سھول

سھول (ذات): سھول مسلمان سماٽ ذات آهي. ڪن علائقن ۾ سرائي ۽ جٽ بہ سڏجن ٿا. اصل ۾ هي هندستان جي علائقي ديره دون جا رهاڪو هئا، جتان انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ سبب ديري غازي خان ۾ اچي ويٺا، جنهن کانپوءِ سنڌ جي ڪجهہ علائقن ڏانهن بہ پکڙيا. هنن جو وڏو سردار سھو خان هو، جنهن کانپوءِ ان جو اولاد ’سھول‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. هي پنھنجي نالي اڳيان مھر لڳائن ٿا، جيئن مھر گل محمد سهول، ۽ مھر نظر حسين سھول وغيرہ. هنن جا ڪجهہ پاڙا تعلقي ميهڙ ۾ بہ ويٺل آهن، جيڪي سرائيڪي ڳالهائين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو