سٽوئرٽ گھراڻو
سٽوئرٽ گھراڻو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب انگلينڊ جي تاريخ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ انگلنڊ جي سٽوئرٽ گھراڻي ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ ٿيل تڪرار جو بيان ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه خاص تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. هيءُ ڪتاب ڪشنچند واڌومل گوڪلاڻيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1938ع ۾ مصنف ديوي پرنٽنگ پريس، سامهون دوارڪاناٿ مندر، لکي گيٽ شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ڪرائون سائيز جي 124 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 07 آنا آهي.