سپيريان سندي ڳالهڙي 2

سپيريان سندي ڳالهڙي 2

سپيريان سندي ڳالهڙي 2

سپيريان سندي ڳالهڙي (ڪتاب): سنڌ جي معروف اديب ممتاز مرزا جو هيءُ ڪتاب، ٻن حصن تي مشتمل آهي: (1) حيدرآباد سنڌ- اسان جي جند، ۽ (2) سنڌي سنگيتڪار: محمد يوسف. ڪتاب جو انتساب، ليکڪ پنھنجي ساٿي ۽ دوست، عبدالحميد آخوند جي نالي هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
”پنھنجي نهايت پياري ساٿي ۽ مهربان دوست، عبدالحميد آخوند جي نالي، جنهن سنڌ ۽ سنڌي ثقافت توڙي روايتن جي دل جي سچائيءَ سان خدمت ڪري، پاڻ کي سنڌ جي تاريخ ۾ موکيو آهي.“
ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ حيدرآباد شھر جو ثقافتي پسمنظر بيان ڪيو ويو آهي. ورهاڱي کان اڳ، ۽ اُن کان ستت پوءِ، حيدرآباد هڪ خوبصورت شھر هوندو هو. هي باب اُن وقت جي سنڌي سماج جي قدرن ۽ گڻن جو ڄڻ تہ تهذيبي دستاويز آهي. ٻيو حصو نہ رڳو سدا حيات راڳي محمد يوسف بابت آهي، پر سنڌي راڳ/ موسيقيءَ جي روايتن، متانت ۽ دلفريبيءَ جو داستان آهي. ڪتاب جي ضميمي پهرئين ۾ شاھہ جي راڳاين جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ضميمي ٻئي ۾ ’هينئڙو مون لوڻ ٿئي‘ عنوان هيٺ حيدرآباد جي موجودہ ڏکوئيندڙ صورتحال ڏني وئي آهي، جنهن جي پڄاڻي هنن لفظن ۾ ڪئي وئي آهي: ”منهنجو پنهنجو اباڻو شھر حيدرآباد ۽ پاڙو ٽنڊو آغا گولين جي نشاني تي آهي. تڏهن ويل وقت، سنڌي زبان ۽ ادب جي ماڳن کي سارڻ مون لاءِ هڪ قدرتي عمل آهي، ماضي ياد آهي، حال اکين آڏو آهي، آئيندو ڇا آهي، تنهن جو علم ناهي، بس، ڀٽائيءَ جو اهو بيت ذهن تي پيو هُري تہ:
نہ سي ونئڻ وڻن ۾، نہ سي ڪاتياريون،
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي!
ڊيمي سائيز جي 244 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مهراڻ پبلشرز ڪراچيءَ، 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 65 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو