سڪندر جوڳي

سڪندر جوڳي

سڪندر جوڳي

سڪندر جوڳي: نوجوان مصور سڪندر جوڳي ولد نبي بخش، 2 فبروري 1984ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ سان دلچسپي هئي. راڳ ڳائڻ جي سکيا لاءِ حفيظ قاسماڻي وٽ شاگردي اختيار ڪيائين. پنھنجي راڳ جي استاد کي تصويرون ٺاهيندو ڏسي، کيس مصوريءَ جو شوق ٿيو، جنهن بعد ساڳئي استاد کان مصوري جي شروعاتي سکيا ورتائين، ڪجهہ عرصي بعد سندس استاد کيس وڌيڪ سکيا لاءِ آرٽس ڪائونسل ڪراچي موڪليو، جتي عبدالواحد خيري ۽ منصور سليم مصوريءَ جي فن ۾ کيس مڪمل سکيا ڏني. ڪراچي سينٽرل جيل جي ان وقت جي سپرينٽينڊنٽ نصرت مڱڻ قيدين لاءِ مصوري جي فن جي سکيا ڏيڻ لاءِ عبدالواحد خيري کان استاد جي گهر ڪئي، جنهن هن کي جيل ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ پنھنجي ذميواري سان نڀائيندي 500 قيدين کي پنھنجي فن جي سکيا ڏني، جنهن مان 80 قيدي بھترين مصور ثابت ٿيا. هن گلشن حديد ۾ ڪجهہ عرصو هڪ ڪمرو ڪرائي تي وٺي مصوري جي فن جي سکيا ڏني. 2007ع ۾ اسٽيل مل جي مخدوم بلاول (هن وقت آغوش اسڪول) ۾ ستن مهينن تائين، بنا پگهار جي ‘سن رائيز آرٽس’ جي نالي سان شاگردن کي سکيا ڏني، جتي ٻارن جي شوق کي ڏسي آرٽ جي هڪ ڊائريڪٽر آرٽ گئلري ٺهرائي ڏني. هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ جوڳين تي تصويري ٿيسز پڻ ٺاهي آهي. پنھنجي فن جي حوالي سان فرانس، اٽلي ۽ آسٽريليا جو دورو پڻ ڪيو اٿس. هن گلشن حديد ۾ آرٽ جو انسٽيٽيوٽ پڻ قائم ڪيو آهي، جتي نوجوانن کي سکيا ڏئي رهيو آهي.


لفظ سڪندر جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.02.02  عيسوي

نوجوان مصور سڪندر جوڳي ولد نبي بخش، 2 فبروري 1984ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چنا عمران
سليمه هاشمي
چغتائي عبدالرحمان
قاضي خضر حيات
دارا عالم ابڙو
شفقت حسين وڌو
سعيد منگي
عبدالرحيم ناگوري
پنجو مل رگهواڻي
رافيل
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون