
سڀاش چندر بوس

سڀاش چندر بوس ۽ مهاتما گانڌي
سڀاش چندر بوس: سڀاش چندر بوس، گڏيل هندستان جو ناليوارو قومپرست سياستدان ۽ انقلابي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هندستان جي انگريزن کان آزاديءَ واري جنگ ۾ سندس ڪردار گانڌيءَ جي عدم تشدد ۽ نهروءَ جي فھم ۽ فراست واري سياست جي ابتڙ انگريزن کان طاقت جي زور تي هندستان کي آزادي ڏيارڻ وارو هو.
سڀاش چندر بوس، بنگال پـرڳـڻي جي هڪ هـنـدو ’ڪائسٿ‘ (برهمڻ: Kayastha) خاندان ۾، 23 جنوري 1897ع ۾، ڪٽڪ، اوڙيسا (Cuttack, Odisha) ۾ ڄائو، جيڪا رياست اُن وقت بنگال پريزيڊنسيءَ جو حصو هئي. هن جو والد جانڪيناٿ بوس، سرڪاري وڪيل هو ۽ کيس راءِ صاحب جو لقب مليل هو. سڀاش چندر بوس جي والدہ جو نالو پرڀا ديوي هو. هن جي مائٽن جو اباڻو گهر ڪوڊاليا ڳوٺ (Kodalia Village) ۾ هو، جيڪو اڄڪلھہ ’سڀاش گرام‘ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
سڀاش چندر بوس تي والدين جي زندگيءَ جو وڏو اثر هو. سندس والدين سٺن خيالن جا هئا ۽ غريبن سان محبت ڪندا هئا. سڀاش جي ماءُ مذهبي هئي ۽ ننڍڙو سڀاش وٽس ننڍيءَ ڄمار ۾ ساڌن ۽ سنتن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، جيڪي کيس ڏاڍيون وڻنديون هيون. ننڍي هوندي کان هو فطرتاً رحمدل ۽ سخي هو ۽ غريبن ۽ اپاهجن کي ڏاڍو ڀائيندو هو.
سڀاش چندر، ابتدائي تعليم هڪ ائنگلو اسڪول، اسٽيوئرسٽ اسڪول، ڪٽڪ (Stewart School Cuttack) ۾ ورتي. نهايت ذهين شاگرد هو ۽ 14 ورهين جي ڄمار ۾ روينشا ڪاليجئيٽ اسڪول مان، 1911ع ۾، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري سڄي ڪلڪتي صوبي ۾ ٻيو نمبر آيو.
ان کانپوءِ هو ’پريزيڊنسي ڪاليج‘ ۾ داخل ٿيو، جتي ’قومپرستيءَ وارا خيال‘ رکڻ ڪري کيس ڪاليج مان نيڪالي ڏني وئي ۽ هن پوءِ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل اسڪاٽش چرچ ڪاليج ۾ داخلا وٺي، 1919ع ۾ اُتان فلسفي ۾ گرئجوئيشن ڪئي.
سڀاش چندر بوس، 1919ع ۾، پيءُ سان اهو وچن ڪري انگلنڊ اُسهيو تہ هي ’انڊين سول سروس‘ (ICS) جو امتحان ڏيندو. هن فٽز وليم ڪاليج ڪئمبرج ۾ داخلا ورتي ۽ اتان 19 نومبر 1919ع تي ICS جي امتحان ۾ چوٿون نمبر آيو ۽ ICS لاءِ چونڊجي ويو، پر هن ڌارين حڪومت جي هٿ هيٺ اهڙي ملازمت ڪرڻ پسند نہ ڪئي، جيڪا برطانوي مفادن جي نگران هجي. ان ڪري هن سول سروس جي ملازمت تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ هندستان موٽي آيو. هن هتي اچي ’سوراج‘ اخبار جاري ڪئي ۽ بنگال صوبائي ڪانگريس ڪميٽيءَ جي پرچار شروع ڪري ڏني. هن جو اُستاد (mentor) چترنجنداس هو، جيڪو بنگال جي ’شدت پسند قومپرستيءَ‘ جو وڏو پرچارڪ هو. 1923ع ۾ سڀاش چندر بوس ’آل انڊيا يوٿ ڪانگريس‘ جو صدر ۽ گڏوگڏ بنگال اسٽيٽ ڪانگريس جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان سان گڏ هو چترنجنداس جي جاري ڪيل اخبار ’فارورڊ‘ (Forward) جو ايڊيٽر بہ رهيو. 1924ع ۾ جڏهن چترنجنداس ڪلڪتي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر چونڊيو ويو تہ چندر بوس سندس جاءِ تي ميونسپل ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (CEO) چونڊيو. 1925ع ۾ جڏهن قومپرستن خلاف وڏي پئماني تي وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي تہ بوس کي گرفتار ڪري ’مانڊلي‘ (Mandaly) جيل ۾ رکيو ويو، جتي کيس سلھہ ٿي پئي.
1927ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ، سڀاش چندر بوس، ڪانگريس پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ جواهر لعل نهروءَ سان گڏجي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪيائين. بوس کي هڪ ڀيرو وري ’سول نافرماني تحريڪ‘ دوران گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن وقت هو 1930ع ۾، ڪلڪتي جو ميئر چونڊجڻ وارو هو.
1930ع جي وچ ڌاري سڀاش چندر بوس يورپ جو دورو ڪيو، جتي هن هندستاني شاگردن، يورپي سياستدانن ۽ مسولنيءَ سان ملاقاتون ڪيون. هن اتي پارٽي تنظيم ڪاريءَ توڙي ڪميونزم ۽ فاشزم جو عملي روپ ڏٺو. 1938ع ۾ بوس قومي سطح جو اڳواڻ ٿي اُڀريو ۽ ڪانگريس جي صدارت لاءِ نامزد ٿيڻ قبول ڪيائين.
سڀاش چندر بوس ’سوراج‘ (Self Government) لاءِ اهو نعرو هڻي اُٿي کڙو ٿيو تہ برطانيا کان ’طاقت جي زور تي آزادي وٺڻ گهرجي‘. اُن ڪري سندس مهاتما گانڌيءَ جي ’پُر امن جدوجھد‘ واري پاليسيءَ سان ٽڪراءُ ٿي پيو ۽ هُن بوس جي پاليسيءَ جي مخالفت ڪئي. بوس، ٻنهي ڌرين ۾ اتحاد جي خواهش ڏيکاري، پر گانڌيءَ کيس ڌار ڪئبنيٽ جوڙڻ جو مشورو ڏنو. ان اختلاف بوس ۽ نهروءَ ۾ بہ ويڇا وجهي ڇڏيا. بوس 1939ع ۾، بيماريءَ جي حالت ۾ پاڻ کي اسٽريچر تي کڻائي بہ ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدارت لاءِ ٽي نالا سامهون آيا. سڀاش چندر بوس، پٽا ڀائي سيتارامايه ۽ ابوالڪلام ’آزاد‘. مولانا ابو الڪلام آزاد، بيماريءَ سبب صدارتي عهدي تي بيهڻ تان انڪار ڪيو. نتيجي طور 29 جنوريءَ تي، مهاتما گانڌيءَ جي حمايتي اميدوار پٽا ڀائي سيتارامايه جي مقابلي ۾ 200 ووٽن جي اڪثريت سان ڪانگريس جو صدر چونڊجي ويو.
خيال هو تہ اعتدال پسند پنھنجي شڪست خاموشيءَ سان قبول ڪندا، پر گانڌيءَ هن شڪست کي پنھنجي شڪست سمجهيو. نتيجي طور ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ٻارهن ميمبرن گڏيل طور ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. ان ڇڪتاڻ دوران سڀاش چندر وڌيڪ بيمار ٿي پيو. ان وچ ۾ مخالفن موقعي کي غنيمت ڄاڻي، 8 مارچ تي تريپوره ۾، انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾، زوردار بحث کانپوءِ قرارداد منظور ڪرائي ورتي تہ مُلڪ نازڪ صورتحال ۾ آهي، ان ڪري صدر صاحب کي درخواست ڪجي ٿي تہ ايندڙ سال لاءِ ورڪنگ ڪميٽيءَ جي چونڊ مهاتما گانڌيءَ جي خواهش مطابق ڪئي وڃي.“
اُن تجويز کانپوءِ، سڀاش بابوءَ وڏي ڪوشش ڪئي تہ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو خاڪو تيار ٿي وڃي. هن بيماريءَ سبب گانڌيءَ کي لکيو تہ هو مهرباني ڪري ڪلڪتي اچي، پر گانڌيءَ انڪار ڪيو. نتيجي طور سڀاش چندر اپريل ۾ ڪلڪتي ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو اجلاس نبيري لاءِ سڏائڻ جو سوچيو، پر ٻي ڌر مفاهمت لاءِ تيار نہ هئي. نتيجي طور سڀاش چندر صدارت تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پنڊت جواهر لال نهروءَ، سڀاش چندر کي درخواست ڪئي تہ هو استعيفا نہ ڏئي، پر سڀاش چندر بوس استعيفا ڏئي ڇڏي. ان سان گڏ هن ۽ سندس ڀاءُ سرت چندر بوس انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽيءَ تان بہ استعيفا ڏئي ڇڏي.
اڳتي هلي سڀاش چندر بوس، 22 جولاءِ 1939ع تي، ’فارورڊ بلاڪ‘ ٺاهيو ۽ صوبائي ڪانگريس ڪميٽين جي اجازت کانسواءِ ستياگره جي منع خلاف 9 جولاءِ تي احتجاج جو ڏينهن ملهايو. هن ڪامياب احتجاج کان متاثر ٿي، هاءِ ڪمانڊ ورڪنگ ڪميٽيءَ هڪ قرارداد وسيلي سڀاش چندر کي ٽن سالن لاءِ ڪانگريس مان ڪڍي ڇڏيو. بنگال ڪانگريس ڪميٽيءَ، ان فيصلي کي نہ مڃيو ۽ سڀاش چندر ردعمل صرف هنن لفظن ۾ ظاهر ڪيو: ”بس، فقط ايترو ئي. . .!“
سڀاش چندر جي فارورڊ بلاڪ ڪانگريس تي زور ڀريو تہ جيئن تہ انگريز ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران جنگ ۾ ڦاٿل آهن، اُن ڪري ڪانگريس عارضي حڪومت ٺاهي مڪمل آزاديءَ جو اعلان ڪري، ان جون سموريون صوبائي حڪومتون هڪدم استعيفا ڏئي هٿياربند انقلاب آڻين ۽ انگريزن جي قبضي جو خاتمو آڻين. جڏهن ڪانگريس طرفان کيس ڪابہ مثبت موٽ نہ ملي تہ هن انقلابي واٽ اختيار ڪئي ۽ ڪلڪتي ۾ احتجاج ڪرايا. نتيجي طور کيس حڪومت هٿياربند تحريڪ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو. سڀاش چندر بيمار هو. هن جيل اندر خراب سلوڪ خلاف بک هڙتال ڪئي، جنهنڪري ٻاهر ملڪ ۾ عوامي غم غصي جي لھر پکڙي وئي، نتيجي طور حڪومت مجبور ٿي کيس آزاد ڪيو. آزاديءَ کانپوءِ هن گهڻو وقت اڪيلائيءَ ۾ گذاريو. چيو وڃي ٿو تہ ٻن مهينن تائين هن ڪنهن سان بہ ملاقات نہ ڪئي ۽ اندر اندر هن هندستان جي آزاديءَ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان مدد وٺڻ جا اٺسٺا ٺاهيا. سندس خواهش هئي تہ روس، جرمني۽ جپان سان هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڳالھہ ٻولھہ ڪري. اهڙيءَ ريت هن انقلابي رستو اختيار ڪندي، روس جي ڪامريڊ اسٽالن سان ملڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هڪ مسلمان واپاريءَ جو ويس پائي ماسڪو وڃڻ لاءِ ڪابل پهتو، پر کيس روس وڃڻ لاءِ ويزا نہ ملي. اُن بعد هن جرمن ڪائونسل خاني سان ڪنهن نموني رابطو ڪيو ۽ هٽلر جي سفير کيس برلن جي ويزا ڏئي، سرڪاري خرچ تي برلن روانو ڪيو، جتي هن هندستان مان انگريزن کي نيڪالي ڏيڻ جي لاءِ ايڊولف هٽلر سان ڪيتريون ملاقاتون ڪيون. هن جرمن ريڊيو تان بہ ڪيترا ڀيرا هندستاني عوام کي خطاب ڪيو، پر جرمن سرڪار جي هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪا خاص پيش رفت نہ ڏسي سڀاش چندر بوس نيٺ مايوس ٿيو ۽ هڪ ڏينهن پنھنجي زال ۽ ڌيءَ کي جرمنيءَ ۾ ڇڏي، خاموشيءَ سان هڪ جپاني آبدوز ۾ سوار ٿي سنگاپور وڃي پهتو. سينگاپور تي قابض جپاني فوجي قيادت، سنگاپور کي انگريزن کان آزاد ڪرائي، انگريزن جي پگهاردار هندستاني جنگي فوجين مان هڪ ’آزاد فوج‘ جوڙي ورتي هئي. سڀاش چندر بوس، انهيءَ انڊين نيشنل آرمـيءَ جـي ڪـمـان وڃـي سـنڀـالـي ورتي ۽ اُن کـي ’آزاد هـند فوج‘ (Indian National Army) نالو ڏنو. هن 5 جولاءِ 1943ع تي، سينگاپور ۾ ’آزاد هند فوج‘ جي پئريڊ کي مخاطب ٿيندي چيو:
”اڄ منهنجي زندگيءَ جو فخر مند ڏينهن آهي، هڪ غلام فرد لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙو اعزاز آهي تہ هو آزاديءَ جي فوج جو پهريون سپاهي آهي. آءٌ اوهان کي يقين ڏياريان ٿو تہ آءٌ اوهان سان اونداهين راتين توڙي روشن ڏينهن ۾ گڏ آهيان، اوهان جو ڏکن سکن ۾ ساٿي رهندس، ناڪاميءَ ۽ ڪاميابيءَ ۾ اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان کي بک، اُڃ، ڊگهن مارچن ۽ موت کان سواءِ ڪجهہ نہ ٿو ڏئي سگهان، پر جيڪڏهن اوهان منهنجا ساٿي ۽ همراھہ آهيو تہ مون کي يقين آهي تہ آءٌ اوهان کي سوڀ ۽ آزاديءَ طرف وٺي ويندس. اهو ڪو مسئلو نہ آهي تہ اسان مان ڪير زندھہ هوندو، جو آزادي ڏسي سگهندو، اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي تہ هندستان آزادي ماڻي، اسان هجون نہ هجون!“
سڀاش چندر بوس، هڪ موقعي، 6 جولاءِ 1944ع تي، پنهنجيءَ تقرير ۾، سينگاپور مان ’آزاد هند ريڊيو‘ تي مهاتما گانڌيءَ کي ’قوم جو پيءُ‘ (Father of Nation) سڏيندي، کيس مخاطب ٿيو تہ هو کيس دُعا ڪري ۽ سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري تہ جيئن هو آزاديءَ جي جنگ ۾ ڪامياب ٿئي.“
هن جا مشھور نعرا هئا: (1) ’توهان مون کي رت ڏيو، آءٌ اوهان کي آزادي ڏيندس‘، (2) ’دهليءَ هلو‘ (Delhi Chalo)، (3) ’جئہ هند‘. سڀاش چندر جو آخري نعرو ’جئہ هند‘ اڳتي هلي هند سرڪار ۽ انڊين آرميءَ جو مقبول نعرو بنجي ويو.
سڀاش چندر بوس، آزاد هند فوج وسيلي برما فتح ڪرڻ کانپوءِ ارادو ڪيو تہ آسام تي چڙهائي ڪري هندستان ۾ داخل ٿجي. ڪجهه ابتدائي ڪاميابين کانپوءِ انگريز شاهيءَ، هوائي جنگ دوران آزاد هند فوج کي تمام گهڻو نقصان پھچايو.
آگسٽ 1945ع ڌاري جپان جي شاهي حڪومت جي اڳواڻ هيرو هيٽو اعلان ڪيو تہ ’آزاد هند فوج‘ جي اعليٰ ڪمانڊر سڀاش چندر بوس جو هوائي جھاز چين جي هڪ ٻيٽ ۾ ڪري تباھہ ٿي ويو. اهڙيءَ ريت پراسرار حالتن ۾ سڀاش چندر بوس جو المناڪ موت، شڪ ۽ گمان جي درمياني ڪيفيت ۾ ٿيو.
چيو وڃي ٿو تہ سڀاش چندر بوس جو موت، تائهوڪو ‘Taihoku’ (Taipel)، تائيوان ۾، 18 آگسٽ 1945ع تي، جھاز جي هڪ حادثي ۾ ٿيو، جڏهن هو ٽوڪيو (Tokyo) پئي ويو، جتان امڪان هو تہ سوويت يونين وڃي ها. اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ سڀاش چندر جو جسم گهڻيءَ حد تائين سڙي چڪو هو ۽ هڪ مقامي اسپتال ۾ چئن ڪلاڪن بعد دم ڏنو هئائين. ڪرياڪرم کانپوءِ، تائيهوڪو جي ’نشي هونگنجي ٽيمپل‘ (Nishi Honganji Temple) ۾، ٻڌمت جي رسمن موجب، تقريب کانپوءِ سندس رک جپان ۾ آڻي، ٽوڪيو جي ’رينڪو جي ٽيمپل‘ (Renko ji Temple) ۾ سماڌي ٺاهي وئي. هنن واقعن جي تصديق ڪئپن يوشيدا تئنيوشي (Yashida Teneyoshi) ۽ هڪ برطانوي جاسوس ڪئي هئي. بوس جي جسد خاڪي نہ ملڻ ڪيترن افواهن کي جنم ڏنو. ڪن جي دعويٰ هئي تہ بوس جيئرو هو، جيڪو اڳتي هلي سائيبريا ۾ مئو. هن معاملي جي جاچ لاءِ هندستاني حڪومت ڪيتريون ڪميٽيون ٺاهيون. مئي 1956ع ۾ چئن ڄڻن تي مشتمل هڪ هندستاني ٽيم، جنهن کي ’شاهنواز ڪميٽي/ ڪميشن‘ سڏيو ويو، جپان وڃي بوس جي امڪاني موت جو جائزو ورتو، پر اها بہ سندس موت جي تصديق نہ ڪري سگهي. هندستاني حڪومت، اڳتي هلي، بهتر سفارتي لاڳاپن نہ هئڻ ڪري، تائيوان حڪومت کان ان ڏس ۾ ڪو سهڪار حاصل نہ ڪري سگهي. گهڻو گهڻو پوءِ جسٽس مکرجيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ’جاچ ڪميشن‘، 2005ع- 1999ع واري عرصي ۾ تائيوان حڪومت جي سهڪار سان هن راز (Disappearance Mystery) بابت رابطو ڪيو، پر تائيوان حڪومت اهڙي ڪنهن حادثي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو.
1992ع ۾ ڀارت سرڪار، سڀاش چندر بوس لاءِ بعد ازمرگ، وڏي ۾ وڏي سول اوارڊ، ’ڀارت رتن‘ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. پر سپريم ڪورٽ جي اُنهن هدايتن موجب واپس ورتو ويو، تہ سڀاش چندر جي موت جي اڃا تصديق نہ ٿي آهي. بهرحال، هندستاني پارليامينٽ ۾ بوس جو پورٽريٽ لڳايو ويو آهي ۽ اولھہ بنگال جي ليجسليٽوِ اسيمبليءَ آڏو سندس مجسمو کڙو ڪيو ويو آهي.
هندستان جي آزاديءَ بابت لکيل ڪيترن ڪتابن ۾ سڀاش چندر بوس جي شخصيت، ڪردار ۽ سندس ’موت جي پراسراريت‘ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن مان هيٺيان ٻہ ڪتاب اهم آهن:
(1) Netaji: Dead or Alive? By: Samar Guha
(2) Back from Dead Inside the Subash Bose Mystery: Anju Dhar.
آخري ڪتاب ۾ ڪيترا ’انتهائي مخفي‘ (Top secret) دستاويز ۽ تصويرون ڏئي، دليل پيش ڪيا ويا آهن تہ سڀاش چندر بوس، 1985ع تائين زندھہ هو. ڪتاب ۾ پرناب مکرجي ۽ انڊين انٽيليجنس بيورو تي الزام هنيا ويا آهن تہ انهن حقيقت کي لڪايو آهي.
ڀارت ۾ اڄ بہ سڀاش چندر بوس کي ’نيتا جي‘ جي احترام لائق نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مشھور برطانوي تاريخدان، مائيڪل ايڊورڊ، پنھنجي ڪتاب ‘The Last years of India’ ۾ بوس کي هيٺين لفظن ۾ ياد ڪيو آهي: ”بوس، هندستان جي واحد غير معمولي شخصيت هو، جنهن مختلف تشدد واري واٽ اختيار ڪئي ۽ ان حوالي سان اهلِ هند هن کي ٻين اڳواڻن کان وڌيڪ پنهنجو ڪيو، جيتوڻيڪ هن ظاهري طور ڪاميابي حاصل نہ ڪئي.“
(Only one outstanding Personality of India took a different and violent path and in a sense India owes more to him than to any other man even though he seemed to be a failure.)
ڀارت جي مشھور فلم ڊائريڪٽر شيام بينيگل، نيتاجيءَ جي زندگيءَ تي هڪ فلم ’بوس‘ جي نالي سان ٺاهي هئي، جيڪا تمام گهڻي مقبول وئي.
1897.03.23 عيسوي
سڀاش چندر بوس، بنگال پـرڳـڻي جي هڪ هـنـدو ’ڪائسٿ‘ (برهمڻ: Kayastha) خاندان ۾، 23 جنوري 1897ع ۾، ڪٽڪ، اوڙيسا (Cuttack, Odisha) ۾ ڄائو،
1945.08.18 عيسوي
سڀاش چندر بوس جو موت، تائهوڪو ‘Taihoku’ (Taipel)، تائيوان ۾، 18 آگسٽ 1945ع تي، جهاز جي هڪ حادثي ۾ ٿيو، جڏهن هو ٽوڪيو (Tokyo) پئي ويو، جتان امڪان هو ته سوويت يونين وڃي ها. اهو به چيو وڃي ٿو ته سڀاش چندر جو جسم گهڻيءَ حد تائين سڙي چڪو هو ۽ هڪ مقامي اسپتال ۾ چئن ڪلاڪن بعد دم ڏنو هئائين.