
سڪندراعظم

سڪندراعظم

سڪندراعظم ۽ راجا پورس جي جنگ جي خيالي تصوير
سڪندراعظم: سڪندراعظم کي سڪندر مقدوني (ٽيون) ۽ اليگزينڊر دي گريٽ (Alexander the Great) بہ چيو وڃي ٿو. هو 33 سالن جي عمر جو دنيا جو تمام وڏو فاتح ۽ شهنشاھہ ٿي گذريو آهي. سندس ڪردار ۽ شخصيت جي مڃتا يونان جي تاريخ نويسن کان وٺي سڄيءَ دنيا جي مؤرخن وٽ ملي ٿي. هو هڪ باهمت، با اصول ۽ انفراديت پسند انسان هو، جنهن جي شخصيت ۾ يوناني قوم جا اعلى آدرشي گڻ سمايل هئا.
هن نہ رڳو دنيا جي مختلف رياستن ۽ تهذيبن: مصر، عراق، ايران ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اولهندي ڀاڱي کي پنھنجي طاقت جي زور تي قبضي هيٺ آندو، بلڪ هن جنهن بہ رياست کي فتح ڪيو، اتان جي تھذيب ۽ تمدن جو قدر ڪيو. قومي ۽ مذهبي تعصب کي ختم ڪري انساني زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جي پاسداري ڪئي. ڌارين سان سٺو سلوڪ رکڻ ۽ کين اعلى مرعاتن ڏيڻ ڪري يوناني فوج جا ڪيترا سپھہ سالار ۽ ويجها عزيز سندس خلاف ٿي پيا. ان ڪري نہ فقط وقت سر بغاوت کي ٻنجو ڏنو، پر پنھنجي فوج جي باغين کي موت جي سزا بہ ڏني، جن ۾ ڪي سندس ويجها دوست ۽ عزيز بہ شامل هئا.
هن پنھنجي فوج ۾ ٻين قومن سان تعصب پسنديءَ کي ختم ڪرڻ جو رجحان پيدا ڪيو ۽ هڪ ارڏي اڳواڻ جي حيثيت سان پنھنجي فوج سان محبت، خلوص ۽ رواداريءَ وارو سلوڪ رکيو. جنهنڪري کيس ايشيائي قومن ۾ هڪ لوڪ ڪردار ۽ هڪ مثالي انسان جي حيثيت سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
يونان جي تاريخي روايت موجب سڪندراعظم جو جنم قديم يوناني رياست مقدونيا(Macedonia) جي تخت گاھہ پيلا (Pella) ۾، يوناني سال موجب هيڪاٽومبين (Hekatombain) مهيني جي ڇهين ڏينهن مطابق 20 يا 21 جولاءِ 356 ق. م ۾ ٿيو، پر ڪي محقق ۽ مؤرخ سندس جنم جي تاريخ تي متفق نہ آهن. سندس پيءُ فلپ (ٻيو) ان وقت مقدونيا جي رياست جو بادشاھہ هو ۽ سندس ماءُ اولمپئيس (Olympias) اپيريس (Epirus) جي بادشاھہ نيئوپٽولمس پهرئين جي ڌيءَ هئي، جيڪا فلپ جي ستن يا اٺن زالن مان هڪ هئي. سندس ماءُ اها دعوى ڪئي هئي تہ: ”سڪندر يوناني ديوتا ’زيوس‘ (Zeus) جو پٽ آهي ۽ کيس ديوتا زيوس کان سواءِ ڪوبه گرڀ واري ڪري نہ ٿو سگهي.“
سڪندراعظم جي پرورش شاهي خاندان ۾ ٿي هئي. سندس بنيادي تعليم لاءِ ليونيڊاس(Leouidas) جهڙي سخت استاد کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو سندس ماءُ جو ويجهو عزيز هو. جنگي مهارت توڙي بادشاهي گر سکڻ لاءِ فلپ پنھنجي جنرل ليسيمئڪس (Lysimachus) کي سڪندر جي تربيت جو حڪم ڏنو. سڪندر لکڻ، پڙهڻ، بربط (Lyre) وڄائڻ، گهوڙي سواري ڪرڻ، وڙهڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو فن سکيو. ڏهن سالن جي ڄمار ۾ سندس پيءُ فلپ ٿيسليءَ جي واپارين کان کيس ڀلو گهوڙو خريد ڪري ڏنو، جنهن کي سڪندر پنهنجو وفادار گهـوڙو سمجهندو هو. سڪندراعظم هن گهوڙي جو نالو ’بيوسي فالس‘
(Bucephalas) رکيو هو.
سڪندر جڏهن 13 سالن جو ٿيو تہ سندس بهتر تعليم لاءِ ارسطو جهڙي عظيم استاد کي مقرر ڪيو ويو.
ارسطو فلپ جو شاهي ملازم ۽ طبيب هو، پر ڪن ڳالهين جي ڪري فلپ سان سندس ناراضگي بہ هئي، شاهي حڪم موجب ارسطو سڪندر کي تعليم ڏيڻ جي ڳالھہ قبول ڪئي، پر هن ڪجهه شرط رکيا، جيڪي هئا تہ بادشاھہ فلپ پاران تباھہ ڪيل ارسطوءَ جي اباڻي شھر ’اسٽيگرا‘ کي ٻيهر تعمير ڪرائي، اتان جي رهواسين کي غلاميءَ مان آزاد ڪري، کين مروج معاوضي کان وڌيڪ معاوضو ڏني وڃي. فلپ اهي شرط قبول ڪيا، جنهن کانپوءِ سڪندر 16 سالن جي ڄمار تائين ارسطو وٽ تعليم حاصل ڪئي، جنهن جو مٿس تمام گهٽ اثر ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ دوران سندس ڪيترا دوست ۽ ساٿي ٿيا، جيڪي بعد ۾ سڪندر جا سهڪاري ۽ جرنيل بڻيا.
16 سالن جي ڄمار ۾ سڪندر جي پيءُ فلپ کيس مقدونيا ۾ ولي عھد مقرر ڪري پاڻ بطنطيني علائقي تي ڪاهي ويو، جنهنڪري پويان ٿريشيا جي مائيدي قبيلي سڪندر کي ٻار سمجهي بغاوت ڪئي، پر هن ننڍيءَ عمر ۾ پنھنجي فوجي صلاحيت ۽ بهادريءَ سان ان بغاوت کي ختم ڪيو، جنهن کانپوءِ يونان جي شھري رياستن پاڻ ۾ الحاق ڪري مقدونيا تي ڪاھہ ڪئي، جنهن جو بہ هن منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ان وقت سندس عمر 18 سال هئي. ان بعد سندس پيءُ فلپ سندس ماءُ کي طلاق ڏني، جنهنڪري هو پنھنجي ماءُ سان گڏ هليو ويو ۽ کيس شاهي ورهاست کان محروم ڪيو ويو. 336 ق.م ڌاري هڪ وڏي سازش هيٺ سندس پيءُ فلپ (ٻيو) قتل ٿي ويو. هي هڪ وڏو واقعو هو، جنهنڪري شاهي خاندان خلاف بغاوت شروع ٿي. مقدونيا جي ماڻهن قلپ جي قتل جو الزام سڪندر ۽ سندس ماءُ تي مڙهيو، پر بعد ۾ اهو الزام غلط ثابت ٿيو فلپ کي سندس نياڻيءَ جي ور امير نوجوان ’پاسسا نياس‘ شاھہ ايران طرفان آڇيل لالچ تي قتل ڪيو هو. سڪندراعظم تخت گاھہ واري شھر (Pella) ۾ داخل ٿيو ۽ فوج سندس استقبال ڪري کيس پنهنجو بادشاھہ مقرر ڪيو. پوءِ هن لنڪيسٽس ۽ ٿيسلي طرف قدم وڌايا. آخر يونان ۾ کيس مهاراجا تسليم ڪيو ويو.
سڪندر جي پيءُ فلپ پنھنجي حياتيءَ ۾ ايشيا تي ڪاھہ ڪرڻ جو سوچيو هو، جنهن لاءِ يونان جي شھري رياستن ۽ مختلف علائقن اتحاد ۽ ارادو ڏيکاريو هو. پر فلپ جي وفات کانپوءِ اهو خواب اڌورو رهجي ويو، ان ڪري سڪندراعظم 335 ق.م ڌاري يوناني اتحاد (Greek league) جو اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ کيس يونانين ’جنرلسمو‘ (Generalismo) چونڊيو. پادرين ۽ مذهبي اڳواڻن کيس Invincible (ڪڏهن بہ نہ هارائيندڙ) جو خطاب ڏنو. اهڙيءَ طرح سڪندراعظم ايشيا تي ڪاھہ جي شروعات 334 ق. م ڌاري بھار جي موسم ۾ ڪئي ۽ مقدونيا رياست ۾ ‘آئٽي پاٽر‘ کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪيو.
ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقيءَ چواڻي تہ سڪندراعظم جي فوج ۾ 30 هزار پيادا ۽ 5000 گهوڙيسوار سپاهي شامل هئا، پر ڊاڪٽر عطا محمد ڀنڀري ’ٽالمي‘ جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي تہ سندس فوج ۾ 12 هزار پيادا ۽ 1500 گهوڙيسوار يوناني فوجي هئا، جن جا مختلف فتحن بعد انگ اکر تبديل ٿيا ٿي. ان سان گڏ هن جي منصوبا بندي ۽ حڪمت عمليءَ ۾ ڪيترا بهادر، سپه سالار، عالم، سائنسدان، درٻاري عملدار ۽ تاريخ نويس شامل هئا.
سڪندر سڀ کان اڳ 333 ق. م ڌاري وسيع ايراني حڪومت جي يوناني علائقن ’اناطوليه‘ (ايشيا مائينر) جي مختلف شهرن کي فتح ڪيو. جنهن کانپوءِ تاروس جي جبلن مان لنگهي ’تارسس‘ شھر پهتو، جتي طبيعت ناساز ٿيڻ بعد ڪجهه وقت ترسيو. اتي کيس هڪ گمنام خط مليو، جنهن ۾ آگاھہ ڪيو ويو هو تہ سندس طبيب فلپ، ايران جي ڪياني شهنشاھہ دارا کان رشوت وٺي کيس زهر ڏئي مارائڻ چاهي ٿو. سڪندر پنھنجي طبيب فلپ کي اهو ئي خط ڏيکاري، کيس خط ۾ لکيل دوا تجويز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ صحتيابي حاصل ڪئي، جتان پوءِ ساڳئي سال ’سليشا‘ طرف رخ رکيائين، جتي دارا تمام وڏي فوج سان سندس مقابلو ڪيو، پر کيس شڪست نصيب ٿي ۽ جان بچائي فرار ٿي ويو ۽ سندس مال، خزانو ۽ خاندان سڪندر جي قبضي ۾ آيو. جتان پوءِ شام، لبنان ۽ دمشق تي قبضو ڪيائين. طائر ۽ فلسطين جو غزه شھر سندس جنگ سان تباهيءَ کي پهتا. مصرين سندس استقبال ڪيو، جيڪي ايراني تسلط کان تنگ ٿي چڪا هئا. سڪندر مصرين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي روايتن کي قائم رکيو ۽ 331 ق. م ڌاري اتي پنھنجي نالي تي اسڪندريہ بندرگاھہ تعمير ڪرايائين، جيڪو اڄ بہ سندس يادگار طور موجود آهي. ان دوران دارا وچ ۾ صلح جي آڇ بہ ڪئي، جيڪا هن بار بار رد ڪئي. دارا ڪيترو مال غنيمت ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر هن اهو جنگ تحت حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي. آڪٽوبر 331 ق. م ڌاري نينوا ۽ اربيلا جي وچ ۾ گوگا ميلا جي ميدان تي زبردست جنگ لڳي، جنهن ۾ سڪندر جي فوج ايراني فوج جي رٿ گاڏين جي حملن کان بيزار ٿي رٿ ڏني تہ رات جي وقت اوچتو حملو ڪجي، پر سڪندر اها رٿ منظور نہ ڪئي ۽ جواب ڏنائين تہ: ”آءُ ڪنهن چور وانگر فتح کي نہ چورائيندس“. ٻئي ڏينهن جنگ جو ميدان سينگاريو ويو، جنهن ۾ کيس فتح نصيب ٿي، ايراني فوج ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ دارا هڪ ڀيرو ٻيهر فرار ٿي ويو. بعد ۾ بابل ۽ سوسه جا دروازا سڪندر لاءِ کوليا ويا، جتان کيس ڪيترو خزانو حاصل ٿيو. ان کانپوءِ ايران جي شهنشاھہ دارا جي ڪياني حڪومت جي تخت ’پرسيپولس‘ (جنهن کي ’تخت جمشيد‘ سڏيو وڃي ٿو) ۾ سڪندر وڏي طمطراق سان داخل ٿيو ۽ دنيا جي عجوبي ’تخت جمشيد‘ کي باھہ ڏئي رک ڪرائي ڇڏيائين، ان بعد هن ايرانين ۽ يونانين جي اتحاد لاءِ عملي قدم کنيا. ايراني اميرن ۽ عالمن کي ساڳين منصبن ۽ عهدن تي قائم رکيائين، ايرانين ۽ يونانين جي باهمي شاديون ۽ سڱابنديون ڪرايائين. ان ڪري سندس فوج مان نائب جنرل ’پارسينين‘ ۽ سندس پٽ ’فلوٽاس‘ بغاوت ڪئي. سڪندر ٻنهي کي موت جي سزا ڏني. ان سياسي حڪمت عمليءَ هيٺ سڪندر ايران جي امير جي ڌيءَ رخسانه (روگزانه) سان شادي ڪئي ۽ سندس عملدارن کي ايراني عورتن سان شاديون ڪري گڏيل نسل پيدا ڪرڻ تي زور ڀريائين. جنهنڪري سندس ويڳو ڀاءُ ’ڪليئٽس‘ ساڻس وڙهي پيو، جنهن کي بہ قتل ڪيائين. ارسطو جو ڀائٽيو ’ڪالس ٿينيز‘ (Callisthenes) بہ سڪندر جي قتل جي سازش ۾ ملوث هو، ان کي بہ موت جي سزا ڏنائين. ايران جا علائقا فتح ڪندي سڪندر پنھنجي مخالف دارا کي هڪ ايراني سترپ صوبي جي قيد ۾ ڏٺو، جيڪو سخت زخمي حالت ۾ هو. هن سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر دارا دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. چون ٿا تہ سڪندر پنھنجي دشمن جي موت تي رنو ۽ کيس شاهي نموني دفن ڪرايائين. دارا (ٽئين) جي مرڻ کانپوءِ ڪياني حڪومت جو خاتمو ٿيو. جنهن بعد دارا جي موت جي ذميوار باغين پٺيان پيو، آمون درياھہ ٽپي، سير درياھہ جي ڪناري سان آباد سمورن سٿين قبيلن کي فتح ڪري 328 ق.م ڌاري سموري ’سوگدانيه‘ جو مالڪ بڻيو. جتان پوءِ بلخ مان برصغير ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيو. ميسوپوٽيميا، ايشيا مائينر، ايران ۽ عراق جي تهذيبن تي فتح پائڻ کانپوءِ ايرانين کيس ’شهنشاھہ‘ ۽ ’سڪندر اعظم‘ جو لقب ڏنو.
ٻُڌا پرڪاش جي لکڻ موجب سڪندر، مئي 327 ق. م ڌاري هندستان (سنڌو ماٿري) ڏانهن پيش قدمي ڪئي هئي، هندوڪش پهاڙي سلسلي کي عبور ڪرڻ بعد نڪايا يا نيسيا شھر (موجودہ جلال آباد) کي فتح ڪيائين. سڪندر پنھنجي فوج کي ٻن حصن ۾ ورهائي، پيادل جٿي جي سرواڻي ڪمانڊر هينائيشن ڪئي ۽ گهوڙيسوار دستي جي قيادت جرنل پرڊيڪاس جي حوالي هئي. جنهن کانپوءِ ڪابل، قنڌار ۽ سوات جا علائقا سڪندر جي قبضي هيٺ آيا. ان کانسواءِ آزاد قبيلن کي فتح ڪري پاڻ کي مضبوط ڪيائين.
ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقيءَ موجب هندوڪش جي پهاڙي سلسلي کي پار لنگهڻ کانپوءِ ’پير سر‘ جي نا قابل تسخير ڪوٽ تي قبضو ڪيائين. بهرحال ان کان پوءِ واديءِ ڪنهڙ جي قبيلن کي زير ڪيائين، جيڪي ڪمبوجه خاندان جي ڪيترين شاخن مان هئا، انهن هميشہ ٻاهرين ۽ غير ملڪي حملي آورن سان مزاحمت ڪئي هئي. سڪندر مٿن فتح حاصل ڪري، ساگ ڳڙھہ، باجوڙ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پهتو، جن سندس اطاعت قبول ڪئي.
فتح حاصل ٿيڻ کانپوءِ مقدوني فوج وڏو جشن ملهايو. آفريدي قبيلي جي سردار ’افريڪس‘ 20 هزار فوجين ۽ 15 هاٿين سان سڪندر جي مزاحمت ڪئي، پر بدقسمتيءَ سان سندس فوج ۾ نفاق پيدا ٿي پيو، جنهنڪري افريڪس جو سر قلم ڪري فوج سڪندر جي پيرن ۾ اچي رکيو.
27/326 ق.م ۾ سڪندر سنڌو ماٿريءَ ۾ پهچي چڪو هو، قنڌار کان سندس پيش قدمي جاري هئي ۽ مختلف علائقن ۾ ’ڪوفائيوس‘ (ڪوڀيش)، ’اساگيتس‘ (اسواجيت)، ’پيو ڪلاتس‘ (پشڪلا وتي) قبيلن سندس اطاعت قبول ڪئي، جڏهن تہ پيو ڪلاتس جي سردار ستس (هستن) ڪجهه عرصي بعد بغاوت ڪئي، بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڪندر جي جرنل هيفائش سندس مقابلو ڪيو، پر راجا ستس جان بچائي فرار ٿي ويو، سڪندر ساڳئي ئي سال ٽئڪسيلا پهتو. يوناني مؤرخن ’ٽئڪسيلا‘ جي راجا کي ’ٽئڪسيلس‘ لکيو آهي، پر تاريخي شاهدين موجب هن راجا جو نالو راجا انڀي ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن نہ صرف سڪندر جي اطاعت قبول ڪئي، پر هڪ مهيني تائين سندس ميزباني پڻ ڪئي. اتان سڪندر پنھنجي ايلچي ڪليوڪيرس کي راجا پورس ڏانهن پيغام ڏئي موڪليو تہ سندس اطاعت قبول ڪري ۽ سلطنت جي سرحدن وٽ اچي ساڻس ملاقات ڪري. راجا پورس وقت جي مڃيل راجائن مان هو، جنهن يوناني مؤرخ ڪيورٽيس موجب ساڳئي ئي ايلچيءَ کي هن طرح سان نياپو ڏياري موڪليو تہ: ”ها ملاقات ضرور توسان ڪندس، پر اها ملاقات جنگ جي ميدان تي هٿيارن سان ٿيندي، ان ڪري تون منهنجيءَ سلطنت جي سرحدن وٽ هٿياربند ٿي اچ.“ ان وقت راجا پورس جي
سنڌو ماٿريءَ ۾ موجودہ پنجاب جي جھلم ۽ چناب نديءَ جي دو آبي ۾ سلطنت هئي. جڏهن ايران جي ڪياني شاھہ دارا ٽئين تي سڪندر غالب ٿي رهيو هو تہ هن راجا پورس کي مدد جي سفارش ڪئي هئي. تاريخي شاهدين مان اها خبر پوي ٿي تہ راجا پورس ايران جي شاھہ جي مدد لاءِ فوجين ۽ خونخوار جنگي هاٿين جا دستا بہ موڪليا هئا. ان ڪري راجا پورس سڪندر سان دشمني ٻولي ورتي هئي.
ساڳئي سال 326 ق. م ڌاري ٽيڪسيلا جي راجا انڀيءَ جي مدد سان سڪندري فوج ۾ (86) ڇهاسي هاٿين ۽ 5000 جنگي سپاهين جو اضافو ڪيو ويو، جنهنڪري راجا پورس سان جنگ وقت سڪندري فوج ۾ 1500 گهوڙيسوار، 30 هزار زرھہ بند ۽ مسلح جنگي جوڌا، 15 هزار سپاهي، هڪ لک ساڍا چوڏنهن هزار تير انداز ۽ شهسوار، 86 خونخوار هاٿي ۽ 300 پٿر اڇلائڻ واريون منجينقون شامل هيون ۽ ڪيتريون ئي ريجمينٽون ۽ فوجي دستا هئا، جن ۾ تلوارن، ڀالن، بڙڇين ۽ ٻين مختلف هٿيارن جا ماهر الڳ الڳ صفن ۾ بيٺل هئا، انهن جو تعداد مختلف تاريخدانن مختلف ڄاڻايو آهي. ٻئي طرف راجا پورس جي فوج مؤرخ ڊايو ڊروس موجب پنجاھہ هزار پيادل سپاهين، ٽي هزار شهسوارن، هڪ هزار جنگي رٿن ۽ 130 جنگي هاٿين تي مشتمل جنگي مهارت رکندڙن تي مشتمل هئي.
سڪندراعظم ۽ راجا پورس جي وچ ۾ هڪ خونخوار جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪيتريون انساني جانيون ۽ جانور اجل جو شڪار ٿيا. سڪندر اعظم کي وڏيءَ محنت کانپوءِ فتح حاصل ٿي. هن جنگ ۾ راجا پورس جي فوج جا ويھہ هزار پيادا جوان ۽ ٽي هزار گهوڙيسوار ماريا ويا، ان کان سواءِ راجا پورس جا ٻہ پٽ بہ مارجي ويا. اهي ٻئي هاٿي ريجمينٽ ۽ جنگي رٿن جي عملي جا اعلى عملدار۽ گورنر هئا. راجا پورس جي جنگي رٿ گاڏين کي ساڙيو ويو، زندھہ هاٿين کي پڪڙيو ويو، هاٿي ريجمينٽ جي سڀني عملدارن کي قتل ڪيو ويو. جڏهن تہ سڪندر جي فوج مان 80 پيادل، گهوڙيسوار ڪانڙين مان 10 فوجي، سپھہ سالار سردارن مان 20 ۽ گهوڙيسوارن مان 200 اجل جو شڪار ٿيا، جن کان سواءِ ڪجهه هاٿي ۽ گهوڙا بہ مارجي ويا.
جنگ جي سموري ڪارروائي دوران راجا پورس پنھنجي سموري لشڪر کي ڪسندو ڏٺو، پوءِ بہ هو بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ سان وڙهندو رهيو ۽ آخر سڃو ٿي ميدان جنگ ۾ بيٺو رهيو ۽ زخمي ٿي پيو. سڪندر کيس مارڻ نہ ٿي چاهيو، تنهنڪري هن ٽئڪسلا جي راجا کي ڏانهنس موڪليو، پر ٽئڪسلا جو راجا سندس پراڻو دشمن هو، تنهنڪري مٿس حملو ڪري ڏنائين، جيڪو پنھنجي جان بچائي سڪندر وٽ پهتو. اهڙيءَ طرح سڪندر ’ميروس‘ نالي هڪ سنڌيءَ کي قاصد ڪري موڪليو، جيڪو سندس دوست پڻ هو. جنهن جي ڳالھہ تي يقين آڻي پورس پنھنجي هاٿيءَ تان هيٺ لٿو. جڏهن سڪندر کي ويجهو ٿيو تہ سڪندر پنهنجن سردارن سان گڏ گهوڙيسوار ٿي سندس سامهون ويو ۽ پنھنجي دشمن کي غور سان چتائي ڏٺائين. سندس قدآور شخصيت، مردانه خوبصورتي، چهري تي رعب ۽ بهادريءَ جي علامت ڏسي، سندس تعريف ڪئي. ايرين موجب سڪندراعظم، راجا پورس سان هن ريت مخاطب ٿيو: ”تون مون کان ڪهڙي توقع ڪرين ٿو؟“ پورس وراڻيو تہ: ”جهڙي هڪ بادشاھہ ٻئي بادشاھہ مان توقع رکندو آهي.“ اهو جواب ٻڌي سڪندر خوش ٿيو ۽ چيائين تہ: ”تون جيڪا بہ گذارش ڪندين، سا پوري ٿيندي، جيڪو توکي گهرڻو هجي سو گهر.“ ان تي پورس وراڻيو، ”منهنجيءَ پهرينءَ گذارش ۾ سڀ ڪجهه سمايل آهي.“ ان جواب ويتر سڪندر کي لاجواب ڪري ڇڏيو. ان ڪري کيس اصلي بادشاهي موٽائي ڏنائين ۽ ٻيا ڪيترا علائقا بہ ڏنائين. سڪندر اهو سڀ ڪجهه راجا پورس جي شان ۽ شوڪت موجب ڪيو، جنهن بعد راجا پورس سندس وفادار دوست ٿي رهيو. جنگ جي ميدان ڀرسان، جتان سڪندر جھلم دريا پار ڪيو هو، اتي هن ٻہ شھر تعمير ڪرايا، جن مان هڪ جو نالو ’اليگزينڊريا نڪايا‘ (Alexanderi Nicaea) ۽ ٻئي جو نالو ’بيو سي فالا‘ (Buce phalas) رکيو. هن هي شھر پنھنجي وفادار گهوڙي جي 30 سالن جي ڄمار ۾ مرڻ کانپوءِ ان جي ياد ۾ تعمير ڪرايو هو. ڪن روايتن موجب سڪندر جو گهوڙو جنگ دوران زخمي ٿي مري ويو هو. اهڙيءَ طرح سنڌو ماٿريءَ جي هڪ ٻي راجا ’اڀيسس راءِ‘ بہ مزاحمت کانپوءِ سندس اطاعت ڪئي. جنهن بعد بياس ۽ چناب ندين جي آزاد قبيلن ۽ شھري رياستن ڏانهن پيش قدمي ڪري انهن علائقن کي پورس جي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو.
سڪندر جو خيال هو تہ هو سڄي هندستاني سلطنت جو فاتح بڻجي، پر يوناني فوج جا حوصلا پست ٿي چڪا هئا، ان مسلسل جنگ، ٿڪ، بيماري، ڪمزوري ۽ گهڻو عرصو ٻاهر گذارڻ کانپوءِ گهر ٻارن جي پريشانيءَ سبب واپسيءَ جو مطالبو پئي ڪيو. سڪندر کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو، پر فوجن جي فيصلي ۾ تبديلي نہ آئي. انهيءَ مطالبي جي پٺڀرائي سندس چئن سپھہ سالارن مان هڪ جنرل ڪوئنس ڪري رهيو هو. ٻئي طرف سڪندر جي ڌارين سان همدردي بہ فوج کي باغي بنائڻ جو جواز بنجي رهي هئي، ان ڪري مجبوراََ سڪندر پنهنجو حڪم واپس ورتو، پر ڪجهه باغي ۽ مزاحمت ڪندڙ قبيلن ۽ ننڍين ننڍين رياستن کي زير ڪري بياس نديءَ جي ڪناري تي آخري حد طور 12 يوناني (اولپين) ديوتائن جا قربان گاھہ ٿنڀن جي صورت ۾ تعمير ڪرايائين. جنهن بعد آس پاس جي ٻيلن مان ڪاٺ وڍرائي، لڳ ڀڳ هڪ هزار ٻيڙا تيار ڪرائي، فوج کي واپسيءَ جي اجازت ڏنائين. هتان سڪندر فوج کي ٽن حصن ۾ ورهائي اڌ فوج ٻيڙن رستي سنڌو نديءَ مان ۽ باقي فوج کي سنڌو نديءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري کان هلڻ جو حڪم ڏنو. سنڌونديءَ جي ڪنارن سان آباد ڪيترن ئي علائقن کي فتح ڪيائين. جتي ڪن قبيلن سندس آڻ مڃي تہ ڪن سخت مزاحمت ڪئي. مزاحمت ڪندڙن جي ٻہ ٻيا ويڙهاڪ قبيلا اوڪسي ۽ ڊراڪيسا مالي مدد ڪري رهيا هئا. اهي قبيلا سانگلا نالي هڪ قلعي وٽ گڏ ٿيا، جتي يونانين ۽ سنڌي قبيلن وچ ۾ جنگ لڳي. نتيجي ۾ سنڌي قبيلن کي شڪست ملي، 17000 سنڌي فوجي مارجي ويا، 70000 هزار فوجين کي قيدي بڻايو ويو، 300 جنگي رٿ گاڏيون هٿ ڪيون ويون ۽ 500 گهوڙيسوار پڪڙيا ويا. سڪندري فوج جا 100 فوجي مارجي ويا ۽ 1200 زخمي ٿيا. ان کان اڳ ’ڀمڀ راما‘ نالي ’آئڊرئسٽاءِ‘ قوم جو شھر سڪندر جي اطاعت قبول ڪري چڪو هو. اهڙي نموني سنڌيا/ سنڌو ماٿريءَ جا 7 وڏا ملڪ ۽ 2000 شھر پورس جي حڪمرانيءَ ۾ شامل ڪيا ويا.
سڪندر راوي ۽ چناب جي لھہ واري مالي قبيلي ۽ مکيہ شهرن ڏانهن پيش قدمي ڪئي، جنهنڪري مالي قبيلي ۽ يوناني فوج جي وچ ۾ خونخوار لڙائي لڳي. هن لڙائيءَ ۾ سڪندر کي مالين جي قلعي تي چڙهائي ڪرڻ وقت هڪ تير لڳو، جنهنڪري هو سخت زخمي ٿي پيو، پر ستت ئي سندس محافظن کيس بچائي ورتو. نتيجي ۾ يوناني فوج سنڌو ماٿريءَ جي عام ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن جو وڏو قتل عام ڪيو، بعد ۾ مالي قبيلي جي سردارن سڪندر جي اطاعت قبول ڪري گورنرن، مشيرن ۽ برک ماڻهن جو 150 جي تعداد ۾ وفد موڪلي ۽ صلح ڪيو. اتان سڪندر ’سوگديا‘ ويو، جتي قلعي جي تعمير ڪرائي، سنڌوءَ ۽ چناب جي سنگم واري علائقي کان سامونڊي ڪناري تائين ’پيٿو‘ کي گورنر مقرر ڪيائين. پوءِ سنڌوءَ رستي ’ميوسيڪانس‘ جي علائقي ۾ پهتو، جن بہ سندس اطاعت قبول ڪئي. ’آڪسي ڪئسن‘، جنهن سڪندر سان ڪوبه تعاون نہ ٿي ڪيو، ان کي گرفتار ڪيو ويو. هو سوڀون حاصل ڪندو سنڌوءَ رستي سيوهڻ پهتو، جتي سنڌي راجا ’سامبس‘ کي زير ڪيائين. پٺيان موسيڪانس سڪندر خلاف بغاوت ڪئي، جنهن کي گرفتار ڪرائي ڦاسي ڏياري وئي ۽ ان سان گڏ ڪيترن باغي برهمڻن کي بہ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، جنهن کانپوءِ ’پٽيالا‘ جي راجا آڻ مڃي ۽ سڪندر ڪيترن ننڍن وڏن علائقن تي قابض ٿيو.
ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقيءَ پنھنجي ڪتاب ’انسان جي تاريخ‘ ۾ هڪ دلچسپ ۽ اهم واقعو ڏنو آهي تہ: جڏهن يوناني فوج سيوهڻ جي راجا سامبس کي شڪست ڏني، تڏهن بہ عام ماڻهن ويڙھہ بند نہ ڪئي، معلوم ٿيو تہ عام ماڻهو پنھنجي ڏاهن ماڻهن جي اثر هيٺ آهن. کين گرفتار ڪيو ويو. سڪندر اعظم ۽ سندس يوناني عالمن سوچيو تہ سنڌ جي ڏاهن کي پرکڻ جو سٺو موقعو آهي، سو چيائون تہ هر هڪ سنڌي ڏاهو يوناني عالمن جي پڇيل هڪ سوال جو صحيح جواب ڏئي تہ سندس جان بخشي ويندي، نہ تہ قتل ڪيو ويندو. پهريائين سيوهاڻي ڏاهي کان پڇيائون تہ مري ويل انسانن ۽ زندھہ انسانن جو صحيح تناسب ڇا آهي؟ هن جواب ڏنو تہ: ’ڪجهه بہ نہ‘، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مري ويا، سي ڳاڻيٽي ۾ نہ ايندا. ٻئي کان پڇيائون تہ: ”پاڻي يا خشڪيءَ مان ڪٿي گهڻا جانور پيدا ٿين ٿا؟ هن چيو تہ ”ڌرتيءَ تي“، ڇاڪاڻ تہ پاڻي بہ ڌرتيءَ جو حصو آهي. ٽئين کان پڇيائون تہ: ”جانورن ۾ سڀني کان چالاڪ جانور ڪهڙو آهي؟“ ورندي ملي ته، ”اهو جانور جنهن تي اڃا ڪنهن انسان جي نظر نہ پئي آهي.“ چوٿين کان پڇيائون تہ: ”اهو ڪهڙو دليل آهي، جنهن سان توهان عام ماڻهن کي اسان سان وڙهڻ تي آمادہ ڪريو ٿا؟“ جواب مليو تہ: ”ٻيو ڪو بہ دليل نہ آهي، سواءِ ان جي تہ ذلت جي زندگي گذارڻ کان عزت جو موت بهتر آهي.“ پنجين سنڌي ڏاهي کان پڇيائون تہ: ”ڏينهن اڳ ۾ آهي يا رات؟“ هن چيو تہ ”ڏينهن، ڇاڪاڻ تہ اهو رات کان هڪ ڏينهن عمر ۾ وڏو آهي.“ ڇهين کان پڇيائون تہ ”ڪهڙو عمل عوام ۾ مقبوليت جو سبب بڻجي ٿو؟“ ورندي ملي تہ ”اهو اقتدار حاصل ڪرڻ، جنهن مان عام ماڻهوءَ کي خطرو محسوس نہ ٿئي.“ ستين کان پڇيائون تہ: ”انسان ڪهڙي طرح خدا بڻجي سگهي ٿو؟“ چيائين تہ: ”اهڙين ڳالهين ڪرڻ سان جيڪي ماڻهو ڄاڻن ٿا تہ ٿي نہ ٿيون سگهن.“ ان کانپوءِ اٺين ڏاهي کان سوال ڪيائون تہ: ”زندگي ۽ موت مان وڌيڪ طاقتور ڪير آهي؟“ هن چيو تہ: ”زندگي، جيڪا مصيبتن جي باوجود باقي رهي ٿي.“ آخر ۾ پڇيائون تہ ”ڪو انسان ڪيسيتائين ذميوار سمجهي سگهجي ٿو؟“ چيائين تہ ”جيسيتائين هو زندگيءَ کان وڌيڪ موت جي تمنا رکندو هجي.“
مقامي روايتن مطابق جڏهن سنڌي ڏاهن سڪندراعظم جي يوناني ڏاهن کي لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ سندن جان بخشي وئي، ان کانپوءِ سنڌي ڏاهن سڪندر اعظم کي چيو تہ ”هاڻي اسان کي بہ هڪ سوال پڇڻ جي اجازت ڏيو.“ اجازت ملڻ بعد انهن ڏاند جي سڪل کل (ڇوڙو) گهرائي وچ تي رکي ۽ سڪندراعظم کي چيائون تہ عالم پناھہ! توهان هن سڪل کل تي بيهي ڏيکاريو. سڪندر پير رکيو تہ سڪل ڇوڙو کيس منهن ۾ اچي لڳو. ان ڪري مجبوراََ وچ تي ٿي بيٺو، پوءِ سنڌي ڏاهن کانئس پڇيو تہ: اي فاتح! ٻڌاءِ تہ اسان توکان ڪهڙو سوال پڇيو آهي؟ انهيءَ سوال کي ڪوبه حل ڪري نہ سگهيو ۽ نيٺ سنڌين کان پڇيائون تہ توهان جو سوال ڇا آهي؟ هنن چيو تہ: توهان جو مرڪز مقدونيه آهي، اهو ڇڏي هتي ڇو آيا آهيو؟ ڇا توهان وٽ هن سڪل ڇوڙي جي سنڀال جيتري بہ ڏاهپ نہ آهي؟
چيو وڃي ٿو تہ ان کانپوءِ ستن مهينن جي مختصر عرصي ۾ يوناني فوج سنڌ مان نڪري وئي، ڇاڪاڻ تہ سڪندر کي سنڌ جي ڏاهن جو ويڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو.
عربي سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ کانپوءِ سڪندر پنھنجي اميرالبحر نيئرڪس کي ايراني نار طرف ٻيڙا هاڪارڻ جو حڪم ڏنو ۽ باقي فوج بلوچستان وچان خشڪيءَ رستي، سڪندر جي اڳواڻيءَ هيٺ سوسه رواني ٿي. اهو سال 324 ق.م هو، جو انهيءَ رستي سان يوناني فوج پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ ڪري تمام گهڻي پريشان ٿي. سوسه ۾ پهچڻ کانپوءِ سڪندر يوناني ۽ ايراني قومن کي هڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ٻيهر عمل ڪيو. دارا جي ڌيءَ برسينب سان شادي ڪيائين ۽ سندس 80 عملدارن کي آمادہ ڪري، کين ايراني خاندانن مان پرڻايائين. اهڙيءَ طرح ڏھہ هزار يوناني سپاهين جون شاديون ايران مان ٿيون. نااهل عملدارن کي برطرف ڪري نوان عملدار ڀرتي ڪيائين. جلاوطن يوناني مهاجرن جي واپسيءَ جو فرمان جاري ڪيائين، سموري فوج کي انعام اڪرام ڏئي نوان گورنر مقرر ڪيائين. مقدوني ۽ ايراني فوج وچ ۾ اتحاد ڪرائي هڪٻئي لاءِ دعائون گهريون ويون. اڪتابانا شھر ۾ سڪندر جو وفادار ساٿي هيفائشن فوت ٿي ويو، جنهن کي شاهي انداز ۽ اعزاز سان دفن ڪيو ويو. جنهن بعد سڪندر بابل ڏانهن روانو ٿيو. رستي تي ڪيترين شھري ۽ قبيلائي رياستن جا ايلچي ۽ گورنر اچي سندس پيش پيا، انهن ۾ لبيا، اٽلي، ڪارٿيج ۽ يونان جي قبيلن کان سواءِ سٿين، ڪيلٽ ۽ آئبرين قبيلن جا نمائندا شامل هئا. بابل پهچڻ کانپوءِ سڪندراعظم هن قديم تھذيب جي ٻيهر ترقي ۽ آبادڪاريءَ بابت رٿابندي ڪئي، ان کان سواءِ هندستان جي بحري رستي ۽ عربستان ۾ جهازرانيءَ بابت ڪجهه ترقياتي تجويزون جوڙايون.
323 ق. م ڌاري ايشيا جو هي فاتح هڪ دعوت ۾ گهڻو شراب واپرائڻ ڪري بيمار ٿي پيو. ڪن روايتن مطابق مليريا جي بخار سبب بيمار ٿي پيو، جنهنڪري سندس 33 سالن جي ڄمار ۾ بابل ۾ موت ٿيو. هن 13 سال بادشاهي ڪئي.
هڪ روايت موجب هن وصيت ڪئي هئي تہ مرڻ کانپوءِ سندس هٿ ڪفن کان ٻاهر ڪڍيا وڃن تہ جيئن ماڻهن کي اها خبر پوي تہ دنيا جو هي فاتح دنيا مان خالي هٿين وڃي رهيو آهي.