سڪو
سڪو (Coin): سڪو ڌاتوءَ جو ٺهيل هوندو آهي. آڳاٺي زماني ۾ جڏهن سڪا نه هوندا هئا، ان وقت ماڻهن شين جي ڏي وٺ ڪنهن ٻئي طريقي سان شروع ڪئي. هاري ان ڏئي ڪنڀار کان ٿانوَ وٺندا هئا.
چند ٻڪرين جي عيوض ڍڳي وٺبي هئي. تڏهن به ماڻهن کي پريشانين کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو. جڏهن ڌاتوءَ جي استعمال جو دؤر آيو ۽ سون، چاندي، ٽامي ۽ پتل، گول ۽ مستطيل يا چوڪنڊا سڪا ٺاهيا ويا، جن جي اصلي هجڻ ۽ وزن جي صحيح هجڻ جي نشاني طور ملڪ جي حاڪم جو نالو، لقب ۽ ڪي خاص نشان اڪربا ويا. اهي سڪا سندن واپار جي ترقي ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ سولائيءَ جو باعث بنيا ۽ پوءِ وقت سان گڏ انهن ۾ سڌارا ايندا ويا ۽ آخرڪار اهي سڪا وقت جي ضرورت بنجي ويا. سڪن ذريعي مختلف دؤرن جي ڄاڻ ملي ٿي. ڪن سڪن تي قرآني آيتون ۽ حديثون لکيل هونديون آهن، اهي سڪا اسلامي دؤر جي مسلم حڪمرانن يا بادشاهن جا هوندا آهن. ڪن سڪن تي ديوتائن جي تصوير هوندي آهي، جنهن سان هندو هجڻ ۽ ڪن سڪن تي آتشدانن جا نشان سندس باهه جي پوڄاري هجڻ، يا ڪن سڪن تي گوتم ٻڌ جي تصوير يا نشان سندن ٻڌ ڌرم جو پوڄاري هجڻ جا واضح ثبوت آهن. سڪن ذريعي ان دؤر ۾ رائج ٻوليءَ جو پتو پوي ٿو. سڪن تي عربي، فارسي، سنسڪرت، يوناني، پالي ۽ خروشتي زبان لکيل آهي، جن مان هڪ علائقي ۾ هلندڙ ٻولين جي ڄاڻ ملي ٿي. ڪن حڪمرانن پنهنجي ملڪ يا ڪنهن ذاتي يادگار موقعي تي، جنهن ۾ شادي جي موقعي تي يا تخت نشين ٿيڻ واري موقعي تي ملڪ ۾ رائج ٻين سڪن کان مختلف ۽ يادگار سڪا جاري ڪيا، جن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان ان دؤر جي ڪيترن اهم ۽ تاريخي واقعن جي ڄاڻ ملي ٿي. ڪٿي ڪٿي ڪتابن ذريعي حڪمرانن جي دؤر ۽ سال جي باري ۾ مختلف تاريخن ۾ اختلاف آهن ۽ ڪن حڪمرانن جي سال جو صحيح پتو نه ٿو پوي. سڪن وسيلي اها صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. سڪن وسيلي مختلف حڪمرانن جي خطاب جي باري ۾ پڻ ڄاڻ ملي ٿي ته اهي ڪهڙي لقب ۽ خطاب سان پاڻ کي سڏرائيندا هئا. سڪن وسيلي بادشاهن جي شڪلين ۽ ويس بابت به ڄاڻ ملي ٿي، ڇو ته تاريخي ڪتابن ۾ ڪيترن بادشاهن جون تصويرون نه ٿيون ملن، پر سڪن تي انهن جون تصويرون اُڪريل آهن. اهڙيءَ طرح انهن بادشاهن جون صحيح تصويرون ملي سگهن ٿيون. سڪن ذريعي بادشاهن جا صحيح نالا ۽ ولديت جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي. اهڙيءَ طرح انهن شهرن جي حڪمرانن جي ڄاڻ ملي ٿي، جنهن مان ملڪي حدن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سڪن تي سن ۽ ضربخاني جي شهر جو نالو لکيل هوندو آهي، جن مان اهڙن شهرن جي قديم هجڻ ۽ آباد ٿيڻ جي تاريخ جو پتو پئجي سگهجي ٿو. اڳئين دور ۾ ٻين ملڪن جا به ڪافي سڪا سنڌ ۾ عام جام رائج هئا، جيئن عربي، افغاني، ايراني ۽ مسقطي سڪا وغيره. سنڌ ۾ ڪيترن ئي پراڻن شهرن ۽ قلعن جا کنڊرات آهن، جن جا نالا سڪن ذريعي هٿ ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙن سڪن وسيلي آڳاٽي دؤر جي شاعرن جي شعر جي نموني، ذهني لاڙي، ڪي قدر ملڪي حالتن جي به خبر پوي ٿي. سڪن سان معاشي حالت جو اندازو ٿئي ٿو. ڪن سڪن تي ٻين بادشاهن جا نالا ۽ سنڌ جي ضرب خانن جا نالا ڏسي تعجب ٿئي ٿو. تاريخ ۾ حڪومت هڪ جي ۽ ملڪ ۾ رائج سڪو ٻئي جو هو. اُن مان اندازو اُهو ٿئي ٿو ته ان دور ۾ حڪمران ملڪي طور مڪمل طرح خودمختيار نه هو. ڪيترن بادشاهن پنهنجي سڪن جي هڪ طرف پنهنجو نالو، لقب ۽ ٻئي طرف پنهنجي راڻيءَ جو نالو اڪرايو، جنهن سان انهن ۾ باهمي محبت جو مثال پڻ ملي ٿو. سڪن ذريعي هڪ شهر جا مختلف نالا معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ سڪن ذريعي جانورن ۽ ٻوٽن جي ڄاڻ ملي ٿي. ڪيترن ئي سڪن تي مختلف پکين، جانورن ۽ ٻوٽن جون اڪريل تصويرون ملن ٿيون، جن مان ان ملڪ جي پکين، جانورن، وڻن ۽ فصلن متعلق ڪافي معلومات ملي ٿي. سڪن تي اڪريل مختلف شين جي نشانن، جانورن جي شڪلين ۽ مذهبي علامتن سان ان دؤر جي بادشاهن جي ذهني لاڙي جي پوري ڄاڻ ملي ٿي.