سگھرائي (راڳ): هن راڳ جو تعلق سنڌ جي قديم ٺاٺ ڪافي سان آهي. هي راڳ ڪافي ٺاٺ جو کاڊو، سمپورن راڳ آهي. انهيءَ راڳ ۾ ڌيـوت (ڌا) جـو سر استعمال ۾ نه آڻبو آهي. اهڙي طرح ڌيوت (ڌا) جو سُر سرگم مان خارج ٿيل آهي. هن راڳ جي سرگم وسيلي شڪل جي روپ ۾ وادي سر کرج (سا) آهي ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آهي، جڏهن ته هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت ڏينهن جو ٻيو پهر آهي. هن راڳ کي پڻ ڪانرهي جو هڪ قسم به سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ راڳ ۾ سارنگ جو به ڪجھه رنگ نظر اچي ٿو. سنڌي پرڪاش جي ٻن پهرن يعني رات جا ٽي ته ڏينهن جا ٽي انهيءَ سرشتي ۾ رات جي وقت راڳ شهانا ڳايو ويندو ته ڏينهن جي ٻئي پهر ۾ سگھرائي راڳ جو پهر مقرر ٿيل آهي. راڳ سوها ۽ سگھرائي ۾ فرق اهو آهي ته سوها راڳ ۾ ڌيوت هو سر بلڪل ورج (خارج) ڪيل آهي ۽ راڳ سگھرائي جي آروهي ۾ ڌيوت (ڌا) جو سُر لڳڻ ڪري سوها ۽ سگھرائي الڳ الڳ ٿي پون ٿا. جيئن رات جو شهانا ۽ ڏينهن جو سگھرائي اهڙيءَ طرح رات جي وقت ۾ آڙانه ته ڏينهن جي ايندڙ انهيءَ وقت مطابق سوها ڳائبو آهي. ڪجھه نائڪن جو چوڻ آهي ته هن راڳ ۾ ڀاڳيسري مڌماد جون شڪليون ملن ٿيون. ڪجھه موسيقيءَ جي پنڊتن جو چوڻ آهي ته هي راڳ سگھرائي، آڙانه، ڪانره ۽ بندره بني جون شڪليون ملن ٿيون. اهڙيءَ طرح راڳ سوها ۾ ڌيوت جو سر ورج آهي ۽ بندرا بنيءَ ۾ گنڌار ورج آهي. آڙانه ۾ ڌيوت ڪومل آهي ۽ شهانا راڳ ۾ ڌيوت خلاصي طريقي سان استعمال ۾ ايندو آهي. انهيءَ ڪري سگھرائي انهن سڀني سرن کان مختلف آهي، انهيءَ راڳ ۾ تاراسٿان جي سا وڏو لطف ڏيندي آهي. هن راڳ جي آروهي: سا-ري-گا-ما-پا-نا-سا ۽ امروهي: سا-نا-ڌي-پا-ما-گا-ري- سا آهي.