سڻ
سڻ (ريگستاني ٻوٽو): سڻ جو ٻوٽو ٿر ۾ عام جام ٿئي ٿو، هي ٻوٽو اڪثر هيٺاهين زمين ۽ ڏهرن جي سخت زمين تي ٿيندو آهي. هن ٻوٽي کي مضبوط ٿُڙ ۽ گھاٽيون جھڳٽي دار شاخون هونديون آهن. هي اهڙو ٻوٽو آهي، جنهن جون پاڙون هيٺ تائين اونهيون هونديون آهن، جنهنڪري هي ٻوٽو سدائين سائو رهندو آهي. سڻ، اٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. سڻ وڍي سڪائڻ کانپوءِ چونرن، لانين ۽ ڇنن جي ڇتين اڏڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. سڻن مان نوڙيون پڻ وٽيون وينديون آهن، ڪٿي وري سِڻ جي شاخن کي وٽي، انهن مان ڇڪا به ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي کير، مکڻ، اٽو، ماني يا ٻيون شيون رکڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. ٻلين، ماڪوڙين ۽ جيت جڻي کان بچائڻ لاءِ پڻ کاڌي پيتي جون شيون انهن ڇڪن ۾ رکبيون آهن. سڻ جي شاخن کي وٽي، مٽن، دلن ۽ ڪنن رکڻ لاءِ سُوٿيا به ٺاهيا ويندا آهن، جن ۾ اهي ڦٻي بيهندا آهن. جھنگ ۾ بيٺل سڻ سڪي ڪارو ٿي ويندو آهي، جنهن کي ڍور ڍڳو ڪين کائي، پر ڏڪار جي وقت ۾ مال ڪارو ٿي ويل سڻ به کايو وڃي، جنهنڪري انهن مان ڪجهه جانور، خاص ڪري ڍڳيون ڪڏهن ڪڏهن مريو به وڃن، اهڙي مئل ڍڳي لاءِ چيو ويندو آهي ته هن کي سڻ لڳا آهن. سڻ جا ٻوٽا ڪوهستان ۾ به ٿيندا آهن.