سھجرام توشڪچي: سھجرام اصل ۾ ڪلهوڙن جي توشاخاني جو سنڀاليندڙ هو. توشاخاني ۾ بادشاھہ جا قيمتي سامان ۽ ڪتاب هوندا آهن، جن جون ڪنجيون جنهن سنڀاليندڙ وٽ هونديون هيون، ان کي ’توشڪي‘ يا ’توشڪچي‘ چيو ويندو هو. سھجرام بہ ڪلهوڙن جو ’توشڪي‘ هو. سھجرام ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ’توشڪي‘ هو ۽ ڏاڍو ايماندار هو. ميان نور محمد جي دور ۾ جڏهن نادر شاھہ، سنڌ تي حملو ڪيو تہ سھجرام هيرا جواهر ۽ قلمي ناياب طلائي نسخا ائين لڪائي ڇڏيا، ڄڻ توشڪ ۾ هئا ئي ڪونه. جڏهن نادر شاھہ واپس ويو، تڏهن سھجرام اهو سڄو مال ميان نور محمد آڏو وڃي پيش ڪيو، جنهن کي ڏسي ميان نور محمد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سھجرام کي انعام ۽ اڪرام ڏنائين. واضح رهي تہ توشڪي سامان لڪائڻ ۾ ماهر هوندا هئا ۽ ان خفيہ جاءِ جي صرف توشڪي ۽ بادشاھہ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خبر نہ هوندي هئي.