سھروردي سلسلو

سـهـروردي سلـسلـو: تـصـوف جي دنيا جا چـار اهـم سـلـسـلا: سهروردي، چشتي، قادري ۽ نقشبندي خاص اهميت رکن ٿا. صوفين جا ڪي ٻيا سلسلا بہ معروف آهن، جن ۾ باطني، ملامتي ۽ قلندري سلسلا اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ مٿي ذڪر ڪيل چئن طريقن ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي ڪجهہ نوان سلسلا بہ پيدا ٿيا. ان هوندي بہ مکيہ اهميت ذڪر ڪيل چئن سلسلن کي حاصل پئي رهي آهي.
سھروردي سلسلي جو بنياد شيخ ابوالنجيب عبدالقاهر رکيو. جنهن سهرورد، ايران ۾ 1077ع ۾ جنم ورتو ۽ ان نسبت سان سھروردي سڏجڻ ۾ آيو. نامور صوفي امام محمد غزاليءَ جي ڀاءُ شيخ محمد ۽ سيد عبدالقادر جيلانيءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. ديني ۽ روحاني تعليم جي تڪميل کان پوءِ بغداد جي مشھور درسگاھہ ’نظاميه‘ ۾ مکيہ منصب تي رهيو. سن 1161ع ۾ بيت المقدس جي زيارت لاءِ روانو ٿيو، پر کيس ڪاميابي حاصل نہ ٿي. ان ڪري موٽي دمشق آيو ۽ درس تدريس ۾ مشغول رهيو. سندس هدايت ۽ وعظ عام ماڻهن تي تمام گهرو اثر ڇڏيو. اعليٰ درجي جو مصنف هو ۽ ڳچ ڪتاب لکيائين، جن مان ٻہ محفوظ رهيا.
شيخ ابو النجيب عبدالقاهر 1168ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪئي. سھروردي سلسلو جيتوڻيڪ اڳتي هلي وڌيڪ ٽن سلسلن: ڪبرويه، شطاريه ۽ فردوسيه ۾ تقسيم ٿيو. ليڪن هن خاص سھروردي طريقي کي، شيخ جي ڀائٽيي شيخ شھاب الدين عمر سهرورديءَ سنڀاليو ۽ پنهنجن خليفن ذريعي ان کي اسلامي دنيا ۾ پري پري تائين پھچايو. شيخ ابونجيب جو نسبي سلسلو حضرت ابوبڪر صديقرضه سان ملي ٿو. شيخ ابونجيب جي تعليمات جو خلاصو ڪجهہ هن طرح آهي: اخلاق، انتباه، فقر، صدق، صبر، رضا، اخلاص، توڪل علي الله، احوال، قرب، محبت، خوف، حياء، يقين، مشاهدو وغيرہ.
تصوف جي هن سلسلي جي وسعت لاءِ ان جي بانيءَ پنهنجن خليفن کي تيار ڪيو، جن اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ’سھروردي سلسلي‘ جو پرچار ڪيو. شيخ ابونجيب جي خليفي شيخ نجم الدين ڪبريٰ، ’ڪبرويه سلسلو‘ جاري ڪيو. عبدالله شطار خراساني، اٺين صدي هجري/ چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ خراسان مان هندستان آيو ۽ هتي اچي ’شطاريه (سھروردي) سلسلي‘ کي رائج ڪيائين. شيخ شرف الدين احمد منيري بہ ننڍي کنڊ ۾ آيو ۽ هتي فردوسيه (سھروردي) سلسلو جاري ڪيائين.
هن سلسلي کي پکيڙڻ ۾ شيخ ابونجيب کانسواءِ سندس ڀائٽيي شيخ شھاب الدين عمر ۽ سندس خليفن جو اهم ڪردار آهي. انهن خليفن برصغير ۾ سھروردي سلسلي جي واڌ ويجهہ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. شيخ جا چوڏهن مکيہ خليفا ٿي گذريا آهن، جن مان ڪجهہ جا نالا هن ريت آهن: (1) شيخ خواجہ عثمان هاروني، (2) شيـخ ضياء الـديـن رومي، (3) جلال الدين تبريزي، (4) قاضي حميد الدين ناگوري، (5) مخدوم نوح بکري، (6) شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني ۽ (7) شيخ سعدي. 1258ع ۾ بغداد جي تباهيءَ کانپوءِ شيخ شھاب الدين عُمر جا ڳچ پوئلڳ ۽ خليفا هند ۽ سنڌ ۾ پهتا، جن سھروردي سلسلي جي ترقيءَ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. لڏپلاڻ ڪندڙن ۾ شيخ شھاب الدين جو ڀاڻيجو فخرالدين عراقي بہ هو، جيڪو ملتان آيو ۽ شيخ بهاءُالدين زڪريا جو خليفو ٿيو. فخرالدين عراقيءَ جي شادي بہ بهاءُالدين زڪريا جي نياڻيءَ سان ٿي. شيخ شھاب الدين جي اولاد پڻ بغداد جي خون خرابيءَ (1258ع) کانپوءِ سنڌو ماٿريءَ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ ڪوٽ ڪروڙ (ملتان) ۾ اچي مقيم ٿيو.
بغداد جي تباهيءَ کانپوءِ خاص طرح سان سھروردي بزرگن جي برصغير طرف لڏپلاڻ جي ڪري، هن سلسلي کي سنڌ ۽ هندستان ۾ پکڙجڻ جو خاص موقعو مليو. سنڌ ۾ تصوف جي هن طريقي کي ابتدائي طور شيخ نوح بکريءَ مروج ڪيو. هي بزرگ شيخ زڪريا ملتانيءَ کان اڳ، ميان شھاب الدين عمر سهرورديءَ کان فيض وٺڻ بغداد ويو هو، جتي سندس نياز، نوڙت ۽ روحاني مرتبي کان گهڻو متاثر ٿيو هو. جڏهن بهاءُالدين زڪريا، شيخ عمر کان خلافت وٺي وطن موٽيو، تڏهن کيس هدايت ڪئي وئي تہ ملتان وڃڻ کان اڳ بکر ۾ شيخ نوح بکريءَ سان ضرور ملي. شيخ زڪريا بکر آيو تہ ان وقت تائين شيخ نوح بکري فوت ٿي چڪو هو. هن بزرگ سنڌ ۾ سھروردي سلسلي جا بنياد رکيا. ان کانپوءِ شيخ بھاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ، سنڌ ۽ ملتان ۾ هن سلسلي کي وڌيڪ وسعت ڏني ۽ ان جو پرچار ڪيو. سنڌ ۾ سھروردي سلسلي جو ٻيو شروع وارو ڪردار سيد محمد مڪي ٿي گذريو آهي. پاڻ شيخ شھاب الدين جو ڏوهٽو هو. هن جي مزار بہ شيخ نوح وانگر بکر ۾ آهي. هي سيد هند ۽ سنڌ جي رضوي ساداتن جو جد امجد آهي. شيخ شھاب الدين عمر بغداد ۾ سن 1234ع ۾ فوت ٿيو. سندس مزار بغداد جي ’شيخ عمر‘ محلي ۾ آهي. آخري عباسي خليفي مستعصم باالله کي بہ سندس پيرانديءَ کان دفنايو ويو هو.
سيد محمد مڪي 1248ع ۾ فوت ٿيو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي لکت موجب (حوالو: تحفة الڪرام) سندس خاص مزار بکر جي بادشاهي قلعي ۾ آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي اها روايت (پاڪستان ڪي صوفيانا تحريڪين، ص: 356، اردو) درست نہ آهي تہ سيد محمد مڪيءَ جي مزار سکر شھر ۾ آهي. سيد صاحب جي وڏي پٽ سيد بدرالدين پنھنجي نياڻي سيد جلال سرخ بخاريءَ جي نڪاح ۾ ڏني. سندس اها زال فوت ٿي تہ وري ٻيءَ شادي بہ بدرالدين شاھہ جي ٻي نياڻيءَ سان ڪيائين. سيد جلال اچ شريف کي آباد ڪيو. سيد محمد جي اولاد اڳتي هلي سڄيءَ سنڌ ۾ سھروردي ۽ ٻين صوفي سلسلن جو پرچار ڪيو. سيد محمد جو اولاد گهڻو وڌيو. روهڙي، سکر ۽ نصرپور جا رضوي سادات سندس اولاد مان آهن.
شيخ شھاب الدين عمر جو پٽ شيخ احمد عمادالدين (شيخ حمادي) بہ غالباً سنڌو ماٿريءَ ۾ آيو ۽ هتي سھروردي سلسلي جي پرچار ڪيائين. سندس ستين پيڙهيءَ مان شيخ شھاب الدين ثاني ٿي گذريو آهي، جنهن جي وفات سن 1488ع ۾ ٿي. هن بزرگ سنڌ جي قديم شھر پاٽ کي اچي وسايو ۽ اُهو سنڌ ۾ صديقي خاندان جو باني آهي. پاٽ، سيوهڻ ۽ برهانپور جا صديقي سندس اولاد آهن. سنڌ جي صديقي خاندان، سھروردي سلسلي جي پرچار لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. شيخ شھاب الدين جي مشھور ڪتاب ’عوارف المعارف‘ جو سنڌي ترجمو پڻ پاٽ جي رهاڪو ميان عبدالجبار صديقيءَ ڪيو آهي، جيڪو 1998ع ۾ حيدرآباد مان ڇپيو. سھروردي سلسلي جي حوالي سان هن ڪتاب کي بنيادي اهميت حاصل آهي.
مخدوم نوح صديقي هالائي، سنڌ ۾ سھروردي سلسلي جو هڪ مکيہ اولياءُ ٿي گذريو آهي. سندس وفات 1590ع ۾ ٿي. هُو ڄام نظام الدين
جي دور ۾ ڄائو. بلند درجي جو سھروردي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس همعصر سنڌي عالم مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، مخدوم نوح جو پڳ مٽ يار هو. مخدوم نوح کانپوءِ سندس اولاد ۽ خليفن سھروردي سلسلي جي وڏي خدمت ڪئي.
موجودہ پاڪستان جي سرحدن ۾ غوث بهاءُالدين (بهاءُالحق زڪريا ملتاني قريشيسھروردي سلسلي جي پرچار جو وڏو ذريعو ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخن ۾ اختلاف آهن. البت گهڻن عالمن موجب هي بزرگ 1170ع ۾ ڄائو ۽ سن 1267ع ۾ وفات ڪيائين. غوث صاحب سنڌ ۽ ملتان ۾ اسلام جي اشاعت ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. سندس خليفن ۽ خاص مريدن، تصوف جي هن طريقي لاءِ سنڌ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. غوث بھاءُ الدين، فريدالدين گنج شڪر، قلندر شھباز ۽ سيد جلال سرخ بخاريءَ ڪجهہ موقعن تي سنڌ ۾ گڏجي سيرسفر بہ ڪيو ۽ دين اسلام جي تبليغ بہ ڪئي. سنڌ ۾ غوث صاحب جا ڪي خاص خليفا يا مريد هن ريت ٿي گذريا آهن: (1) حاجي اسحاق سنڌي، مخدوم صاحب جي خليفي شيخ موسيٰ آهنگر لاهوريءَ (وفات: 1555ع) جو مريد هو. (2) پير عمر سھروردي اصل سنڌي هو، پوءِ ملتان ويو، جتي پير بھاءُ الدين جو مريد ٿيو ۽ هميشہ لاءِ ملتان ۾ رهيو ۽ فوت بہ اتي ٿيو. (3) شيخ اسماعيل قريشي عمرپوري، قريشي صديقي ڳوٺ حجرہ (سنڌ) سان تعلق رکندڙ، غوث بھاءُ الدين جو مريد ٿيو. ڪيترا سال ملتان ۾ رهيو. هن جو مقبرو ’عمرپور‘ ۾ آهي. (4) پير پٺو، اصل سنڌي، مڪلي ٽڪريءَ جي ڏاکڻين حصي تي رهندو هو ۽ غارن ۾ عبادت ڪندو هو. هڪ ڀيري غوث بھاءُ الدين ۽ قلندر لعل شھباز هن سان رهاڻ ڪرڻ لاءِ ٺٽي (مڪلي) آيا هئا. سندس ڳچ خليفا ۽ مريد هئا. شاھہ جميعل گرناري سندس خاص پوئلڳ هو. پير پٺو 1248ع ۾ فوت ٿيو. مڪليءَ ۾ سندس مزار اتي آهي، جتي پاڻ رياضتون ۽ عبادتون ڪيائين. شاھہ جميل جي مزار بہ اتي ئي آهي. (5) پير پٿورو اصل ميگهواڙ هو، پوءِ غوث بھاءُ الدين جي هٿ تي مسلمان ٿيو. ڪلهوڙا دور ۾ خواجہ محمد زمان لواريءَ جي حڪم تي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، پير پٿوري جي مزار تي ويو، جتي مقبرو ۽ مسجد ٺهرايائين.
(6) مخدوم جمار، غوث بھاءُ الدين جو مريد هو. سندس مقبرو راڻيپور جي ڏکڻ ۾ هڪ ميل جي مفاصلي تي، قومي شاهراھہ لڳ موجود آهي. مقبري جي ڀرسان گڏيجي شھر آهي (حوالو: پاڪستان ۾ صوفياڻه تحريڪون: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي). (7) سچل سرمست سنڌ جو مشھور صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سچل سرمست جو تعارف مخدوم ابوسعيد جي خاندان سان هو.
شيخ بھاءُ الدين جي پٽ صدرالدين ’عارف‘ (وفات: 1309ع) ۽ پوٽي رڪن عالم (وفات: 1334ع)، پڻ پنھنجي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي ڀيرا آيو ۽ سھروردي سلسلي کي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندن خاندان ۾ جڏهن وسعت آئي، تڏهن گهراڻي جي مختلف فردن ملتان کي ڇڏي سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ پهچڻ شروع ڪيو. ان ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بھاءُ الدين جي اولاد جون قبرون ۽ قبا ملن ٿا. اهڙن ديندار ماڻهن، سنڌ ۾ سھروردي سلسلي جي واڌ ويجهہ لاءِ ڪم ڪيو. ترخان دور ۾ هن خاندان جو شيخ عالي، سير سفر لاءِ ٺٽي آيو ۽ هتي اچي شادي ڪيائين ۽ هميشہ لاءِ ٺٽي جو ٿي ويو. هن 1589ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مڪليءَ تي آهي. شيخ ڪالو قريشي، غوث بھاءُ الدين جي اولاد مان هو. ترخان دور ۾ ٺٽي آيو. مشھور ترخاني امير مرزا خسرو چرڪس جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. شيخ جِيو بہ ملتاني پيرن جي اولاد مان هو. ٺٽي پهچي مڪلي وسايائين. هن جو مقبرو بہ مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ موجود آهي. سيد حسام الدين راشديءَ، ’مڪلي نامہ‘ جي حاشين ۾، شيخ ڪالو، شيخ عالي ۽ شيخ جيو (جيئو) متعلق مناسب مواد ڇڏيو آهي.
سنڌ ۾ سھروردي سلسلي جو هڪ وڌيڪ سگهارو ڪردار، مخدوم بلاول سمون پڻ نامور سھروردي صوفي ٿي گذريو آهي. هن سمن جي دور ۾ ٽلٽيءَ ۽ باغبان ۾ مدرسا جاري ڪيا ۽ درس ۽ تدريس ۾ مشغول رهيو. جمالي دهلوي، حج تي ويندي سنڌ مان گذريو هو. جمالي ۽ مخدوم بلاول جي پاڻ ۾ روح رهاڻ ٿي هئي. ان وقت مخدوم بلاول مشھور سھروردي ڪتاب ’عوارف المعارف‘ جو اڀياس ڪري رهيو هو. 1520ع ۾ ارغونن سنڏ فتح ڪئي ۽ ڄام نظام الدين جو سپھہ سالار دولھہ دريا خان شھيد ٿي ويو. ان کانپوءِ مخدوم بلاول، وطن جي بچاءَ لاءِ ڌارين سان معرڪا ڪيا. کيس 1522ع يا 1524ع ۾ شاھہ بيگ ارغون گهاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪرائي ڇڏيو. مشھور سياستدان ۽ اديب جي. ايم. سيد، مختلف ڪتابن ۽ زباني روايتن جي مدد سان، پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جا سورما‘ ۾ مخدوم بلاول جي سوانح جو خاڪو پيش ڪيو آهي. ان سان گڏ مخدوم صاحب جي خليفن جو ذڪر بہ ڪيو آهي، جيڪي سنڌ جي جدا جدا ماڳن تي، ارغونن ۽ ترخانن سان جنگ ۽ جدل ۾ مصروف رهيا.
سھروردي سلسلي بابت تمام گهڻو مواد موجود آهي. ان عنوان تي ڳچ ڪتاب لکيا ويا آهن. سنڌ ۾ سھروردي طريقي جي تاريخ ۽ ڪردار بابت مختصر طور مکيہ مکيہ ڳالهين کي هيٺ پيش ڪجي ٿو:
تصوف ۽ ان جا مکيہ سلسلا، اصل ۾ مُلن جي سخت گير پاليسين جي اصلاح لاءِ وجود ۾ آيا، تہ جيئن وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي دين اسلام جي دائري ۾ آڻي سگهجي. ان ڏس ۾ خاص طور هندستان جي حوالي سان صوفين جو وڏو ڪردار آهي. چشتي ۽ سھروردي صوفين کي دهلي سلطنت جي خاص مدد حاصل رهي. ملتان ۽ اچ جي صوفين کي اهم رتبو حاصل هو، جو بعض موقعن تي انهن سياسي معاملن ۾ بہ رياست جي مدد ڪئي. اچ ۽ ملتان جي سهروردين جا مقبرا، دهلي سلطنت جي توجھہ سان تعمير ٿيا. انهن مان ڪي اڄ بہ شان ۽ شوڪت سان موجود آهن. ان کان سواءِ سھروردي صوفين ’سماع‘ جي محفلن جي نہ رڳو اجازت ڏني، پر اهڙين مجلسن ۾ پاڻ بہ شريڪ ٿيندا هئا. ان ريت ثقافتي سرگرمين جي واڌويجهہ ۾ مدد ملي. پير حسام الدين راشدي ’مڪلي نامھ‘ ۾ ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي ۽ مڪليءَ تي سماع جي محفلن جو خاص ذڪر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر انصار زاهد خان (هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ)، سنڌ ۾ سھروردي بزرگن جي سرگرمين ۽ اثر بابت بهتر طريقي سان لکيو آهي. سھروردي سلسلي برصغير ۾ وڏيون تبديليون آنديون. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سھروردي سلسلي جا ڪيئي مثبت پاسا سامهون اچن ٿا.
جيئن تہ ابتدائي سھروردي صوفي، دهليءَ جي بادشاهن کي گهڻو ويجهو هئا، ان ڪري انهن جي وفات کانپوءِ، سندن مزارن تي عاليشان مقبرا تعمير ٿيا. بهاءُالدين زڪريا ۽ سندس پوٽي رڪن عالم جي مزارن تي تعمير ٿيل مقبرا فن تعمير جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا، ان کان سواءِ اڄ جي اوليائن جا مقبرا بہ دهلي سلطنت جي سعيي سان اڏيا ويا هئا.


لفظ سھروردي سلسلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو