سھرابي محل

سھرابي محل (ماڳ): هيءَ عاليشان محل، خيرپور ميرس ۾ هو، جيڪو پوءِ سئنيما ۾ تبديل ڪيو ويو. خيرپور ۾ مير سهراب خان ۽ سندس اولاد جي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان محل هو، جنهن ۾ ميرن جي ڏيڍين کانسواءِ هڪ ڪچهريءَ جو وڏو هال بہ هوندو هو، جتي عوام گڏ ٿيندو هو. اهو محل خيرپور شھر جي وچ ۾ هو، جتي سترهن شھزادا رهندا هئا، هن ئي محل تان مير سهراب خان 1830ع ۾ ڪري پيو ۽ دم ڏنو هئائين. اڄڪلھہ ان جڳھہ تي ٽالپر ٽاڪيز آهي. مير سهراب خان کان پوءِ مير رستم خان کي تعميراتي ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻو موقعو نہ مليو. سارو وقت محلاتي سازشن ۾ ڦاٿل رهيو. ان هوندي بہ سچل سرمست جو روضو ۽ رستم منزل سندس بھترين يادگار آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو