سچ ٿا مرد چون

سچ ٿا مرد چون

سچ ٿا مرد چون

سچ ٿا مرد چون (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن سماج جون ڪافي حقيقتون کولي بيان ڪيون آهن. هن سنڌ مان ورهاڱي جي حادثي ۾ ڌڪجي آيل سنڌي اڳواڻن، واپاري ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي سنڌين جي سماجي چڱاين توڙي پنھنجي سماج، ٻولي ۽ ثقافت سان بي ڌيانيءَ کي کولي بيان ڪيو آهي. هن ڄاڻايو آهي تہ سنڌي بي گهر ٿيا آهن، پر تعليم حاصل ڪن ٿا، دان ڏين ٿا، نوڪريون ۽ واپار ڪن ٿا، ڌنڌي کي عيب نہ ٿا سمجهن، ڪمائي گهر، بلاڪ ۽ ڪالونيون ٺهرائين ٿا، سنڌ ورقي ولايت ۾ ڪمائي، ڪروڙين روپيا دان ڪري اسپتالون، اسڪول ٺهرائين ٿا، عام سماجي براين ۾ ڦاٿل نہ آهن. باوجود ان جي سنڌين جو نئون نسل، جن کي ماضيءَ جي ڄاڻ نہ آهي، سي پڇن ٿا، هو سنڌي ڇوٿا سڏجن؟ ٽي. ويءَ تان سنڌي پروگرام ڇو نہ ٿا اچن؟ اسان کي چونڊن وقت ڪابہ پارٽي ٽڪيٽ ڇو نہ ٿي ڏئي، انهن ۽ اهڙن ٻين سوالن کي آڏو رکي، ڪتاب ۾ پوپٽيءَ بنھہ ڪڙا سچ لکيا آهن، جن ۾ قومي اڳواڻن جون سياسي غلطيون، مذهب جي بنياد تي قوم جي ورهاڱي، نصاب ۾ قومي سورمن جي ذڪر نہ هئڻ سان گڏ سنڌي ڪانگريس اڳواڻن جي غلط پاليسي، جنهن موجب سنڌي- عربي لپيءَ جي مخالفت، مقامي معاشرت ۾ قومي حيثيت وڃائي شامل ٿيڻ جي صلاح، آئين ۾ سنڌي ٻولي شامل نہ ڪرائڻ، گانڌيڌام جي اسڪولن ۾ هندي ميڊيم شروع ڪرائڻ، ڀائي پرتاب ۽ چوئٿرام جون غلطيون وغيرہ بيان ڪيون آهن. ڊيمي سائيز جي 102 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ديپشکا پبليڪيشن، ممبئيءَ 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 40 روپيا آهي.


لفظ سچ ٿا مرد چونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو