سڪندر عباسي

سڪندر عباسي

سڪندر عباسي

سڪندر عباسي: مشھور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ محمد رمضان عباسيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعليم ماسٽرس آهي. هن 1993ع ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪالم روزاني ڪاوش سميت مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ سندس 75 سولو پلي ڊراما، 13 مني سيريل، 10 سيريل ۽ ٽي سوپ سيريل مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿي چڪا آهن.
هن جي مشھور سنڌي ڊرامن ۾ زندگي واريءَ جون واٽون، خالي آسمان، خواب نگر، انڌاري، سانورا گلاب دل جا، جڏهن تہ اردو ٽي. وي ڊرامـن ۾: ’ميـرا ساجـن ميرا سسرال‘، ’رشڪ‘، ’ناياب نسخه‘، ’ڇوٽـِي مان‘، ’هتڪ‘، ’نگيني‘، ’ايڪ ٿي عورت‘ وغيرہ قابل ذڪر آهن.
سڪندر عباسي 1992ع ۾ انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم طور ڀرتي ٿيو، جتي اڄ تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
سڪندر عباسي 2009ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ پيار جو پهريون نظم (ڪهاڻيون)، ڪوجهي چنڊ جو غم (ڪهاڻيون)، محبت ئي خدا آهي (ترجمو) قابل ذڪر آهن.
کيس مڃتا طور 2005ع ۾ ڪي. ٽي. اين طرفان بھترين ڊرامانگار جو اوارڊ، امر جليل اوارڊ، ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. هيءُ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.01.13  عيسوي

مشهور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ محمد رمضان عباسيءَ جي گھر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو حڪيم محمد عالم
محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي
خاناڻي نصير خان
ڏاهري جان محمد
انصار برني
ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
کيمچند شرما
قيصر نقوي
مير نور محمد خان ٽالپراول
غلام نبي جهلڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون