
ھڪ دوڪان تي سڳين جا مختلف قسم

ٽُڪَ وارِي سڳيءَ جو ٽؤنر

وڏي ٽؤنر واريون سڳيون
سڳي (عورتاڻو سينگار): سڳي سُٽ مان ٺهيل هوندي آهي، جنهن کي عورتون پنھنجي وارن ۾ ويڙهينديون آهن. سڳيءَ جو ڳُر ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي ۽ هن جا پلاند/جهوڙا رنگين گلن وارا، موتين وارا ٿيندا آهن. سڳيون ڪيترن ئي قسمن جون ٿينديون آهن، جنهن ۾ موتي واري، گُلن ۽ قلابات واري، لسيون ۽ رنگين وغيرہ شامل آهن. هن کي ٺاهڻ لاءِ هر قسم جو سُٽ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ايراني سٽ، ريشم سُٽ، سوٽي سٽ شامل آهي. عورتون سڳي کي وڏي شوق سان وارن ۾ سونهن طور ويڙهينديون آهن. ننڍي عمر واريون ڇوڪريون، وارن کي وڏو ڪرڻ لاءِ وارن ۾ مهندي وجهي سڳي ويڙهائينديون آهن تہ جيئن وار وڏا ٿين. اُها سڳي اڪثر ڪري ڪاري رنگ جي هوندي آهي. سنڌ جون عورتون گهرن ۾ هنر طور، واندڪائي ۾ سڳيون ٺاهينديون آهن. ڪجهہ عورتون وري معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بہ ٺاهينديون آهن. سڳي وارن ۾ ويڙهڻ وارو رواج صرف هاڻي ڳوٺن تائين محدود ٿي ويو آهي. شهرن ۾ اُن جي جاءِ تي وارن لاءِ مختلف قسمن جون هيئرس بنڊ، ڪيچرس، ڪلپ ۽ ڪانٽا اچي ويا آهن، جيڪي شھر جون عورتون استعمال ڪنديون آهن. پر پوءِ بہ سنڌ جي ڳوٺن ۾ سڳين جي وڏي اهميت آهي. عورتون شوق سان ٺاهينديون ۽ استعمال ڪنديون آهن.