سگهرائي

سگهرائي (راڳ): هن راڳ جو تعلق سنڌ جي قديم ٺاٺ ڪافي سان آهي. هي راڳ ڪافي ٺاٺ جو کاڊو، سمپورن راڳ آهي. انهيءَ راڳ ۾ ڌيـوت (ڌا) جـو سر استعمال ۾ نہ آڻبو آهي. اهڙي طرح ڌيوت (ڌا) جو سُر سرگم مان خارج ٿيل آهي. هن راڳ جي سرگم وسيلي شڪل جي روپ ۾ وادي سر کرج (سا) آهي ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آهي، جڏهن تہ هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت ڏينهن جو ٻيو پھر آهي. هن راڳ کي پڻ ڪانرهي جو هڪ قسم بہ سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ راڳ ۾ سارنگ جو بہ ڪجهه رنگ نظر اچي ٿو. سنڌي پرڪاش جي ٻن پهرن يعني رات جا ٽي تہ ڏينهن جا ٽي انهيءَ سرشتي ۾ رات جي وقت راڳ شھانا ڳايو ويندو تہ ڏينهن جي ٻئي پھر ۾ سگهرائي راڳ جو پھر مقرر ٿيل آهي. راڳ سوها ۽ سگهرائي ۾ فرق اهو آهي تہ سوها راڳ ۾ ڌيوت هو سر بلڪل ورج (خارج) ڪيل آهي ۽ راڳ سگهرائي جي آروهي ۾ ڌيوت (ڌا) جو سُر لڳڻ ڪري سوها ۽ سگهرائي الڳ الڳ ٿي پون ٿا. جيئن رات جو شھانا ۽ ڏينهن جو سگهرائي اهڙيءَ طرح رات جي وقت ۾ آڙانه تہ ڏينهن جي ايندڙ انهيءَ وقت مطابق سوها ڳائبو آهي. ڪجهه نائڪن جو چوڻ آهي تہ هن راڳ ۾ ڀاڳيسري مڌماد جون شڪليون ملن ٿيون. ڪجهه موسيقيءَ جي پنڊتن جو چوڻ آهي تہ هي راڳ سگهرائي، آڙانه، ڪانره ۽ بندره بني جون شڪليون ملن ٿيون. اهڙيءَ طرح راڳ سوها ۾ ڌيوت جو سر ورج آهي ۽ بندرا بنيءَ ۾ گنڌار ورج آهي. آڙانه ۾ ڌيوت ڪومل آهي ۽ شھانا راڳ ۾ ڌيوت خلاصي طريقي سان استعمال ۾ ايندو آهي. انهيءَ ڪري سگهرائي انهن سڀني سرن کان مختلف آهي، انهيءَ راڳ ۾ تاراسٿان جي سا وڏو لطف ڏيندي آهي. هن راڳ جي آروهي: سا-ري-گا-ما-پا-نا-سا ۽ امروهي: سا-نا-ڌي-پا-ما-گا-ري- سا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو