سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو (ڪتاب): هي سنڌي نثر جو اوائلي ڪتاب آهي، جيڪو سيد ميران محمد شاهه (اول) 1855ع ۾ پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ’سبودي عبودي‘ تان ترجمو ڪيو. هي دراصل ٻن ماڻهن جو قصو آهي، جن ۾ سڌا تورو نيڪ ۽ ملڪي قانون جو پابند آهي، جڏهن ته ڪڌا تورو خراب ۽ غير ذميوار آهي. هي قصو سنڌيءَ ۾ ابتدائي نثر جي شڪل کي واضح ڪري ٿو. ’تورو ۽ ڪڌا تورو'>سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو‘ 1959ع ۾ مهراڻ رسالي ۾ پڻ ڇپيو.