سپاهيميلاڻي (ذات): هن ذات وارا اصل اروڙ ونسي آهن. 711ع ۾ عربن جي ڪاھہ وقت اروڙ تعلقي روهڙيءَ مان ڀڳا ۽ ٻيڙين رستي پنجاب ڏي ويا. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ هي پنجاب ۾ ملتان جي شھر ۾ رهندا هئا، جتان سنڌ ۾ پهريائين خداآباد ۾ اچي رهيا. وري جڏهن 1759ع ۾ خدا آباد شھر ڦٽو تہ هن نک وارا ٽڙي پکڙي ويا، جن مان ڪي ساهتي پرڳڻي ڏي ويا، منجهائن ڪي وري سيوهڻ ڏي ويا. ان کانپوءِ جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد جو شھر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو تہ سپاهيملاڻي ٻين ڪيترن ئي عامل خاندانن کان اڳ حيدرآباد ۾ آيا. هن خاندان وارا ’سپاهيمل‘ جي نسبت سان ’سپاهيملاڻي‘ سڏجڻ لڳا. هن وقت جيڪي سپاهيملاڻي آهن، تن مان گهڻا ديوان سپاهيمل جي پٽ ديوان ننديرام جي نسل مان آهن. هن ذات مان ڄيٺي سپاهيملاڻي نامور سياسي سماجي اڳواڻ ٿي گذري آهي.