سٿرا

سٿرا (ذات): هيءَ فقيرن جي هڪ ذات آهي، جن کي پينو فقير چيو وڃي ٿو. هي دڪانن ۽ گهرن مان پني پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن انهيءَ دوران دهل تي ڏونڪي مٿان ڏونڪو هڻي ڳائيندا وڄائيندا آهن ۽ صدا ڏيندا آهن: ’هر دم بابا نانڪ شاھہ، سخي دا ٻيڙا ٻني لاءِ‘ جيستائين نذرانو يا خيرات نہ ملندي اٿن، تيستائين پيا صدائون هڻندا آهن. هن قبيلي/ ذات وارا حيدرآباد ۾ اڪثريت ۾ رهن ٿا ۽ سندن ذات سان هڪ گهٽي بہ مشھور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو