
سچل سرمست جون سي حرفيون
سچل سرمست جون سي حرفيون (ڪتاب): حضرت سچل سرمست جي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام مان سه حرفين جي انتخاب تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور ليکڪ آزاد قاضيءَ جو مرتب ڪيل آهي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي ڪلام جون ٽيھہ اکريون (سي حرفيون) سُر وار الف- ب جي ترتيب ۾ ڏنيون ويون آهن. سه حرفيون ۽ ڪتاب جو انتساب مرتب پنھنجي استاد لعل بخش پيرزادي کي ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر نيلوفر شيخ جا ٻہ اکر بہ شامل آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. ان کانسواءِ آزاد قاضي ’سچل جي شاعري، سندس سي حرفين‘ ۽ ڪلام، سوانح توڙي فن ۽ دور تي جامع انداز ۾ لکيو آهي.
رنگين جلد سان، ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.