سڪيلڌو، محمد سومار ميمڻ: سنڌ جي ناليواري ڪاموري محمد سومار ميمڻ تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڳالھہ مشھور آهي تہ جڏهن هو ٽنڊي محمد خان ۾ مختيارڪار هو تہ هن کي تڏهوڪي وزير اعليٰ سنڌ محمد ايوب کهڙي طرفان مير غلام عليءَ کي گرفتار ڪري مٺيءَ ۾ پهچائڻ جو حڪم مليو. هن فورن کانئس سندس ڏوھہ معلوم ڪرڻ چاهيو، جڏهن کيس پتو پيو تہ سندس اهڙو ڪو ڏوھہ نہ آهي تہ محمد سومار وزيراعليٰ جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس انڪار تي وزيراعليٰ کي غصو آيو، جنهن هن کي صوبي بدر ڪري ’بھاولپور‘ بدلي ڪرائي ڇڏيو. اتي مختصر عرصو نوڪري ڪرڻ کان پوءِ واپس سنڌ آيو. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ جڏهن هو دادو ضلعي جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو، ان وقت محمد ايوب کهڙو اقتدار کان ٻاهر سياسي عتاب هيٺ هو، صدر ايوب هن تي ڪيترائي ڪيس مڙهي کيس گرفتار ڪرايو هو. 1959ع ڌاري ايوب کهڙي کي هڪ ڪيس جي چالان جي سلسلي ۾ ضلعي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان دادو پئي آندو ويو، ان دوران محمد سومار ضلعي جو ڪليڪٽر هو. سرڪاري حڪم تحت خانبهادر کهڙي کي سزا طور ڪجهہ دير لاءِ سيشن ڪورٽ ٻاهران نٽهڻ اس ۾ ترسائڻو هو ۽ بعد ۾ عدالت آڏو پيش ڪرڻو هو. اهڙين سمورين سياسي سازشن کان واقف محمد سومار ماضيءَ جا ڏک سور وساري گاڏيءَ تي سوار ٿي شھر کان ٻاهر اچي خانبهادر کهڙي جو استقبال ڪيو ۽ کيس پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويهاري عدالت اندر تيار ڪرايل هڪ خاص ڪمري ۾ ترسايو. سومار ميمڻ جي اهڙي ورتاءَ خانبهادر کهڙي کي پنھنجي ايامڪاريءَ جون گهڙيون ياد ڏياري ڇڏيون، جنهن ۾ هن کيس سنڌ بدر ڪيو هو.