سڱي: سڱ جو ننڍڙو ٽڪرو، جيڪو ڦوڪ رستي وڄائجي. ننڍڙي سڱ جو اوزار، جنهن کي علاج طور سڱي هڻڻ (Cuppins) لاءِ استعمال ڪجي. سڱي هڻڻ جو طريقو تاريخ کان به آڳاٽي دور کان وٺي مروج رهيو آهي، جنهن رستي انساني جسم ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي ساڙي/سوزش، جهڙوڪ: ڏنگ ۽ ڪنڊي لڳي پوڻ جي حالت ۾ پنهنجي چوس جي طاقت سان ڊوهي ڪڍندو هو. اهڙين شين سميت ڪني رت ڊوهي ڪڍڻ لاءِ دنيا جي مختلف قومن وٽ، مختلف دورن ۾ انيڪ طريقا مروج رهيا آهن. اتر آمريڪا جي ونيڪور ٻيٽ جي آس پاس جا مقامي ماڻهو ان لاءِ کوپا/ شيل (Shell) يورپ، ايشيا، آفريڪا ۽ اتر آمريڪا جي ماڻهن ۾ جانورن جي ڍانڍن سڱن کي مڇي استعمال ڪرڻ جو رواج هو. اهڙي ڄاڻ اوائلي ٻوليءَ ۾ لکيل انهن ٺڪرين مان ملي ٿي، جيڪي 700 ق. م جون آهن. قديم مصر جي سڀ کان قديم طب جي هڪ اهم ڪتاب ’ابرس پاپائيرس‘ (Ebers papyrus) جيڪو 1550 ق. م جو آهي، تنهن ۾ به سڱين رستي علاج جو ذڪر ڪيل آهي.
بقراط، جنهن کي طب جو ابو سڏيو وڃي ٿو، تنهن به ڪيترين مختلف قسمن جي بيمارين لاءِ سڱين هڻائڻ جي صلاح ڏني ۽ سندس ويساهه هو ته اهڙيون سڱيون گھير ۾ ننڍيون، نباتاتي شڪل جون ۽ وزن ۾ هلڪيون استعمال ڪرڻ گھرجن. سڱين رستي علاج ڪرڻ جو رواج دنيا جي مسلمان ملڪن ۾ به آهي ۽ عربيءَ ۾ علاج جي هن طريقي کي ’حجامه‘ سڏيو وڃي ٿو.
سڱين هڻائڻ کي بيمارين کان بچڻ ۽ علاج جو هڪ بهترين طريقو سمجھيو ويندو هو، جو ڀانيو ويندو هو ته ائين ڪرڻ سان رت جو گردشي ۽ مدافتي بيمارين کان بچائيندڙ سرشتو سگھارو ٿي وڃي ٿو. جسم صاف، زهر کان آجو ۽ علاج کانپوءِ مريض وڏي فرحت محسوس ڪري ٿو. ٿلهي ليکي سڱي هڻائڻ کي هر قسم جي بيماريءَ جو علاج سمجھيو ويندو آهي.
سنڌ ۾ به سڱين هڻائڻ جو طريقو قديم زماني کان وٺي مروج آهي، سور واري هنڌ تي نشان لڳائي ان جي مٿان سڱيءَ جو موڪرو گولائيءَ وارو حصو رکي پوءِ مٿان واري سوڙهي پاسي جي سوراخ رستي سوٽ ڏئي سڱيءَ کي 5 کان 15 منٽن تائين اڀو بيهاري ڇڏبو آهي ته سڱي لڳل هنڌ جو ماس سڄي ويندو آهي. سڱي لاهي ان حصي کي پوءِ پاڪيءَ سان هلڪو ٽڪو ڏيندا آهن ته رت پاڻ ئي وهڻ لڳندي آهي، جنهن کانپوءَ مريض فائدو محسوس ڪندو آهي. آمريڪي ڪينسر سوسائٽيءَ پاران ڪيل تحقيق مطابق هي طريقو نه ڪينسر ۽ نه ئي ڪنهن ٻيءَ بيماريءَ لاءِ ڪارائتو آھي، جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هي طريقو ڪافي ترقي ڪري چڪو آهي ۽ سڱي هڻڻ لاءِ اهڙيون سڱيون شيشي، بانس، ٺڪر، ڌاتو ۽ پلاسٽڪ جون به استعمال ڪيون وڃن ٿيون. هاڻي سڱيون هٿ سان نه، پر ان لاءِ مشينون به استعمال ڪيون وڃن ٿيون.