سپنا ڍنڍ
سپنا ڍنڍ: سپنا ڍنڍ، ڄامشوري ضلعي جي تعلقي سيوهڻ ۾، سيوهڻ ويجهو آهي. هيءَ ڍنڍ پنھنجي دور جي هڪ مشھور ۽ پيداوار ڏيندڙ ڍنڍ هئي. هن ڍنڍ ۾ هزارين مڻ مڇي مرندي هئي ۽ پکين جو شڪار بہ ٿيندو هو. هن ڍنڍ جو مشھور ٺيڪيدار محمد هاشم ملاح هو. هينئر بہ هن ڍنڍ ۾ مڇي ماري وڃي ٿي.