
سچل جو فڪر
سچل جو فڪر (ڪتاب): هي ڪتاب نوجوان نقاد ۽ اديب حزب ﷲ آءِ. سومري جي سچل سيمينارن/ ڪانفرنسن ۾ پڙهيل ۽ سچل سرمست جو شخصيت، فڪر ۽ فلسفي تي لکيل تحقيقي مقالن جو ڪتاب آهي. ڪتاب جو انتساب سنڌي ادب جي محسن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي ڪيل آهي. مقالن جو وچور هن ريت آهي:
(1) حضرت سچل سرمست فاروقي، (2) دنيا کي تصوف جي ضرورت، (3) قادري طريقي جو صــوفــي با صفا، (4) سچل سرمست جو فڪر، (5) سچل سرمست جو فڪر، (6) هين تو آپ ﷲ..... (7) جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نہ ٿئي، (8) ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ ﷲ آپ بڻيجي، (9) پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو ۽ ان جون صورتون، (10) من عرف نفسھُ فقد عرف ربھُ، (11) انگريزي سرڪار خلاف جدوجھد ۾ سچل سائينءَ جو ڪردار، (12) سچل جي نظر ۾ ملا جو ڪردار، (13) علامہ غلام مـصطـفـى قـاسمـيءَ وٽ سچـل جـي صـوفياڻـي فڪر جون خصوصيتون، (14) ڊاڪـٽر بـلـوچ وٽ سـچـل جـي صـوفياڻـي فڪر جون خصوصيتون، (15) حـامــيءَ وٽ سـچــل جـي صـوفياڻـي فـڪــر جــون خـصــوصيتـون، (16) رشيـد ڀٽـيءَ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون،
(17) ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون، (18) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سچل شناسي، (19) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سچل شناسي، (20) برڪت بلوچ جي سچل شناسي، (21) سچل سرمست جي مستند رسالي جي تربيت، آخر ۾ ليکڪ جو تعارف صنم سنڌو ڀنڀرو ڪرايو آهي.
ڊيمي سائيز جي 127 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پريت پبليشنگ هائوس، خيرپور آگسٽ 2011ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جو ملھہ 100 روپيہ آهي.