سٻڙ خان خدمتگار: جڏهن ميان سرفراز خان ڪلهوڙي درٻار ۾ بيگناھہ مير بھرام خان ٽالپر کي شھيد ڪرايو تہ هڪدم مير بھرام جي پٽ مير صوبدار خان جيڪو درٻار جي ٻاهر بيٺو هو ﷲ بخش ليکي کي هڪ ئي تلوار جي وار سان قتل ڪري وڌو ۽ پاڻ درٻار ۾ اندر اچي پنھنجي پيءُ جو لاش ڏسي هڪدم ميان سرفراز خان تي حملو ڪيائين پر ميان سرفراز وڃي حرمسرا ۾ لڪو ۽ مير صوبدار خان سان سٻڙ خان مقابلو ڪرڻ لڳو. سٻڙ خان ڪلهوڙن جو خاص ڪاردار هو ۽ هو نهايت مغرور ۽ بھادر هو، جيڪو هميشہ ٻہ تلوارون چيلھہ سان ٻڌي هلندو هو ۽ ميان سرفراز خان جي درٻار ۾ برک ليکبو هو. سٻڙ خان مغروريءَ مان هميشہ اها لاف هڻندو هو تہ آءُ هڪ ئي ضرب سان پنھنجي دشمن کي قتل ڪندو آهيان. درٻار ۾ ويڙھہ دوران مير صوبدار خان ٽالپر سٻڙ خان کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي وڏي جوش مان چيو تہ ’سٻڙ هشيار ٿي‘، سٻڙ خان بہ مير ڏانهن وڌندي چيو تہ: ”ڇوڙ ڏي اپڻي تيغ و سپر.“ اهو ٻڌي مير جواب ۾ چيو تہ: ”آءُ تہ ڇوڙ ڏيوان“ ايتري ۾ مير صوبدار خان ٽالپر ويجهو ٿي سٻڙ خان کي اهڙي تہ زور سان تلوار هنئي جو سٻڙ خان جو پيٽ ڦاٽي پيو ۽ سٻڙ خان هڪدم زمين تي ڪري پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو تہ: ”اي سٻڙ! هڪ ئي وار نال بس.“ سٻڙ خان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ڪلهوڙن جا ڪيترائي فوجي سالار درٻار ۾ گهڙي پيا ۽ سڀني گڏجي مير صوبدار خان تي حملو ڪري کيس شھيد ڪري ڇڏيو.