابواڻي، صابوناڻي، علواڻي، علي بخشاڻي، ڦلاڻي، فزلاڻي، ڪاروئاڻي، ڪانپائي، ڪليپوري، ڪثيرا، ڪوڏڙا، ڪوڪي، کلراڻي، کر، کڻاڻي، کيرآڻي، گولاڻي، ڳوڳاڻي، گهلپوري گهينچ، لاڻاڻي، لريا، لولو، لوهيڙا، مانڌريا، محمدپوٽا، مرياڻي، ملاڪاتياري، ممڻ، منڊاڻي، مواتي، منواڻي، واڍاڻي، واڻيا، وروئاڻي، ولايتي، هيراڻي ۽ يعقوباڻي.


لفظ سٺيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو