
سڪندر خان کوسو
سڪندر خان کوسو: نامور شاعر، فقير منش صوفي مير سڪندر خان ولد مير بھادر خان کوسو 1916ع ڌاري ڳوٺ بهادرپور، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. مير سڪندر پنھنجي ڀائرن ۾ ننڍو هو. پاڻ شروع واري زماني ۾ جيڪب آباد جي نمايان سياسي شخصيت طور سڃاتو ويندو هو، ڇو تہ ڪيترائي سال ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو وائس پريذيڊنٽ رهيو هو، پر پوءِ سندس اندر جي صوفي انسان اميريءَ واري زندگيءَ کي تياڳڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ ڪنهن ڳولا ۾ نڪري پيو. اهڙيءَ طرح درگاھہ ٿلھہ شريف (صادق آباد) پهتو، جتي خواجہ گل محمد ’غريب نواز‘ جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. اهڙي ڪامل بزرگ جي صحبت ۾ رهي هن جو اندر اُجرو ٿي پيو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ پنھنجي مرشد سان عقيدت جو اظهار بار بار ڪيو آهي.
هو هڪ خدا ترس ۽ دورانديش انسان هو. سندس ڪلام ۾ پيار، محبت، حسن ۽ عشق جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ان سان گڏوگڏ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي شان ۾ ڪيتريون نعتون لکيون اٿس. غزل، ڪافيون نهايت پختيون چيون اٿس. سندس ڪلام سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ گهڻو آهي.
سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’پنھون پاڻ'>سڀ ۾ پنھون پاڻ‘ ڇپيل آهي، جيڪو نامور اديب عنايت بلوچ ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي.
سنڌ جي هن فقير منش شاعر 28 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. کيس پنھنجي ڳوٺ جي مسجد شريف جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس مزار تي قبو جوڙايو ويو آهي.
1975.05.28 عيسوي
سنڌ جي هن فقير منش شاعر 28 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. کيس پنهنجي ڳوٺ جي مسجد شريف جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس مزار تي قبو جوڙايو ويو آهي.