سگھڙين سٿ

سگهڙين سٿ (صفحو): سن 1972ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو ٻيو جنم ٿيو. ان وقت ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ جي گاديءَ جي شھر واري حيثيت بحال ٿي چڪي هئي.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي عوامي حڪومت ۾ سنڌي ماڻهن جڏهن ٻھراڙيءَ کان وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي تہ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ نئون مڊل ڪلاس جڙيو. پراڻيون روايتون ۽ رواج ان نئين جڙندڙ طبقي جي راھہ ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا هئا. ان وقت اها ضرورت محسوس ڪئي وئي تہ ان طبقي جي مالڪي ڪئي وڃي. سندن مشڪلاتن ۽ مسئلن کي ارباب اختيارين تائين پهچائڻ سان گڏوگڏ سندن تعليم، روزگار، شھري سهولتن وغيرہ بابت پڻ سندن رهنمائي ڪئي وڃي. ان دور ۾ سنڌي ادب کي بہ نئون موڙ ملي چڪو هو. ون يونٽ واري مزاحمتي دور کان پوءِ هڪ سجاڳيءَ جي ضرورت هئي، جيڪا پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون جاري ٿيون هيون. ’سھڻي‘، ’ملير‘ ڊائجسٽ جهڙن رسالن سان گڏوگڏ خصوصي طور هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن، ايڊيٽوريلن ۽ ان جي ادبي صفحي ان تحريڪ کي هٿي ڏني. انهيءَ پسمنظر ۾ هلال پاڪستان اخبار ۾ سنڌي عورتن لاءِ ’سگهڙين سٿ‘ نالي هڪ صفحو جاري ڪيو ويو، جنهن جي ادارت فھميدہ ميمڻ سنڀالي. هن صفحي هڪ طرف تہ سنڌي عورتن جي جاڳرتا ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ سندن سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن کي اجاگر ڪيو تہ ٻئي طرف سنڌي ادب جي ميدان ۾ تخليقي سطح تي پڻ ڪيترين نين لکندڙ ڇوڪرين ۽ عورتن کي متعارف ڪرايو ۽ سندن رهنمائي ڪئي.
’سگهڙين سٿ‘ صفحو اردوءَ جي عام روايتي صفحن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ منفرد هو، جو هن ۾ رڌ پچاءَ يا هار سينگار بابت ليکن کي اهميت ڏيڻ بدران عورتن جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪندڙ ليک ڇاپيا ويندا هئا.ڪالم، ڪهاڻين، شاعري، مضمونن، انٽرويوئن يا فيچرن کانسواءِ هن صفحي ۾ چترڪار عورتن جا چٽ ۽ خاڪا ڏنا ويندا هئا، سندن لکڻين تي تنقيدي تبصرا ڪيا ويندا هئا ۽ دنيا جي مشھور عورتن بابت ليک ترجمو ڪري ڇاپيا ويندا هئا، جن ۾ ليلا خالد،
جميلا بوپاشا يا هيلن ڪيلر جهڙين عورتن جي زندگيءَ ۽ جدوجھد کي پيش ڪري هتان جي عورتن کي اتساهيو ويندو هو. روايتي معاملن، ننهن، نڻان، ڀاڄائيءَ جي جهيڙن جي مسئلن بدران چين، روس ۽ ٻين سماجوادي معاشرن توڙي يورپ ۽ آمريڪا ۾ عورتن جي آزادي، عورت ۽ مردن جي برابري، پورهئي جي ورڇ ۽ هڪ جهڙن موقعن بابت ڄاڻ ڏئي ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جي ڏس ۾ شعور بيدار ڪيو ويندو هو. مختلف ادبي ۽ سماجي گڏجاڻيون ڪري عورتن جي تربيت ڪئي ويندي هئي. هن صفحي ذريعي نين لکندڙ ڇوڪرين کي ادب جي کيتر ۾ آڻي، سندن اصلاح ڪري اعتماد ڏنو ويندو هو. هن ڏس ۾ نامور ليکڪہ تنوير جوڻيجو پنھنجي ڪتاب ’عورت، سماج ۽ ڏاڍ‘ ۾ لکي ٿي تہ: ”سگهڙين سٿ ۾ ٻنهي ڀيڻين (فھميدہ حسين ۽ انيس ميمڻ) جي اڻٿڪ ڪوشش سببان حيدرآباد ۾ ادبي ميڙاڪا بہ منعقد ٿيا، نتيجي ۾ عورتن جو هڪڙو انگ برسر پيڪار نظر آيو. سلطانہ وقاصي، نورالهديٰ شاھہ، نسرين شاھہ، شميم ميمڻ، تبسم مهتاب قريشي، خالده سومرو، ثريا سوز ڏيپلائي، مريم چانگ، خيرالنساءِ جعفري، ليليٰ بانو، نيلوفر جويو، رضيہ صديقي، افروز صديقي، زبيدہ ميتلو، غزالا شاهين ڀٽو، تنوير جوڻيجو، رعنا صديقي، ج. ع. منگهاڻي وغيرہ قابل ذڪر آهن.“
هن صفحي ذريعي ڪيتريون ئي ليکڪائون متعارف ٿيون، جن ۾ نور الهديٰ شاھہ، سلطانہ وقاصي، عطيہ دائود، تنوير جوڻيجو، شمشاد مرزا، سوسن مرزا، سلميٰ صديقي، بانو محبوب، نسرين جوڻيجو ۽ ٻيون شامل آهن.
هي صفحو مسلسل ڏهن سالن تائين فھميدہ ميمڻ/ فھميدہ حسين ايڊٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪجهه سال ان کي عطيہ دائود پڻ سنڀاليو ۽ پوءِ مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪائون اهو صفحو سنڀالينديون رهيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو