سھروردي (ذات): سھروردي تصوف جو سلسلو آهي، اڄڪلھہ ذات بہ ليکجي ٿي، جن جي نسبت ايران جي صوبي جبال جي ڳوٺ ’سهرورد‘ سان آهي. هن ڳوٺ جا ڪجهہ سيد عالم تبليغ خاطر هندستان ۽ پوءِ سنڌ آيا ۽ هتي مستقل طور آباد ٿيا. ان ڪري اباڻي ڳوٺ جي نسبت سان ’سھروردي‘ يا ’سھروردي سيد‘ سڏجڻ لڳا. شھاب الدين ابو خفص عمر ابن عبدالله شھاب الدين يحى بن حبش سهرورد، ملتان ۾ اسلام جي تعليم عام ڪئي، جتي سندس آخري آرامگاھہ موجود آهي.