سھاڻي فقير جو ميلو

سھاڻي فقير جو ميلو: سھاڻي فقير جو ميلو، هر سال 25، 26 ۽ 27 محرم الحرام تي ٻاروچي باغ، تعلقي هالا ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ اُتر ۽ لاڙ جا پهرئين جوڙ جا پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان سواءِ ميلي ۾ موت جو کوھہ، سرڪس، رڇ ۽ ڪتي جي ويڙھہ، ڀلن ڍڳن، اُٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جو انعامي مقابلو ۽ سٺا دڪان سينگاريندڙن ۾ بہ انعامي مقابلو ٿيندو آهي. هن ميلي ۾ موسيقيءَ جو پروگرام بہ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٽي. وي ۽ ريڊيو جا مشھور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو