سکر ميونسپالٽي: سکر ميونسپالٽي 1856ع ۾ شروع ٿي، جڏهن شھر جي آدمشماري 12 هزارن کي قريب پهچڻ تي هئي، انهن ڏينهن ۾ حڪومت شھر واسين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي. صدارت ڪليڪٽر ڪندو هو، جو شڪارپور ۾ رهندو هو. 1883ع ۾ جڏهن سکر ضلعو بنجي ويو تہ 1884ع ۾ پهريون دفعو شھر واسين کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو، مگر صدر ڪليڪٽر ٿيندو هو، راءِ صاحب ديوان پيسو مل شوقيرام پهريون شھر واسي هو. جيڪو صدارت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. 1911ع ۾ شھر واسين کي صدر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ سکر جو مشھور وڪيل ديوان ڀوڄ سنگهہ کي صدر چونڊيو ويو ۽ 1914ع تائين صدر رهيو. 1922ع کان 1928ع تائين ٻيو دفعو صدر ٿيو. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڌار صوبو ٿيو تہ ديوان ڀوڄ سنگهہ سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون اسپيڪر ٿيو. هو ميونسپل جنرل لائبرريءَ جو چيئرمئن بہ هو.
1914ع کان 1922ع تائين ميان پير بخش سي. آئي. اي رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر ميونسپالٽيءَ جو صدر ٿيو. 1938ع کان 1937ع تائين ديوان بھادر ايند سنگهہ پبلڪ پراسيڪيوٽر صدر ٿيو ۽ 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر بسنترام موٽواڻي وڪيل صدر هو.