سڻڀ Fats)): جاندارن جي خوراڪ جي بنيادي جزن ۾ سڻڀ به هڪ اهم جزو آهي، جيڪو جاندارن جي واڌويجهه ۽ توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم هوندو آهي. سڻڀ ۽ ان مان ملندڙ ٻيا سڻڀ ننڍن ننڍن ڪيميائي جزن، مثال طور: فيٽي ايسڊ ۽ گليسرال مان ٺهيل هوندا آهن. سڻڀ عام گرميءَ جي درجي ۾ سخت ٿئي ٿو، جڏهن ته تيل عام گرميءَ واري درجي ۾ پاڻيٺ واري حالت ۾ هوندو آهي. جيئن نباتاتي تيلن ۾ مڪئيءَ جو تيل، ڪپهه جي ٻجن جو تيل، ناريل جو تيل، سويابين جو تيل ۽ سرنهن جو تيل شامل آهن. ڪپهه جي ٻجن کي نباتاتي گيهه لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اسان جي روزاني خوراڪ ۾ سڻڀ گهڻوڪري جانورن جي چرٻي ۽ مکڻ وغيره مان حاصل ٿئي ٿو. اسان جي جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ خوراڪ چرٻيءَ جي صورت ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي، جيڪا وري جسم ۾ کنڊ جي گهٽتائيءَ دوران گهڻي بک لڳڻ وقت ٽٽي يا ڀڄي توانائيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي، پر ڊاڪٽرن موجب گهڻي سڻڀ کائڻ کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ ڪولسٽرال ٿئي ٿو ۽ ان سان رت جي دوري ۾ مسئلو پيدا ٿئي ٿو. اڪثر ڪوليسٽرال دل جي بيمارين ۽ پتي ۾ پٿريءَ جو سبب به بڻجي ٿو ۽ ڪولسٽرال جانورن جي چرٻيءَ ۾ موجود هوندي آهي. سڻڀ توانائي حاصل ڪرڻ جو ٻيو اهم ذريعو آهي. هڪ گرام سڻڀ تقريباً 9000 ڪيلريون توانائي پيدا ڪري ٿو.
اسان جي روزمرهه جي شين جي استعمال ۾ توانائيءَ جو مقدار هن ريت ٿئي ٿو: چانور 0.7 ڪيلريون، آنا 1.3 ڪيلريون، مکڻ 81.0 ڪيلريون، ماءُ جو کير 3.8 ڪيلريون، ڳئون جو کير 3.5 ڪيلريون، ننڍو گوشت 12.5 ڪيلريون، مڇي 10 ڪيلريون، وڏو گوشت 9 ڪيلريون، ڪدو 0.2 ڪيلريون، نارنگيون 0.2 ڪيلريون، صوف 0.4 ڪيلريون.
سڻڀ جو متوازن استعمال، جاندارن جي صحت ۾ بهتري آڻي ٿو، پر گهڻو سڻڀ جاندارن جي صحت لاءِ هاڃيڪار به ثابت ٿئي ٿو.