سگھڙ: سگھڙ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي سياڻو، سيبتو، سچيتو، ڄاڻو، پارکو، سوچ ۽ ساڃهه رکندڙ، حق گو ۽ حق شناس. لوڪ ادب جي ڄاڻو سگھڙ کي ’سوگھڙ‘ به چوندا آهن. جنهن جو مطلب ته سؤ قسم جي وڍ ۽ گهڙ ڪري، اکرن کي ڪاريگري ۽ سيبتائيءَ سان پاڻ ۾ ملائي، جنهن مان هنر يا سينگار جڙي پون، ڏٺ پروليون ۽ ڏوريون ٺهي پون، ڏهس ۽ پهاڪا جنم وٺن، مطلب ته اکرن ۾ ساهه وجھي جيئرو ڪندڙ ڪاريگر کي سگھڙ سڏجي ٿو. سگھڙ ڪنهن تعليمي اداري ۾ پڙهي، سند يا سرٽيفڪيٽ حاصل نه ٿو ڪري، پر کين رب پاڪ، ڏات جون اوتون اوتي ڏئي ٿو. سگھڙ اڪثر ڪري ظاهري طرح اڻ پڙهيل هوندا آهن، پر هو پنهنجي مشاهدي ۽ تخليقي صلاحيتن ذريعي پنهنجي آسپاس جي سماج جو منظر پنهنجي نج ٻوليءَ ذريعي زباني پيش ڪن ٿا. بس سندس اندر مان جيڪو به آواز يا اٻڙاڪ نڪري ٿو، سو سمورو سوز ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهي. جيڪو ٻڌندڙن کي متاثر ٿو ڪري. سگهڙ ڪنهن ڪاغذ يا قلم جو محتاج ناهي هوندو، هن کي پنهنجي مشاهدي جي نظر جيڪو ڪجھه ڏيکاري ٿي، اهو عڪس دل جي دفتر تي ريٽي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجن سادن سودن لفظن ۾ اظهار ڪري ٿو. اهو اظهار جڏهن عام ماڻهن جي اڳيان عوامي ٻوليءَ ۾ پيش ڪجي ٿو، تڏهن ٻڌندڙن جي اندر مان زبان جي رستي دادا جا درياهه وهي پون ٿا. سگھڙ کي جيڪڏهن سادڙو ۽ عوامي شاعر ڪري ڪوٺجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هو لوڪ ادب جو پارکو، لوڪ اڳيان لوڪ پسند ڳالهيون ڪري ٿو. شاعر ۽ سگھڙ ۾ هي فرق آهي ته سگھڙ وٽ لفظن جي ٺاهه ٺوهه يا وزن بحر جي پابندي ڪونهي هوندي، هو عام فهم ۽ سادا لفظ پيش ڪري ٿو، البت سگھڙ به شاعر وانگر رديف ۽ قافيي جو پابند آهي. بهرحال سگهڙ غير عروضي شاعر آهي، کيس عوامي يا لوڪ ادب جو لوڪ پسند شاعر چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هاڻي سگهڙ به عروض جو استعمال ڪن ٿا.
سنڌ ۾ ڪيترائي لوڪ ادب جا ماهر ۽ سگھڙ ٿي گذريا آهن، جن ۾ سگهڙن جو امام جلال کٽي، صابر موچي، حسين بخش ديدڙ، ٻيڙو ڪنڀار، حاجي فقير مهيسر، مريد زهراڻي، بخشو فقير شر، الله بخش مڱڻ، سيد صالح محمد شاهه، محمد ملوڪ عباسي، عبدالرحمٰن مهيسر، محمد مٺل جهتيال، عاجز الله لاشاري'>رحمت الله لاشاري، لقمان کوکر ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.
سگھڙن جي ڪچهري: سگھڙ ۽ سپورنج مڙي محبت جو ميڙاڪو ڪري پاڻ ۾ جيڪا محفل مچائين ٿا، انهيءَ قرب ڀري ڪچهريءَ کي عام لفظن ۾ ’سگھڙن جي ڪچهري‘ چئجي ٿو. سگھڙن جي ڪچهري اسان جي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم ۽ خالص حصو آهي. جنهن کي سنڌي ادب جي سونهن ۽ سوڀيا ڪوٺجي ٿو. سگھڙن جون ڪچهريون نه صرف ڪچهريون آهن، پر اهي لوڪ ادب، فڪر ۽ فن جا ڀرپور ادارا آهن، انهن ڪچهرين ۾ اچڻ سان ڪيئي ماڻهو ڏات ۽ ڏانوَ سان پنهنجا جھول ڀري، سوچ جا صاحب بڻجي، سچيتا سگھڙ ۽ سپورنج ٿي پيا، جيڪي سنڌي لوڪ ادب م نالو نروار ڪندا رهن ٿا. ڪيترائي اهڙا اڻ ڳڻيا مثال موجود آهن ته انهيءَ لوڪ ادب جي ڪچهرين ۽ سگھڙن جي صحبت ۾ ڪيترائي اڻ گھڙيا ۽ اڻ پورا انسان، پنهنجون زورآوريون ۽ زبردستيون ڇڏي، سڪ جا سوداگر بڻجي ويا. ڪي ڪي ڌاڙيل ۽ ڏاڍا مڙس سگھڙن جي ڪچهرين مان محبت جو مزو وٺي، لوڪ ادب جي افق تي ستارا بڻجي چمڪي ويا ۽ اڄ به چمڪن ٿا.
سگهڙن جي ڪچهري نهايت وڻندڙ ۽ دل کي ڇڪيندڙ ٿئي ٿي. سڀ سگھڙ ۽ سپورنج ڪنرو ڪري، هلڪو ٻڌي، ڪانڀ ڪڍي، ورونهه ڪرڻ ويهندا آهن، هن ڪچهريءَ جي لاءِ ڪنهن ٺٺ ٺانگر يا جوڙ جڙاءَ جي ضرورت ناهي، پٽ تي تڏن يا تونرين وڇائڻ ۽ سياري ۾ وچ تي وڏي مچ جي ضرورت هوندي آهي، پوءِ اها اوطاق ڪنهن جي به هجي. سڀني سگهڙن مان هڪ سريلو سگھڙ نڪري نروار ٿيندو آهي ۽ آيل سگهڙن، مهمانن ۽ دوستن جو آڌرڀاءُ ۽ خوش کيڪار ڪندو آهي. ان کانپوءِ لوڪ ادب جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ مطابق ويٺل ڪچهريءَ کي واقف ڪندو آهي. انهيءَ اڳواڻي ڪندڙ سگھڙ کي صدر ڪوٺيو ويندو آهي. صدر پنهنجو بيان پورو ڪرڻ کانپوءِ ٻن حصن ۾ ورهايل سگھڙن مان هڪ هڪ سگھڙ مخـتلـف ٽـولن مان اُٿاري آمهـون سامهون مقابلي لاءِ بيهاريندو آهي. ٻئي سگھڙ واري واري سان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. سٽاءَ موجب ڳجھارت، پهاڪو، هنر، سينگار ۽ آخر ۾ ڏور پيش ڪيو ويندو آهي. ان سموري ڪارروائيءَ جي وچ ۾ اڪثر ڪري وقفي وقفي سان راڳ جي محفل جو پڻ مزو ورتو ويندو آهي. واري واري سان سمورو فن پڙهڻ کانپوءِ صدر سگھڙ ڏور جي مقابلي جو اعلان ڪندو آهي.
ڏور جي مقابلي ۾ به هڪ هڪ ٽولي جو هڪ هڪ سگهڙ آمهون سامهون ويهي ڏور پڙهندو، جيڪو سگھڙ ڏور ڏيندو، انهيءَ جي پارٽي خاموش ويٺي هوندي، باقي مخالف پارٽي جا سمورا سگهڙ اها ڏور ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا. ڏور ڳولڻ لاءِ ٽائيم مقرر هوندو آهي. ان دوران ڏور ڳولڻ واري پارٽيءَ جا سگھڙ ان ڏور جو ڪو جواب ڳولي ڏور ڏيڻ واري پارٽيءَ کي ٻڌائيندا ۽ جيڪڏهن اهو جواب غلط هوندو ته ڏور ڏيڻ وارو سگھڙ ’بچي‘ چوندو! جنهن جو مطلب ته اهو جواب غلط آهي. جيڪڏهن ڏور جو جواب يا ڀڃڻي صحيح نڪرندي ته ڏور ڏيندڙ سگھڙ وڏي واڪي ’ها‘ يا ’ويو‘ چئي، پنهنجي جاءِ تان اٿي، ڏور ڀڃندڙ سگھڙ کي ڀاڪر پائيندو ۽ سڄي ڪچهريءَ ۾ نعرا، هوڪرا ۽ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي ويندي. پر جيڪڏهن مقرر وقت تي مخالف ڌر وارا سگهڙ اها ڏور نه ڀڃي سگھندا ته پوءِ اهڙيءَ ڏور کي سگھڙ پنهنجي ٻوليءَ ۾’ڀڳ وارو ڏور‘ ڪري سڏيندا آهن. ڀڳ وارو ڏور، ڪامياب ڏور کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڏور ڏيڻ واري ڌر جي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ هوندو آهي. پوءِ سڄي ڪچهري ڏور ڏيندڙ سگھڙ کي چوندي ته ’ڏور کول‘ ته اهو سگهڙ ڏور کوليندو، يعني ڏور جو مطلب يا سمجھاڻي ٻڌائيندو، جنهن ڏور جي سمجھاڻيءَ کي حديث ڪري چيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏور جي حديث سگھڙائپ جي اصولن موجب درست ۽ قابل قبول هوندي ته سڀئي سگھڙ پنهنجي جاين تان اٿي ان ڏور ڏيندڙ سگھڙ سان قدردانيءَ طور هٿ ملائيندا ويندا. اهڙيءَ طرح هيءَ ڪچهري سموري رات هلي صبح جو پرهه ڦٽيءَ مهل پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي.
هن قسم جون سگھڙ ڪچهريون هاڻي سرڪاري انتظام هيٺ به منعقد ٿينديون آهن. ثقافت کاتي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران به سگھڙ ڪچهريون منعقد ڪيون ويون آهن. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران اينڊومينٽ فند ٽرسٽ جي سهڪار سان سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ لهجن جي سگھڙن جون ڪچهريون توڙي هند جي ٻنيءَ واري علائقي جي سگهڙن جون ڪچهريون وڊيو ريڪارڊنگ ۾ به محفوظ ڪيون ويون آهن.