سپ

سپ

سپ

سپ (Mother of Pearl/Nacre): سپ کي انگريزيءَ ۾ نيڪر بہ سڏجي ٿو، جيڪو ڪيترن قسمن جي مولسڪ جانورن جي ٻاهرين کوپي جو انڊلٺي اندريون سخت تھہ جوڙي ٿو. سپ جي موتيءَ جيان، سپ جو هي اندريون انڊلٺي تھہ سپ جو چوغو (Mantle) پيدا ڪري ٿو، جيڪو تهدار ۽ ڪئلشيم ڪاربونيٽ ۽ ڪانچيولن (conchiolin) تھن جو ٺهيل ٿئي ٿو. اهو ساڳيو تھہ سچن موتين ۾ ٻاهرين کوپي طور بہ موجود هجي ٿو. سپ/نيڪر جا تھہ کوپي جي مٿاڇري کي لسو ڪن ۽ نرم ماس کي ڌارين شين جھڙوڪ پئرا سائيٽن وغيرہ کان بچائين ٿا ۽ ڌارين/هاڃيڪار مادي کي آهستي آهستي تھن جي هڪ ڍڳ جي صورت ۾ گڏ ڪن ٿا، جنهن مان اڳتي هلي لڦ جيان يا تہ موتي پيدا ٿي کوپي جي اندرين پاسي سان چنبڙيل رهي ٿو يا چوغي جي ماس ۾ هڪ آزاد موتيءَ جي صورت ۾ وجود ۾ اچي ٿو. سپ، اونهي پاڻيءَ ۾ رهڻ باوجود اڃايل رهي ٿي ۽ برسات لاءِ واجهائيندي رهندي آهي. سپ جي ان ڪيفيت کي شاھہ لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي:
سپ سـمـنــڊيــن سـپـجــي، ابــر آســاروس،
ٻـاڙو پـئـي نـه ٻِـپُــڙي، مـٺــو مـنهـن لـڳـوس،
ماڻڪ تي مڙيوس، جيئن تنگ ڪڍيائين تار ۾.
سپ لاءِ عام روايت آهي تہ فقط سمنڊ جو پاڻي پيئندي آهي، پر برسات جو ڦڙو پيئڻ بعد هڪدم وات ٻوٽڻ سان سِپ جي پيٽ ۾ قيمتي موتي ٺھي ٿو، پر ان جي ڪا سائنسي سمجهاڻي نہ ٿي ملي.


لفظ سپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو