سٿين سٿيا

سٿين/ سٿيا: سٿين قبيلي/ قوم کي يورپي ماڻهو ’ساڪيا سائدين‘ بہ سڏيندا آهن. سٿين، منگوليا کان شام جي شھر عسقلان ۽ يورپ تائين ڪاهون ڪيون هيون. هن ويڙهاڪ قبيلي/ قوم جو اصل وطن پارٿيا (Parthia) آهي، جيڪو يورپ ۽ ايشيا جي سرحدن تي ڪاري سمنڊ (Black Sea) جي اتر ڪناري ۾ واقع آهي. سٿين کي ’توراني‘ بہ چيو ويندو آهي. جڏهن چين جي حڪومت مستحڪم ٿي تہ چين جي سرحدن تي ديوار ٺھي ۽ وچ ايشيا جا چراگاھہ ويران ٿي ويا، تڏهن ڪن جهيڙاڪ خانہ بدوش قبيلن جي لڏپلاڻ شروع ٿي. اوڀر کان Yuch-Chi نالي قبيلي ۽ اولھہ کان پارٿي يا پلاوا قبيلي، سٿين يا ساڪن تي دٻاءُ وڌو. ساڪن موٽ ۾ باختري يونانين تي زور ڀريو ۽ ڏکڻ طرف وڌندي افغانستان آيا ۽ اتان ڪوئيٽا وارن لڪن کان بلوچستان ۾ داخل ٿيا. ان وقت پارٿي بہ ساڻن گڏ هئا. اهڙيءَ ريت پهرين صدي ق. م جي وچ تائين هي سٿين ۽ پارٿين جو گڏيل گروھہ هندستان ۾ مٿرا تائين پهچي ويو، 388ع ڌاري جڏهن سٿين ۽ پارٿين جو اوج هو تہ اهي سنڌ ۽ راجسٿان جا حاڪم هئا. پهريون سٿي Maues، 80 ق. م ڌاري حاڪم ٿيو. هنن جو ٻيو مشھور حاڪم ردرا دامن (Rudra Daman) 150ع ڌاري ٿيو. اُجين جي هن سٿين حاڪم پنهنجن ڪارنامن بابت گرنار ۾ پهريون قديم ترين ڪتبو سنسڪرت ۾ نصب ڪرايو. هي هند ۾، 455ع ڌاري پهرين اسڪنده گپت کان شڪست کائي موٽيا، پر پوءِ 465ع ۾ گپت راجا کي شڪست ڏئي، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ مالوه تي قبضي بعد هندستان جي ماڻهن سان رلي ملي ويا. سندن راجائن مان مھر گل، جنهن سيالڪوٽ کي تخت گاھہ مقرر ڪيو هو، وڏو ظالم هو، ان ڪري مالوه جي راجا يشوڌرمن ۽ مگڌ جي گپت راجا نرسنگهہ گڏجي، کيس ملتان واري جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ هو ڪشمير ڀڄي ويو. اهڙيءَ ريت 540ع ڌاري سٿين جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو