سپورنج: ’سپورنج‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’سمجهو/ قابل‘. اهو ساڃھہ وند ۽ سچيتو ماڻهو، جيڪو سگهڙائپ جي فن کي سمجهي ۽ پرکي سگهي. انهيءَ کي لوڪ ادب جي ٻوليءَ ۾ ’سپورنج‘ ڪوٺيو ويندو آهي. ’سپورنج‘ پنهنجو فن نه، پر ٻين سگهڙن جو چونڊ فن ياد ڪري ڪچهرين ۾ پيش ڪندو آهي. اهو سگهڙ، جيڪو پنهنجو فن نہ جوڙي ۽ ٻين سگهڙن جو فن ياد ڪري، انهيءَ فن جي سرجيندڙ جي نالي سان پيش ڪري ٿو. اهڙي سگهڙ کي ’وهائيءَ وارو‘ بہ چوندا آهن. لوڪ ادب جي تاريخ تي نظر وجهبي تہ سگهڙن سان گڏ ڪيترا سپورنج ملندا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي عالم سان گڏ سنڌي لوڪ ادب جو ’سپورنج‘ بہ سڏيو ويندو آهي.