
سهڻي ۽ ميهار جي خيالي تصوير
سھڻي: سهڻي، ’سھڻي ميهار‘ جي مشھور نيم تاريخي ۽ عشقيہ قصي جو مشھور ڪردارآهي. ’سھڻي ميهار‘جو قصو سنڌ ۽ پنجاب ۾ مروج آهي. ڪي روايتون ان قصي کي پنجاب سان تي ڪي وري سنڌ سان منسوب ڪن ٿيون. بهرحال ڪهاڻيءَ جا بنيادي پهلو ساڳيا آهن، صرف معمولي تفاوت آهن. سهڻيءَ جي ڪردار کي پنجاب واري روايت موجب گجرات شھر سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، سندس پيءُ جو نالو تلا ڪنڀار هو. سھڻي پنھنجي نالي جيان سھڻي هئي، جنهن کي بخارا جي عزت بيگ نالي هڪ واپاريءَ سان محبت ٿي وئي، جيڪو سهڻيءَ سان ويجهڙائپ لاءِ پهريان تلا ڪنڀار جا ٿانو وٺي وڪڻندو رهيو ۽ جڏهن پئسو پائي ختم ٿي ويس ۽ تلا جو قرضي ٿي ويو تہ تلا ڪنڀار وٽ مينهن چارڻ لاءِ سندس نوڪر ٿي بيٺو، جنهنڪري ميهار (پنجابي قصي ۾ ’مهينوال‘) سڏيو ويو. سھڻي ۽ ميهار جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويو، سهڻيءَ جي مائٽن هڪ غير ذات جي ماڻهوءَ سان سندس پيار ڏسي سهڻيءَ جي شادي ’ڏم‘ نالي هڪ مائٽ سان ڪرائي ڇڏي، پر هوءَ پنھنجي هوڏ تان نہ لٿي ۽ گهڙي تي رات جو درياھہ تري ٻئي ڪناري ميهار سان ملڻ ويندي هئي. سندس ساهرن کي جڏهن ان ملاقات جي خبر پئي تہ هنن سهڻيءَ جي پڪي گهڙي جي جاءِ تي ڪچو دلو رکي ڇڏيو. نتيجي ۾ جڏهن رات جو هوءَ درياھہ ۾ گهڙي تہ اڌ واٽ تي ڪچو گهڙو ڀـُرڻ ۽ ڳرڻ لڳو ۽ سھڻي ٻڏڻ لڳي. ان مھل هن ميهار کي مدد لاءِ پڪاريو، جنهن پڻ درياھہ ۾ ٽپو ڏنو، ۽ ٻئي ڄڻا ٻڏي هڪ ٿي ويا.
سهڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جي سنڌ واري روايت ۾ ٿورو فرق آهي. مرزا قليچ بيگ سهڻيءَ بابت هڪ روايت بيان ڪندي لکيو آهي تہ: ”اها ذات جي ’واهوچي‘ هئي، جيڪا سنڌوءَ جي الهندي ڪناري تي رهندي هئي. ۽ سندس شادي ’ڏم‘ سان ٿي هئي، جيڪو ذات جو ’سامٽيو‘ هو ۽ ميهار جو اصل نالو ’ساهڙ‘ هو، جڏهن تہ سهڻيءَ جي قبر شھدادپور ويجهو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بہ هن قصي کي سنڌ جو قصو مڃي ٿو، جنهن لاءِ هن ڪيترائي دليل ڏنا آهن. هو سهڻيءَ کي ’جرڪت‘ يا ’جرڪس‘ نالي ذات جي هڪ ’سامٽيي‘ جي ڌيءَ چوي ٿو. جڏهن تہ اتر سنڌ جي هڪ ٻيءَ روايت موجب سھڻي ذات جي ’وهيڻتي‘ هئي ۽ لال نالي کٽيءَ جي ڌيءَ هئي. ڪن سگهڙن لفظ ’وهيڻتي‘ کي درياھہ جي وهڻ سان منسوب ڪيو آهي. بهرحال روايتن ۾ بيان ڪيل قصن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان سهڻيءَ جو ڪردار هڪ بي ڊپي ۽ بھادر عورت جي ڪردار طور اڀري اچي ٿو، جنهن پنھنجي ازلي محبت لاءِ زندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪندي، درياھہ جي دهشت کي نہ ليکيندي، پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو.
سهڻيءَ جي ڪردار کي سرائيڪي، پنجابي ۽ سنڌي شاعرن وڏي اهميت سان بيان ڪيو آهي، جو هن دلي محبت کي، زوريءَ مڙهيل سماجي رشتن تي ترجيح ڏني. سنڌي لوڪ ۽ روايتي شاعريءَ کان سواءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سهڻيءَ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. خاص ڪري شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کيس پنھنجي شاعريءَ ۾ تمثيلي حيثيت ڏني آهي ۽ سندس ميهار سان سچي سڪ ۽ زندگيءَ جي قربانيءَ کي اهميت سان ڳايو آهي. هن سهڻيءَ جي ميهار سان سڱ کي جائز سمجهيو آهي، ڇو تہ شادي دلين جي راضپي جو نالو آهي ۽ نہ سماجي زور زبردستيءَ واري نڪاح جو نالو. لطيف سائينءَ، ان ڪري ئي چيو آهي تہ:
ساهڙ ڌاران سهڻي، نسوري ناپاڪ
-
ساهڙ ڌاران سهڻي، اَڌوتي آهي . . .
سهڻيءَ جي محبت ۽ عظمت کي لطيف هن طرح ڳايو آهي:
جان جان هئي جيئري، ورچي نہ ويٺي،
وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.