سھتيه محلو

سھتيه محلو: ٺٽي جي قديم آڳاٽي جاگرافي بيان ڪندي پير حسام الدين راشدي ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”سھتيه محلو غالباً ارغونن جي ڏينهن کان بہ اڳ آباد هو. ارغونن جي دور ۾ سيد محمود گجراتي، جيڪو ٺٽي جي بخاري سيدن جو مورث اعليٰ هو، انهيءَ محلي ۾ اچي آباد ٿيو. اهو بزرگ جامع فرخ مسجد، جيڪا 938ھہ/ 1531ع ۾ تعمير ٿي، انهيءَ جو امام ۽ خطيب هو. ٺٽي جا مفتي بہ انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا. انهيءَ محلي ۾ ڪشمشن جو پاڙو بہ هو، جنهن جي ويجهو سيد ابراهيم ۽ پير کٿوريي جون قبرون هيون. انهيءَ محلي ۾ جيڪو شاهي رستو هو، ان تي سيد ابراهيم سمن جي دور جو بزرگ ۽ شاھہ ڪر گنج جو دوست پير البو پوريل هو. روايت آهي تہ پير شاھہ مراد هر آچر تي پير البي جي زيارت لاءِ اتي ايندو هو.
ٺٽي جا نامور جلد بند انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا ۽ سندن پاڙو خاص ۽ جدا هو. ٺٽي جو بزرگ سيد ابراهيم (متوفي: 963ھہ) اتي پوريل آهي. ان کانسواءِ ٻين ڪيترن بزرگن جون مزارون پڻ هن محلي ۾ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو