سُهائي ابڙو

سُهائي ابڙو

سھائي ابڙو

سُھائي ابڙو: نئين ٽهيءَ جي ڪلاسيڪل اداڪارِ ۽ ڀارت ناٽيم ڊانسر سھائي ابڙو، مشھور چترڪار خدا بخش ابڙي ۽ نامور شاعرہ ۽ ليـکـڪا عـطـيـه دائـود جـي نياڻـي آهي. هن 23 سيپٽمبر 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. اي ليول تائين تعليم وٺـڻ دوران ئــي هـن پـرفــارمـنگ آرٽ ۾ پاڻ مـڃـائـي وڏي شـهـرت حـاصـل ڪـئـي آهي.
سھائي ابڙو، ڪٿڪ ناچ جي شاخ ڀارت ناٽيم جي سکيا وٺي رهي آهي. هن ستن سالن جي ننڍڙيءَ ڄمارکان پاڪستان جي نامياري ڪلاسيڪل ڪٿڪ ڊانسر شيما ڪرماڻيءَ وٽ ڪلاسيڪل رقص ۽ يوگا جي تربيت وٺڻ شروع ڪئي، جنهن کيس ڀارت ناٽيم، ڪٿڪ، مڻيپوري ۽ بـعــد ۾ جديد ۽ لوڪ نرتيه جي سکيا ڏني.
سهائيءَ تازو 2012ع ۾ The Lyceum School ڪراچيءَ مان برٽش سسٽم آف ايجوڪيشن مان ائڊوانسڊ ليول (سينئر سيڪنڊريءَ برابر) مڪمل ڪئي آهي.
ڪلاسيڪل رقص کان سواءِ سھائي ابڙو ڪجهہ ٽي. وي ڊرامن، ٽيلي فلمن، ٿيئٽر ناٽڪن ۽ دستاويزي فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي.
سھائي ابڙو، ننڍپڻ کان ئي پاڪستان توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪافي تقريبن ۾ پرفارم ڪري چڪي آهي، جن ۾: انڊو پاڪ پيس سيمينار، ڪراچي (2003)، اٺون بين الاقوامي اولمپيائي ايجوڪيشنل اسڪول ڪراچي (2006)، آرٽ فيسٽيول (2007، 2008)، ورلڊ ڊانس ڊي، ڪراچي (2007، 2008، 2009 ۽ 2010)، فيض: سؤ ساله جشن پروگرام (2011)، ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، ڪراچي (2011ع)، خسروءِ نسلِ نو (2011ع) ۽ نئشنل ڪميشن آف اسٽيٽس آف وومئن اِن پاڪستان، ڪراچي (2012ع) وغيرہ شامل آهن.
سهائي، پاڪستان کان سواءِ هندستان، نيپال ۽ ايران ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. هن ’عورتازاد تحريڪ‘ (تحريڪ نسوان) طرفان شيما ڪرماڻيءَ سان گڏجي، هندستان جو دورو بہ ڪيو، جتي هن دهلي، روهتڪ، لکنو، امرتسر، موگا، پٽيالا، لڌيانه، ڀٽنڊا، فيروزپوره، فريدڪوٽ، جالنڌر ۽ پنجاب جي شهرن ۾ ٿيئٽر ۽ ڪلاسيڪل رقص جي پرفارمنس ڪئي.
سهائيءَ، جن ٿيٽر ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو آهي، تن ۾: ‘A Thing of Beauty’ (ٿيٽر پلي، فروبيل ايجوڪيشن سينٽر ڪراچي، 2007ع)، ’جنين لاهور نهين ويکيا‘ ٿيٽر پلي (تحريڪ نسوان پاران، لاهور، ڪراچي ۽ دهلي وغيرہ ۾ 2007ع ۽ 2009ع)، ’جنگ اب نهين هو گي‘ (تحريڪ نسوان پاران دهلي، روهتڪ، لکنؤ: 2011ع)،
‘An evening of Classical Dance’ ۽ ‘4th Asia Girls (کٽمنڊو، سال 2007ع) شامل آهن.
سهائيءَ هم، ايڪسپريس ۽ اي. آر. واءِ (ARY) چئنلن تان نشر ٿيندڙ ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن: ’گڊي‘ (ٽيلي فلم: 2005ع)، ’امتل ڪي گلي‘
(2005ع)، ’شالي‘ (ٽيلي فلم: 2007ع)، ’ڀوپال والي بلقيس‘ (ٽيلي فلم: 2008ع)، ’ميري بيٽي‘ (ٽيلي فلم: 2008ع)، ’سنجها‘ (ڊراما سيريل: 2011-2012ع)، ’جشن کا دن هي‘ (2012ع)، ’تم مجهہ ۾ زندھہ هو‘
(ٽيلي فلم: 2012ع)، ’انا متا‘ (ٽيلي فلم، جيڪا اڃا رليز نہ ٿي آهي: 2012ع)،
’ڪس موسم ڪي تلاش مين‘ (ٽيلي فلم، جيڪا اڃا رليز نہ ٿي آهي: 2012ع)، ٿيٽر پلي ’ڪافڪا‘ (نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ، ڪراچي: 2012ع) ۾ پڻ اداڪاري ڪري چڪي آهي.
سھائي ابڙو، اردو زبان جي مايہ ناز شاعر ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار فھميدہ رياض جي شاعريءَ تي ٻَڌل ٻن ميوزڪ وڊيوز ’اسير شھزادي‘ (2001ع) ۽ ’عورت اور مرد برابر هين‘ (2011ع) ۾ پڻ فن جو مظاهرو ڪيو آهي، جيڪي عورتن جي حقن جي تنظيم ’تحريڪ نسوان‘ پاران رليز ڪيا ويا آهن.
هن ڪيترين ڊاڪيومينٽرين ۾ بہ ڪم ڪيو آهي، جھڙوڪ: ‘Brave Girl’ (تحريڪ نسوان، ڪراچي، 2005ع)، ‘Proud to be a girl’ (تحريڪ نسوان، ڪراچي، 2006ع).
ان کانسواءِ هن سنڌي موسيقيءَ جي ’دي اسڪيچز‘ گروپ طرفان هير رانجهو داستان تي مبني ميوزيڪل وڊيو ’عشق دا ڪلمه‘ (2012ع) ۾ پڻ پرفارم ڪري شھرت ماڻي آهي.


لفظ سھائي ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.09.23  عيسوي

نئين ٽهيءَ جي ڪلاسيڪل اداڪارِ ۽ ڀارت ناٽيم ڊانسر سهائي ابڙو، مشهور چترڪار خدا بخش ابڙي ۽ نامور شاعره ۽ ليـکـڪا عـطـيـه دائـود جـي نياڻـي آهي. هن 23 سيپٽمبر 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالحسن ڪبير سنڌي
صورت سنڌي
صدام حسين
جيوترام ويڙهومل مٽائي
درويش آلو
عبدالعزيز ٻرڙو انجنيئر
عبدالحئي گهوٽو مولانا
اسلم بيگ مرزا
البيروني ابو ريحان
عباس سارنگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون