سپ
سپ (Mother of Pearl/Nacre): سپ کي انگريزيءَ ۾ نيڪر به سڏجي ٿو، جيڪو ڪيترن قسمن جي مولسڪ جانورن جي ٻاهرين کوپي جو انڊلٺي اندريون سخت تهه جوڙي ٿو. سپ جي موتيءَ جيان، سپ جو هي اندريون انڊلٺي تهه سپ جو چوغو (Mantle) پيدا ڪري ٿو، جيڪو تهدار ۽ ڪئلشيم ڪاربونيٽ ۽ ڪانچيولن (conchiolin) تهن جو ٺهيل ٿئي ٿو. اهو ساڳيو تهه سچن موتين ۾ ٻاهرين کوپي طور به موجود هجي ٿو. سپ/نيڪر جا تهه کوپي جي مٿاڇري کي لسو ڪن ۽ نرم ماس کي ڌارين شين جهڙوڪ پئرا سائيٽن وغيره کان بچائين ٿا ۽ ڌارين/هاڃيڪار مادي کي آهستي آهستي تهن جي هڪ ڍڳ جي صورت ۾ گڏ ڪن ٿا، جنهن مان اڳتي هلي لڦ جيان يا ته موتي پيدا ٿي کوپي جي اندرين پاسي سان چنبڙيل رهي ٿو يا چوغي جي ماس ۾ هڪ آزاد موتيءَ جي صورت ۾ وجود ۾ اچي ٿو. سپ، اونهي پاڻيءَ ۾ رهڻ باوجود اڃايل رهي ٿي ۽ برسات لاءِ واجھائيندي رهندي آهي. سپ جي ان ڪيفيت کي شاهه لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي:
سپ سـمـنــڊيــن سـپـجــي، ابــر آســاروس،
ٻـاڙو پـئـي نـه ٻِـپُــڙي، مـٺــو مـنهـن لـڳـوس،
ماڻڪ تي مڙيوس، جيئن تنگ ڪڍيائين تار ۾.
سپ لاءِ عام روايت آهي ته فقط سمنڊ جو پاڻي پيئندي آهي، پر برسات جو ڦڙو پيئڻ بعد هڪدم وات ٻوٽڻ سان سِپ جي پيٽ ۾ قيمتي موتي ٺهي ٿو، پر ان جي ڪا سائنسي سمجهاڻي نه ٿي ملي.