سچل شيخ: موسيقار محمد سچل شيخ 1928ع ڌاري ڳوٺ بقاآباد تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ ۾ دلچسپي هئس. استاد لونگ فقير جي شاگرديءَ ۾ رهي هارمونيم سکيو. ڪيترائي سال مشھور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي سان گڏ محفلن ۾ باجو وڄايائين. بعد ۾ روهڙيءَ ۾ باجن جي مشھور ڪاريگر عبداللطيف پنجابيءَ کان باجا ٺاهڻ جو فن سکي پوءِ ڳوٺ ۾ دڪان کوليائين. 28 سال باجا ٺاهڻ جي هنر سبب پاڪستان توڙي هندستان ۾ سندس ٺاهيل باجا گهڻو پسند ڪيا ويا. هن ڪيترائي باجا ٺاهي مندرن ۽ صوفي درگاهن تي سوکڙي طور ڏنا. خواجہ معين الدين چشتيءَ جي درگاھہ جي قوالن کي بہ سندس باجا پسند هئا. هو 2001ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ ۽ پوٽا بہ ساڳي فن سان لاڳاپيل آهن.