سڄڻ سنڌي

سڄڻ سنڌي

سڄڻ سنڌي

سڄڻ سنڌي: قومي گيت ڳائيندڙ نامياري راڳي، سڄڻ سنڌيءَ جو اصل نالو قربان علي ولد غلام رسول اعواڻ آهي. سندس جنم 17 جولاءِ 1952ع تي، موهن جي دڙي ويجهو ڏوڪري تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو. سڄڻ سنڌيءَ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) تائين تعليم حاصل ڪئي، کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. هن پهريون ڀيرو رتيديري ۾ اسٽيج تي ڳايو، ان وقت سندس عمر 15 سال هئي ۽ اڳتي هلي هن راڳ جي سکيا استاد گلزار علي خان کان حاصل ڪئي. سڄڻ سنڌيءَ جي ڳائڻ جو انداز سادو ۽ سليس آهي. هو قومي گيتن کان سواءِ گيت، غزل ۽ وائي وغيرہ بہ تمام سھڻي انداز ۾ ڳائيندو آهي.
سڄڻ سنڌيءَ ريڊيو تي پهريون ڀيرو 1990ع ۾ پروگرام ’ڪچهريءَ‘ ۾ ڳايو، کيس ٽيليويزن تي پهريون دفعو پروڊيوسر سميع بلوچ پروگرام ’سُر سنگيت‘ ۾ ڳارايو.
سڄڻ سنڌي حاضر دؤر ۾ ريڊيو، اسٽيج ۽ آڊيو ڪئسٽن جي دنيا جو هاڪارو فنڪار آهي، هيل تائين سندس آواز ۾ 50 کان مٿي آڊيو ڪئسٽون رليز ٿي چڪيون آهن. هن جو قومي تحريڪ سان شروع کان گهرو تعلق رهيو آهي.
سڄڻ سنڌي ادب سان بہ لڳاءُ رکي ٿو. هو سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ سڀيتا سنگت جو سرگرم ميمبر رهيو آهي. سڄڻ سنڌيءَ هيل تائين شاھہ لطيف رح، سچل سرمست، استاد بخاري، راشد مورائي، آسي زمينيءَ، عبدالغفار تبسم، مقصود گل، مدهوش ڀٽو، زخمي چانڊيو، غلام نبي مهيسر ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جي شاعري ڳائي آهي. سندس ڳايـل ڪـلامـن ۾: ’آءُ گهـڙي کـن هـيـٺ لهـي آ‘، ’تنهنجو حسين خيال‘، ’در ضبط جا ٽوڙي‘، ’ڇا قوم تي لکان مان‘ بيحد مقبول ٿيا.
سڄڻ سنڌي شاعري بہ ڪندو آهي ۽ ڏوڪريءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ سڄڻ سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.07.17  عيسوي

قومي گيت ڳائيندڙ نامياري راڳي، سڄڻ سنڌيءَ جو اصل نالو قربان علي ولد غلام رسول اعواڻ آهي. سندس جنم 17 جولاءِ 1952ع تي، موهن جي دڙي ويجهو ڏوڪري تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فيروز گل
فقير غلام جعفر سمو
سيد سليمان شاھہ
عبدالله ڪڇي
مريد عباس
خاصخيلي ذوالفقار علي
منظور سخيراڻي
ڪارو شڪاري
استاد ھدو خان
سوڍل فقير لغاري
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون