سگھڙ سالڪ

سگھڙ سالڪ

سگهڙ سالڪ

سگهڙ سالڪ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري سگهڙ استاد محمد صادق ٿھيم جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. جنهن کي سگهڙ روشن الدين ٿھيم سهيڙي ڪتابي صورت ڏني آهي. هن ڪتاب کي نون حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ ٽيھہ اکري حمد ۽ مختلف نبين اوليائن تي ڪيل شاعري شامل آهي. ٻئي باب ۾ نصيحت ۽ دانائيءَ جا داڻا، ٽئين ۾ سنڌ جو شان ۽ قوم کي پيغام، چوٿين باب ۾ مر مڻيادار، پنجين باب ۾ سگهڙپائي، ڇهين باب ۾ خوش طبعيءَ وارا خيال، ستين ۾ خشڪ ۽ سوز محبت جو مذڪور، اٺين باب ۾ ٽيھہ اکريون ۽ نائين باب ۾ بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. ڪتاب ۾ سگهڙ محمد صادق جي سوانح پڻ ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر، روشن ٿهيم، بچل شاھہ جيلاني سيد صالح محمد شاھہ جا رايا پڻ شامل آهن.
ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 299 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب روشن برادرز ڳوٺ محمد صادق ٿهيم، ٽنڊي آدم مان 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو