سگهڙ: سگهڙ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي سياڻو، سيبتو، سچيتو، ڄاڻو، پارکو، سوچ ۽ ساڃھہ رکندڙ، حق گو ۽ حق شناس. لوڪ ادب جي ڄاڻو سگهڙ کي ’سوگهڙ‘ بہ چوندا آهن. جنهن جو مطلب تہ سؤ قسم جي وڍ ۽ گهڙ ڪري، اکرن کي ڪاريگري ۽ سيبتائيءَ سان پاڻ ۾ ملائي، جنهن مان هنر يا سينگار جڙي پون، ڏٺ پروليون ۽ ڏوريون ٺھي پون، ڏهس ۽ پهاڪا جنم وٺن، مطلب تہ اکرن ۾ ساھہ وجهي جيئرو ڪندڙ ڪاريگر کي سگهڙ سڏجي ٿو. سگهڙ ڪنهن تعليمي اداري ۾ پڙهي، سند يا سرٽيفڪيٽ حاصل نہ ٿو ڪري، پر کين رب پاڪ، ڏات جون اوتون اوتي ڏئي ٿو. سگهڙ اڪثر ڪري ظاهري طرح اڻ پڙهيل هوندا آهن، پر هو پنھنجي مشاهدي ۽ تخليقي صلاحيتن ذريعي پنھنجي آسپاس جي سماج جو منظر پنھنجي نج ٻوليءَ ذريعي زباني پيش ڪن ٿا. بس سندس اندر مان جيڪو بہ آواز يا اٻڙاڪ نڪري ٿو، سو سمورو سوز ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهي. جيڪو ٻڌندڙن کي متاثر ٿو ڪري. سگهڙ ڪنهن ڪاغذ يا قلم جو محتاج ناهي هوندو، هن کي پنھنجي مشاهدي جي نظر جيڪو ڪجهه ڏيکاري ٿي، اهو عڪس دل جي دفتر تي ريٽي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجن سادن سودن لفظن ۾ اظهار ڪري ٿو. اهو اظهار جڏهن عام ماڻهن جي اڳيان عوامي ٻوليءَ ۾ پيش ڪجي ٿو، تڏهن ٻڌندڙن جي اندر مان زبان جي رستي دادا جا درياھہ وهي پون ٿا. سگهڙ کي جيڪڏهن سادڙو ۽ عوامي شاعر ڪري ڪوٺجي تہ ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نہ ٿيندو. هو لوڪ ادب جو پارکو، لوڪ اڳيان لوڪ پسند ڳالهيون ڪري ٿو. شاعر ۽ سگهڙ ۾ هي فرق آهي تہ سگهڙ وٽ لفظن جي ٺاھہ ٺوھہ يا وزن بحر جي پابندي ڪونهي هوندي، هو عام فھم ۽ سادا لفظ پيش ڪري ٿو، البت سگهڙ بہ شاعر وانگر رديف ۽ قافيي جو پابند آهي. بهرحال سگهڙ غير عروضي شاعر آهي، کيس عوامي يا لوڪ ادب جو لوڪ پسند شاعر چئجي تہ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو. هاڻي سگهڙ بہ عروض جو استعمال ڪن ٿا.
سنڌ ۾ ڪيترائي لوڪ ادب جا ماهر ۽ سگهڙ ٿي گذريا آهن، جن ۾ سگهڙن جو امام جلال کٽي، صابر موچي، حسين بخش ديدڙ، ٻيڙو ڪنڀار، حاجي فقير مهيسر، مريد زهراڻي، بخشو فقير شر، ﷲ بخش مڱڻ، سيد صالح محمد شاھہ، محمد ملوڪ عباسي، عبدالرحمٰن مهيسر، محمد مٺل جهتيال، عاجز ﷲ لاشاري'>رحمت ﷲ لاشاري، لقمان کوکر ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.
سگهڙن جي ڪچهري: سگهڙ ۽ سپورنج مڙي محبت جو ميڙاڪو ڪري پاڻ ۾ جيڪا محفل مچائين ٿا، انهيءَ قرب ڀري ڪچهريءَ کي عام لفظن ۾ ’سگهڙن جي ڪچهري‘ چئجي ٿو. سگهڙن جي ڪچهري اسان جي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم ۽ خالص حصو آهي. جنهن کي سنڌي ادب جي سونهن ۽ سوڀيا ڪوٺجي ٿو. سگهڙن جون ڪچهريون نہ صرف ڪچهريون آهن، پر اهي لوڪ ادب، فڪر ۽ فن جا ڀرپور ادارا آهن، انهن ڪچهرين ۾ اچڻ سان ڪيئي ماڻهو ڏات ۽ ڏانوَ سان پنهنجا جهول ڀري، سوچ جا صاحب بڻجي، سچيتا سگهڙ ۽ سپورنج ٿي پيا، جيڪي سنڌي لوڪ ادب م نالو نروار ڪندا رهن ٿا. ڪيترائي اهڙا اڻ ڳڻيا مثال موجود آهن تہ انهيءَ لوڪ ادب جي ڪچهرين ۽ سگهڙن جي صحبت ۾ ڪيترائي اڻ گهڙيا ۽ اڻ پورا انسان، پنهنجون زورآوريون ۽ زبردستيون ڇڏي، سڪ جا سوداگر بڻجي ويا. ڪي ڪي ڌاڙيل ۽ ڏاڍا مڙس سگهڙن جي ڪچهرين مان محبت جو مزو وٺي، لوڪ ادب جي افق تي ستارا بڻجي چمڪي ويا ۽ اڄ بہ چمڪن ٿا.
سگهڙن جي ڪچهري نهايت وڻندڙ ۽ دل کي ڇڪيندڙ ٿئي ٿي. سڀ سگهڙ ۽ سپورنج ڪنرو ڪري، هلڪو ٻڌي، ڪانڀ ڪڍي، ورونھہ ڪرڻ ويهندا آهن، هن ڪچهريءَ جي لاءِ ڪنهن ٺٺ ٺانگر يا جوڙ جڙاءَ جي ضرورت ناهي، پٽ تي تڏن يا تونرين وڇائڻ ۽ سياري ۾ وچ تي وڏي مچ جي ضرورت هوندي آهي، پوءِ اها اوطاق ڪنهن جي بہ هجي. سڀني سگهڙن مان هڪ سريلو سگهڙ نڪري نروار ٿيندو آهي ۽ آيل سگهڙن، مهمانن ۽ دوستن جو آڌرڀاءُ ۽ خوش کيڪار ڪندو آهي. ان کانپوءِ لوڪ ادب جي باري ۾ پنھنجي ڄاڻ مطابق ويٺل ڪچهريءَ کي واقف ڪندو آهي. انهيءَ اڳواڻي ڪندڙ سگهڙ کي صدر ڪوٺيو ويندو آهي. صدر پنهنجو بيان پورو ڪرڻ کانپوءِ ٻن حصن ۾ ورهايل سگهڙن مان هڪ هڪ سگهڙ مخـتلـف ٽـولن مان اُٿاري آمهـون سامهون مقابلي لاءِ بيهاريندو آهي. ٻئي سگهڙ واري واري سان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. سٽاءَ موجب ڳجهارت، پهاڪو، هنر، سينگار ۽ آخر ۾ ڏور پيش ڪيو ويندو آهي. ان سموري ڪارروائيءَ جي وچ ۾ اڪثر ڪري وقفي وقفي سان راڳ جي محفل جو پڻ مزو ورتو ويندو آهي. واري واري سان سمورو فن پڙهڻ کانپوءِ صدر سگهڙ ڏور جي مقابلي جو اعلان ڪندو آهي.
ڏور جي مقابلي ۾ بہ هڪ هڪ ٽولي جو هڪ هڪ سگهڙ آمهون سامهون ويهي ڏور پڙهندو، جيڪو سگهڙ ڏور ڏيندو، انهيءَ جي پارٽي خاموش ويٺي هوندي، باقي مخالف پارٽي جا سمورا سگهڙ اها ڏور ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا. ڏور ڳولڻ لاءِ ٽائيم مقرر هوندو آهي. ان دوران ڏور ڳولڻ واري پارٽيءَ جا سگهڙ ان ڏور جو ڪو جواب ڳولي ڏور ڏيڻ واري پارٽيءَ کي ٻڌائيندا ۽ جيڪڏهن اهو جواب غلط هوندو تہ ڏور ڏيڻ وارو سگهڙ ’بچي‘ چوندو! جنهن جو مطلب تہ اهو جواب غلط آهي. جيڪڏهن ڏور جو جواب يا ڀڃڻي صحيح نڪرندي تہ ڏور ڏيندڙ سگهڙ وڏي واڪي ’ها‘ يا ’ويو‘ چئي، پنھنجي جاءِ تان اٿي، ڏور ڀڃندڙ سگهڙ کي ڀاڪر پائيندو ۽ سڄي ڪچهريءَ ۾ نعرا، هوڪرا ۽ خوشيءَ جي لھر ڇائنجي ويندي. پر جيڪڏهن مقرر وقت تي مخالف ڌر وارا سگهڙ اها ڏور نہ ڀڃي سگهندا تہ پوءِ اهڙيءَ ڏور کي سگهڙ پنھنجي ٻوليءَ ۾’ڀڳ وارو ڏور‘ ڪري سڏيندا آهن. ڀڳ وارو ڏور، ڪامياب ڏور کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڏور ڏيڻ واري ڌر جي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ هوندو آهي. پوءِ سڄي ڪچهري ڏور ڏيندڙ سگهڙ کي چوندي تہ ’ڏور کول‘ تہ اهو سگهڙ ڏور کوليندو، يعني ڏور جو مطلب يا سمجهاڻي ٻڌائيندو، جنهن ڏور جي سمجهاڻيءَ کي حديث ڪري چيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏور جي حديث سگهڙائپ جي اصولن موجب درست ۽ قابل قبول هوندي تہ سڀئي سگهڙ پنھنجي جاين تان اٿي ان ڏور ڏيندڙ سگهڙ سان قدردانيءَ طور هٿ ملائيندا ويندا. اهڙيءَ طرح هيءَ ڪچهري سموري رات هلي صبح جو پرھہ ڦٽيءَ مھل پنھنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي.
هن قسم جون سگهڙ ڪچهريون هاڻي سرڪاري انتظام هيٺ بہ منعقد ٿينديون آهن. ثقافت کاتي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران بہ سگهڙ ڪچهريون منعقد ڪيون ويون آهن. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران اينڊومينٽ فند ٽرسٽ جي سهڪار سان سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ لهجن جي سگهڙن جون ڪچهريون توڙي هند جي ٻنيءَ واري علائقي جي سگهڙن جون ڪچهريون وڊيو ريڪارڊنگ ۾ بہ محفوظ ڪيون ويون آهن.