سک جو سنيهو (رسالو): هيءُ ماهوار طبي رسالو جنوري 1916ع کان اسرار صحت دوا خانہ شڪارپور جي مالڪ حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابي لڪشمي پريس شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت شھر واسين کان سال لاءِ ڏيڍ روپيو، هندستان اندر هڪ روپيو ڏھہ آنا ۽ هندستان کان ٻاهر ٻہ روپيا مقرر ٿيل هئي، رسالي جي پهرين ڪجهہ شمارن جي سر ورق تي هيٺيون شعر شايع ٿيل هوندو هو:
سنيها صحت جا جنهن مھل ايندا،
درد ۽ روڳ جا دم ان ئي مھل نيندا،
ڪار اهڙي ڪندا پيا اهي تيز ڀالا،
شريرن تي ڪندا نت نوان اُجالا.
پنجاھہ صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن رسالي ۾ طب، صحت ۽ تندرستيءَ تي مفيد مواد پيش ڪيو ويندو هو. موضوع سان مطابقت رکندڙ تصويرون پڻ شايع ڪيون وينديون هيون. هن رسالي ۾ ڪجهہ مستقل ڪالم بہ شايع ڪيا ويندا هئا، جن ۾ ٻن صفحن جو ڪالم ’کليل کڙڪي‘ جي عنوان سان هو، جو نهايت دلچسپ طبي تحقيقات متعلق هو، ٻيو ڪالم ’سمالوچنا‘ جي سري سان شامل هوندو هو، جنهن ۾ مختلف ڪتابن جو تعارف ۽ انهن تي تنقيدي رايا شايع ڪيا ويندا هئا. هن رسالي ۾ پڙهندڙن جي سوالن جا جواب بہ ڏنا ويندا هئا، هن رسالي جو هڪ شمارو ’ناري‘ نمبر شايع ٿيو. هن رسالي جي ادارت جا فرائض ڪيترو وقت حڪيم ڌنراج سنڀاليندو هو، بعد ۾ سندس پٽ حڪيم ڀڄن لال سنڀاليندو هو. هن رسالي جون 1920ع تائين 500 ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، بعد ۾ 1935ع ۾ هزار ڪاپين تائين پهتيون. 1947ع تائين هيءُ رسالو باقاعدي شايع ٿيندو هو، ورهاڱي بعد بند ٿي ويو.