سڏونت سارنگا

سڏونت سارنگا: هي ٿر جو هڪ مشھور لوڪ عشقيہ داستان آهي ۽ پهرين عيسوي صديءَ جي دور سان تعلق رکي ٿو. جڏهن پاري نگر تي راجا ساليواهن راڄ ڪندو هو. کيس سڏونت نالي هڪ پُٽ هو. ان زماني ۾ پاري نگر ۾ اوسواڙ ذات جا جين رهندا هئا، جيڪي وڏا مالدار هئا. انهن ۾ سيٺ پرمشا نالي هڪ ارب پتي شخص رهندو هو، جنهن کي سارنگا نالي هڪ خوبصورت ڌيءَ هئي. سيٺ پرمشا جڏهن سارنگا کي پڙهڻ لاءِ مڪتب موڪليو، تہ رستي ۾ سندس ملاقات سڏونت سان ٿي وئي، ٻئي ڄڻا هڪٻئي جي نينھن ۾ اڙجي ويا. سارنگا کي سڏونت سان گهرو عشق ٿي پيو، سارنگا جي اسڪول ۾ هڪ باغ هوندو هو، جنهن کي شاگرد واري واري پاڻي ڏيندا هئا، جنهن ڏينهن سارنگا جي پاڻي ڏيڻ جو وارو هوندو هو، اُن ڏينهن تي سڏونت بہ اچي ويندو هو ۽ ٻئي ڪچهريون ڪندا هئا. سارنگا جڏهن سورهن سالن جي ٿي تہ سندس مائٽن اُجين نگريءَ جي هڪ سيٺيي سان کيس پرڻائي ڇڏيو. اُجين نگريءَ جو سيٺيو روپاشا جڏهن ڄڃ وٺي پرڻجڻ آيو تہ سارنگا اٽڪل ڪري، چؤنريءَ جا چار ڦيرا پنھنجي هڪ داسيءَ کان ڏياريا ۽ پاڻ سڏونت سان ملڻ لاءِ نڪري وئي. سارنگا کي سڏونت ملي نہ سگهيو، جنهنڪري هن سڏونت لاءِ نياپو ڇڏيو تہ ’سڏونت ساڻس ديويءَ واري مندر ۾ رات جو اچي ملي، جتان سارنگا کي پوڄا پاٺ ڪري، ڄڃ سان روانو ٿيڻو هو. سارنگا جو نياپو ملڻ سان ئي سڏونت سج لٿي کان ديويءَ جي مندر ۾ اچي ويهي رهيو، ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ سارنگا وچن موجب نہ پهتي، سڏونت بيچينيءَ ۾ ننڊ ڦٽائڻ واري ڦڪي کائڻ بدران ننڊ ڏيارڻ واري ڦڪي کائي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويو. ڪجهہ ساعتن کان پوءِ سارنگا بہ ڇيرن جي ڇم ڇم ڪندي آئي، سڏونت کي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر سڏونت ننڊ جي ڦڪي کائي سُتو هو، ان ڪري سارنگا مايوس ٿي هڪڙي ڳاھہ لکي سڏونت ڀرسان رکي، ڄڃ سان اُجين نگري رواني ٿي وئي. صبح جو جڏهن سڏونت کي سجاڳي ٿي تہ پنھنجي نادانيءَ جو وڏو ارمان ٿيس، پر پوءِ سارنگا جو لکيل ڏَس پتو ڏسي، جوڳياڻو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي نڪري پيو.
سارنگا ڄڃ سان گڏ جن رستن تان گذرندي وئي، اُتان سڏونت لاءِ پنهنجا ڏَس پتا اشارن ۾ ڇڏيندي وئي، هڪ جاءِ تي هڪڙو ريٻاري مينهن ڏُهي رهيو هو، سارنگا جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو ۽ کير چؤنريءَ مان ٻاهر وهڻ لڳس، ان تي سارنگا چيس تہ:
پاراڻي را رائيڪا، ٿارو ڏوڌ ڍوڙاڻو جاءِ،
سڏونت آئي ايم ڪهي، سارنگا روتي جاءِ.
(اي پاري نگر جا رهندڙ! تون اکيون ڦاڙي نہ نهار، تنهنجو کير هارجي رهيو آهي، مهرباني ڪري سڏونت اچي تہ کيس چئجان تہ سارنگا روئندي پئي وڃي.)
سارنگا جي ڄڃ هڪ هنڌ هلي ٻير جي هڪ وڏي وڻ هيٺان منزل ڪئي، سڏونت جيڪو پويان آيو پئي، سو وجهہ وٺي اڌ رات جو ان وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. سڏونت سارنگا کي ڏسي روئي ڏنو. سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا ۽ هڪڙو لڙڪ وڃي سارنگا جي ڳل تي ڪِريو، تڏهن سارنگا چيو تہ:
آنٻو جهري آنٻلي، ڀڄي نؤ سرو هار،
رس چس تو سب چَکيا، ڪيئن روئين گينوار.
روپاشا جي ڀاءُ، يعني سارنگا جي ڏير اهي ٻول ٻُڌي ورتا ۽ صبح جو روپاشا کي چيائين تہ:
ڪانچوئو ڪس مئيو، سارون ڀراڻو سري،
ويرا، مين تنا برجيو، ڀاڀي ناھہ ڪُسري.
(اي ڀاءُ، ڀاڀيءَ جي پائڻ وارو ڪپڙو، ريشمي وڳو سمورو سرن سان ڀريو پيو آهي، مون کي سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ ڀاڀي خيرن سان ناهي.)
سارنگا جڏهن ڏير جي واتان اهي جملا ٻُڌا تہ چيائين:
ٻودو ڪپڙو، ٻھہ رنگو، سبڻ وارو اڍنگ،
ٽڙ ٽڙ ٽانڪا ٽُٽيا، آرس موڙيندي انگ.
(منهنجو پائڻ وارو ڪپڙو گهڻن ڏينهن جو سڙيل آهي، ٻيو وري سبڻ وارو درزي اڍنگو هو، آرس موڙيندي ٽانڪا ٽُٽي پيا، تنهنڪري ڪپڙن ۾ سَرَ آهن.)
ڪجهہ وقت ۾ ڄڃ اُجين نگريءَ پهتي، سڏونت بہ ڄڃ پٺيان اُجين نگريءَ وڃي پهتو. سڏونت اُجين نگريءَ ۾ جوڳين جو ويس ڪري، سارنگا جي ساهرن جو ڏَس پتو پُڇائي، سندس دروازي تي اچي بِکيا لاءِ صدا هنيائين. سارنگا سندس صدا ٻڌندي ئي موتين جو ٿالھہ ڀري، در تي دان ڏيڻ لاءِ آئي تہ سڏونت کي ڏسي، ٿالھہ سندس هٿن ۾ رهجي ويو، ٻنهي جون نگاهون هڪ ٿي ويون. ٿالھہ مان موتين جا داڻا ڪانوَ چُڳڻ لڳا. اهو لقاءَ روپاشا پنھنجي محل جي ماڙيءَ تان بيٺي ڏٺو، تنهن پنھنجي راڻي سارنگا کي چيو:
اس نگري مورک وسي، چتر وسي نہ ڪوءِ،
ڪانگا موتي چُگ گيا، ڪُوڪ نہ ڪري ڪوءِ.
(هن نگريءَ ۾ رڳو مورک پيا وسن، ڪو بہ سياڻو نہ آهي. ڪانو موتي چڳي ويا آهن ۽ ڪو دانهن بہ نہ ٿو ڪري.)
جنهن تي سارنگا چيس:
اس نگري چتر وسي، مورک وسي نہ ڪوءِ،
ٻاراتڻ ري پريتڙي، ميت ميلاپو هوءِ.
ائين اُتي ٻنهي پريمين جو ساھہ پرواز ڪري ويو ۽ سنڌ جو هي لوڪ عشقيہ داستان هميشہ لاءِ امر ٿي ويو.


لفظ سڏونت سارنگاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو