
سڱريون
سڱريون: ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڦرين کي سڱريون چئبو آهي. سڱريون سنهيون ۽ چونئري جي ڦرين کان ڊگهيون ٿين ٿيون. هي مارو ماڻهن جي ڏٿ ۾ شامل آهن. ڪچين سڱرين مان ڀاڄي رڌي ويندي آهي ۽ سڱريون پچي وڃڻ کانپوءِ ٻج ڪڍي کاڌيون وينديون آهن. ٿر جا ماڻهو سڪل سڱرين کي ميوو سمجهي کائيندا آهن. مارو ماڻهو ڪچيون سڱريون اٻاري رکندا آهن، جيڪي گهڻي عرصي تائين ڀاڄيءَ جي طور ڪم آڻين. اٻاريل سڱريون توڙي سڪل سڱريون ٻين علائقن ڏانهن پڻ موڪليون وينديون آهن. سڱرين جو شهرن ۾ وڪرو چڱو ٿئي ٿو. سڱرين ۾ ٻج هوندو آهي، جيڪو سخت ٿيندو آهي ۽ اڪثر ڪري مال جي ڦولڙين ذريعي ٻين علائقن ڏانهن پکڙجي پوندو آهي.
شيخ اياز پڻ سڱرين کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي:
ڪنڊيءَ نہ سڱري، ٻٻر نہ پلڙو،
سائون نہ سلڙو، ڇانگون نہ ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا . . .