سچ ۽ سونهن وريام ورونهن

سچ ۽ سونهن، وريام ورونهن (ڪتاب): هي ڪتاب مشھور سگهڙ وريام فقير شيخ جي شاعري ۽ سندس حياتيءَ جي احوال تي مشتمل آهي، جنهن کي نامياري محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب وريام فقير پنھنجي والد بزرگ مرحوم الهيار فقير شيخ جي نالي ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا ’ٻہ اکر‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ’سنيهو‘، سيد صالح محمد شاھہ جا ’پيش لفظ‘، ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري جا ’ٻہ اکر‘ ۽ ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جو ’مهاڳ‘ شامل آهن. ان کانپوءِ ڪتاب ۾ سگهڙ وريام فقير جي شاعري ڏنل آهي، جيڪا شاعري سگهڙائپ واري فن تي مشتمل آهي، منجهس ڏاهپ ۽ روحاني رمزن وارا نڪتا سمايل آهن. 467 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد واري ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ’مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور‘ جي تعاون سان سنڌ سگهڙ سالڪ ويلفيئر ايسوسيئيشن ميرپور ٻرڙي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو